سنڌ جو آواز

آفتاب احمد ٽالپر

            وائيس آف سنڌ معنى سنڌ جو آواز، سنڌ جو حقيقي آواز ڇا آهي. سنڌ جي آواز ۾ پڙاڏو به آهي ته ڪيڏارو به آهي سنڌ جو آواز مظلوم ۽ محڪوم به آهي ته طاقت ور ايوانن کي لوڏيندڙ مزاحمت جو سرواڻ به آهي. سنڌ جي صدا دٻايل ۽ پيڙهيل به آهي ته ساڳئي وقت سنڌ جو آواز امن جي علامت، سلامتي جو نشان، مهذب دنيا جو ترجمان، انسانيت جو پرچارڪ، ڀائپي، اخوت، رواداري جو امين آهي. سنڌ جي آواز ۾ مظلوم جي دانهن به آهي ته ظلم خلاف للڪار به آهي. سنڌ جو آواز صدين کان لتاڙيو ويو آهي ڪڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي گھوڙن جي ٽاڪوڙن ۾ دٻيو ويو آهي ته ڪڏهن مياڻي ۽ دُٻي جي جنگ کان پوءِ انهي کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. پر سنڌ جو آواز گھاڻن ۾ پيسجي به، گھوڙن جي پيرن ۽ ٽاڪوڙن ۾ لتاڙجي ۽ دٻدجي, بارود جي دونهين ۾ وڪوڙجي به، موجود آهي. اسين انهي سنڌ جا امين آهيون جنهن سنڌ جي ثقافت ۾ امن آهي، رواداري جي مِٺاس آهي.  پوءِ اها سنڌ ڪٿي آهي ۽ اڄ هي سنڌ جتي ته رڳو خون ۽ ڌاڙا آهن، روڊ بيگناهن جي رت سان رنگين آهن. زمين تان رت اڃان سُڪي ڪونه ٿي ته ٻي رت وهائي وڃي ٿي. هي سنڌ جو اصلي چهرو ناهي سنڌ جي اصلي حسين چهري کي سامراج خون، قبيلائي تڪرارن، سماجي برائين ۽ مفاد پرستي جي برقعي ۾ ڍڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اصلي چهري ۽ سڃاڻپ جي نشان کي نروار ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي عمل کي پرکڻو پوندو ته ڪٿي اسان پنهنجي عمل ۾ سنڌ وڃائڻ ۾ حصي داري ته ڪونه ڪري رهيا آهيون.

