جيئن ته سنڌي ادب تمام وسيع آهي جيتري سنڌ جي تهّذيب پراڻي آهي اوتري ئي
سنڌي ادب جي تاريخ پراڻي آهي. وقت جي ڦرندڙ ڦيٿي سان سنڌي ادب ۾ به ترقي ۽
نواڻ ايندي رهي آهي.
اڄ جڏهن دنيا گلوبل وليج جو ڏيک ڏيئي رهي آهي *۽ ٻوليون پنهنجي بقا جي جنگ
انٽرنيٽ جي اليڪٽرانڪ صفحن تي وڙهي رهيون آهن ته اسان کي فخر آهي ته سنڌي
ٻولي به ڪنهن ٻي ٻولي کان گھٽ نه آهي. مصروفيتن واري هن دور ۾ ڪتاب وٺڻ ۽
پڙهڻ جو رجحان گھٽجي رهيو آهي. ۽ خاص طرح سان سنڌي زبان جي ڪتابن سان اِها
ڪيفيت آهي ته ان صورتحال ۾ اِها وقت جي تقاضا آهي ته سنڌي زبان ۾ هر موضوع
تي اليڪٽرانڪ مواد موجود هجي. انهي ڳالهه کي مدِنظر رکندي اسان پنهنجي ويب
سائيٽ جا ڪجھ صفحا سنڌي ادب لاءِ مختص ڪيا آهن جن ۾ پڙهندڙن لاءِ شاعري،
سماجي ۽ لوڪ ڪهاڻيون، لطيفا ۽ کل ڀوڳ جا معياري سلسلا ملي سگهندا. اسان کي
اميد آهي ته پڙهندڙن کي اسانجو هي سلسلو پسند ايندو. اسين هر هڪ سنڌيءَ
ڀاءُ کي گذارش ڪنداسين ته اگر توهان وٽ ڪو معياري مواد آهي ته اهو اسان
ڏانهن موڪلڻ فرمائيندا ته جيئن سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ ۾ اسان سڀ هڪٻئي جا
هٿ ونڊائي سگهون.
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google