|
مخدوم طالب الموليٰ 9 محرم الحرام 1338 هه ، 4 آڪٽوبر 1919 ع تي هالن نون ۾ ڄائو. سندس ڏاڏي حضرت مخدوم ظهيرالدين عرف مخدوم پرو ڄام 15 سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي لاڏاڻي بعد سندس پڦين ۽ ننڍي چاچي ميان غلام حيدر پاران سارسنڀال ڪئي وئي. هن قرآن جي تعليم آخوند ولي محمد کان ورتي. هن سنڌي تعليم جي شروعات عبدالغفور کان ڪئي ۽ مڪمل حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ڪئي. هن 14 سالن جي ڄمار ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي کان ورتي. هن انگريزي جا ٽي درجا غلام رضا ڀٽي وٽان حاصل ڪيا. سندس والد پاران ذهني تربيت ڪرڻ سميت پنهنجن معزز دوستن ۽ مريدن سان پڻ ملايو ويو. رئيس غلام محمد نظاماڻي سندس هم ڪلاسي هو. 26 جون 1938 ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس پيرميان امام علي صديقي جي ڀيڻ سان شادي ٿي، جنهن 14 نومبر 1940 ع تي وفات ڪئي. سندس ٻئي شادي 9 ڊسمبر 1942 ع تي مولوي فضل احمد غزنوي جي ڌيءُ سان ڪرائي وئي. هن 1934 ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي. هن هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪري ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري ڪيون. ”انجمن علم و ادب هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1 نومبر 1952 ع ڌاري هالا ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ”ماهوار فردوس“ رسالو سنڀاليندڙن جي هر لحاظ کان رهبري ڪئي پر رسالو سنڀاليندڙن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيڻ بعد رسالو پنهنجي نگراني هيٺ شايع ڪرائڻ لڳو. 1952 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”طالب الموليٰ “ رسالو ڪڍيو ويو. 1954 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”روح ادب“ ۽ ”ماهوار شاعر“ شايع ڪيا ويا. 1957 ع ۾ هي جميعت شعراء سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. هي سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه ڀيرا چيئرمين پڻ رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو تعداد 22 جي لڳ ڀڳ آهي، جن جو وچور هي آهي
سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر 1955 ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد وڌو ويو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان 1965 ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992 ع ۾ ”هلال امتياز“ جي اعزازن سان نوازيو. هي 11 جنوري 1993 ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
|
|
|