شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سوجهرو ۽ سارنگ منگي، حيدرآباد

رُڪ سنڌي

 

 

    سنڌ جو مشهور ليکڪ رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني جاڳو جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روازني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني ڪاوش حيدرآباد، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.

    رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، صحافت ۽ سياست سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي. جن ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“، ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ ڪتاب ڳڻائي سگهجن ٿا.

    رڪ سنڌي ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن، جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن.
 

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com