شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

ممتاز علي ڀٽو  


28 نومبر 1933

    ممتاز علي ڀٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ مير پور ڀٽو ۾ 28 نومبر 1933ع تي رئيس نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن وڌيڪ تعليم اتر پرديش جي ميسوري شهر جي جيوز جيس ڪاليج ۽ گوڙا گلي جي لارنس ڪاليج مان ورتي. هن انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪارسٽڪ ڪاليج ۾ جيوريس پروڊنس ۾ ايم اي ڪئي. هن لنڪنسن مان بئرسٽري جو امتحان پاس ڪيو. هن وطن موٽي ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي پر ذوالفقار علي ڀٽي کيس وڪالت ڪرڻ نه ڏني ۽ کيس سياست ۾ آندو. هيءَ 1965ع ۾ لاڙڪاڻي مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. هن 1971ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس 1971ع ۾ سنڌ جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ جڏهن عبوري آئين لاڳو ڪيو ويو. کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ کيس مواصلات جو وفاقي وزير ڪيو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ گرفتار ڪري کيس ساڍا چار سال جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيل ۾ بيمار ٿيڻ ڪري کيس 1984ع ۾ ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ موڪليو ويو. 1985ع ۾ هن لنڊن جي ڪائونٽي هال ڪنوينشن ۾ سنڌي- بلوچ ۽ پختون فرنٽ جو بنياد وڌو ۽ 1986ع جي شروع ۾ کيس پاڪستان ۾ فرنٽ جو باقاعده ڪنوينر چونڊيو ويو. 1989ع ۾ هن سنڌي - بلوچ ۽ پختون فرنٽ کي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ تبديل ڪيو. هن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي گڏي سنڌ قومي اتحاد جو بنياد وڌو ۽ کيس اتحاد جو چيئرمين ڪيو ويو. پر بعد ۾ ساڻس اتحاد ۾ ويٺل ڌرين پاران سهڪار نه ڪرڻ سبب هن چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني.

    ان کان اڳ هو 1997ع ۾ هو سنڌ جو نگران وڏو وزير پڻ رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي پهرئين دور حڪومت ۾ هي جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن مشهور ٻوليءَ وارو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو هو، جنهن سب مهاجر پنجابي پختون اتحاد پاران پهريون سنڌ ۾ نسلي فساد ڪرايا ويا هئا. ۽ ”رئيس امروهوي جنگ اخبار ۾ اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نکلي“ لکيو هو. ان بعد ممتاز صاحب کي ڏهيسر سنڌ جو لقب مليو هو.

 

 

واپس

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com