        اسان سنڌ وڃائي آهي انهن اهڃاڻن ۽ نشانن واري جيڪي صدين کان پرامن سنڌ جي سڃاڻپ هئا. انهي کي تاريخ جي ستم ظريفي چئون يا ٻيو ڪجھه ته وقت جي وهندڙ وهڪري ۾ خبر ناهي امن ۽ رواداري جي  اهڃاڻن واري جنهن سنڌ جو ذڪر ملي ٿو اها اسان کان ڪٿي وڃائجي ويئي آهي. اها سڃاڻپ ڪٿي ۽ اها سنڌ ڪٿي آهي؟ جنهن سنڌ خاطر هوشو نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. ڪالهه جي سامراج جي اڳيان هوشو انهي نعري تي ڳنڍ ڏيئي بيٺو ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ ممتا جي پيار ڀرئي آغوش ۾ جاءِ ورتائين ۽ سنڌ پنهنجي سُپوت پُٽ جي تاريخي قرباني کي قبول ڪيو. انهي قرباني پُٺيان ڪا اقتدار جي لالچ نه هئي، ڪا ڌن ۽ دولت جي هوس نه هئي. صرف پنهنجي ڌرتي سان پيار هو. انهي نعري تي ڄمي هوشو سنڌ جي سياسي، معاشي، اقتصادي ۽ جغرافيائي حقن ۽ وسيلن جي حفاظت ۾ نذرانو پيش ڪيو. اڄ اها سنڌ نٿي ملي؟؟ جتي هوشو جي اِنهي للڪار جو پڙاڏو گونجي؟؟ هوشو نعرو ڏنو ته انهي تحت پنهنجو ڪردار به پيش ڪيو جڏهن ته اسان بنهه مختلف آهيون. اسان وٽ صرف نعرا وڃي رهيا آهن. عمل ۽ حڪمت عملي کان خالي آهيون. اهي ڳالهيون اسان جي کوکلي پڻ جي نشاندهي ڪن ٿيون. اڄ هوشو جو روح سنڌ جي موجوده صورتحال تي يقينن ڪرب ۽ اذيت جا گھاءُ محسوس ڪندو هوندو. اڄ اسان جو حال ڇا آهي؟ اڄ اسان جي ليڊرن جو حال ڇا آهي؟ اسان ٽڪي تي سنڌ ڏيئڻ جي لاءِ تيار آهيون. صدين کان ٿيندڙ ڊراما بازي کان پوءِ به اسان رهبر ۽ رهزن جي سڃاڻپ جي صلاحيت پيدا نه ڪري سگھيا آهيون. اسان ڪڏهن پنهنجن ليڊرن جو احتساب ڪرڻ جي زحمت ڪانه ڪئي هر بار يتيم ٻار جيان هو اسان جي مٿي تي هٿ ڦيري وڃن ٿا ۽ پوءِ مسلسل يتيمي جا احساس سنڌ کي ڏنا وڃن ٿا. نتيجو اهو نڪتو ته اسان جا اڄ جا نام نهاد ليڊر اقتدار جي چُسڪي خاطر پنهنجي موروثي ملڪيت سمجھي سنڌ جون بهارون آڇي رهيا آهن. مفادن جي بازار ۾ سنڌ سستي واڪ ليڊر وڪڻڻ لاءِ آتيا بيٺا آهن. اها صورتحال سنڌ کي ڪٿي پڄائيندي؟ وقت آهي پنهنجي گريبان ۾ جانچڻ جو. پنهنجي عمل ۽ قول کي قوميت جي پاڇي هيٺ پرکڻ جو. پوين ڪجھه عرصي کان اسان ڇا ڇا نه وڃايو آهي وقت آهي انهي جي حساب ڪتاب جو. اسان کان آزادي جا احساس کسي غلامي جا گھاوَ ڏيئڻ ۾ اڃان ڇا ڪسر باقي ڇڏي ويئي آهي؟ اسان جا شهر جيڪي ڪنهن وقت امن ۽ علم جا علمبردار هئا. اڄ اهي شهر اسان جا پنهنجا نه رهيا آهن؟ هي سنڌ جو راڄڌاني وارو شهر ڪراچي آهي جنهن لاءِ ذهنيتن کي پرکيو پيو وڃي ته  آيا اسان اڃا به ڪي احساس رکون ٿا پنهنجي قوميت جو يا اسان صرف ذهني عياشي ۾ مبتلا آهيون. اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ صوبائي ادارن جا اهي اشتهار جنن ۾ ”ڪراچي ۽ سنڌ جي اميدوارن کان نوڪرين لاءِ درخواستون گھرائجن ٿيون“ جي لفظي معنى مان نڪرندڙ مفهوم مان هر هڪ سمجھي سگھي ٿو ته انهي جو مقصد ڇا هئڻ گھرجي؟ نوڪريون سنڌي نوجوانن کي مليون سي ته شايد ڪي خوابن ۾ ممڪن هجن. تازوئي سنڌي نوجوانن جي مستقبل تي مهرباني ڪندي ايم ڪيو ايم کي 50 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ باقي 50 سيڪڙو نوڪريون باقي سياسي ڌرين کي ڏنيون پيون وڃن. ڳالهه هڪ اڌ نوڪري جي هجي ها ته کڻي ڪنهن حد تائين اسان جي مجرمانه خاموشي جو ڪو جواز گھڙجي پوي ها پر هت سوال معاشي وسيلن، حق حڪمراني ۽ پنهنجي جغرافيائي حيثيت جي بقا جو آهي جنهن کان اسان وقت جي تيز رفتاري سان گڏ محروم ڪيا پيا وڃون. سنڌ جي نيلامي جي بازار اسلام آباد ۾ سجايل آهي جتي هرڪو پنهنجي حيثيت مطابق پنهنجي مفادن جي پوئيواري ۾ سنڌ وڪڻي رهيو آهي؟ ڪڏهن سنڌ جو پاڻي ڪالاباغ ڊئم جي بوتل ۾ سجائي نيلام لاءِ پيش ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن سنڌ جي معاشي وسيلن تي قبضن جا پروانا جاري ٿين ٿا. ۽ اسان جا اُهي ليڊر جنن کي اسان ووٽ ڏيئي پنهنجي حقن جو محافظ بڻائي اسيمبلين ۾ موڪليو آهي سي هر بار اسلام آباد جي انهي نيلام گھر جي دلال وٽ سستي واڪ سنڌ وڪڻي يا وڃائي موٽي اچي اسان کي خوشخبري ٻڌائين ٿا ته ”سنڌ جي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي“. سوديبازي جي لاءِ سنڌ وٽ ڇڏيو به ڇا ويو آهي؟ ايترو ڪجھه وڃائي ويهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ته رڳو بُک ۽ غربت باقي رهي آهي. سکن جي لاءِ سِڪندڙ چهرا ۽ ڏکن کي قسمتن ۽ نصيبن جا کيل سمجھي قبول ڪندڙ هنن سادن ماروئڙن وٽ بکايل پيٽ ۽ ليڙون ليڙون ٿيل لباس ۽ ڏکن ۽ بکن جي پيڙا جا احساس ڏيندڙ چهرن جي ٻيو باقي به ڇا رهيو آهي جيڪو اڃان سوديبازي جي لاءِ استعمال ڪري سگھجي؟ اهي سڀ ڳالهيون ۽ پيش ايندڙ حالتون اسانکي پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ ۽ سوچڻ جو درس ڏيئي رهيون آهن. اسان جيستائين پنهنجو پاڻ کي قوم جي حيثيت ۾ سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين تيستائين نه صرف پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن کان محروم رکيا وينداسين پر خود هي ڌرتي به اسان جي لاءِ اوپري بڻجي ويندي. وقت جي پيش ايندڙ چئلينجن ۽ سامراجي هٿڪنڊن جو مقابلو صرف ٻڌي سان ئي ممڪن آهي. پارٽي بازيءَ ۽ الزامن واري سياست جي گنجائش هاڻ تمام گھٽجي ويئي آهي وقت جي مهلت تيزي سان ختم ٿيندي پئي وڃي. حالتون اسان کان پنهنجي وجود جي بقا جي بدلي ۾ ڪنهن سنجيده ڪردار کي طلبي رهيون آهن. اهڙو ڪردار ۽ عمل جيڪو قومن جي تاريخ ۾ ڪنهن تاريخي تبديلي جو پيش خيمو ثابت ٿيندو آهي. انهي تبديلي جو پهريون مرحلو ذهن سازي ۽ عمل سازي آهي. ڇاڪاڻ ته سامراجي عزائم جي تڪميل جي لاءِ وري به اسان استعمال ٿي رهيا آهيون. سامراجين هٿ وٺي سنڌ ۾ هٿيار پهچايا پر انهن هٿيارن کي استعمال ڪندڙ قبيلائي تڪرارن ۾ وري به سنڌي چورائيندڙ ئي آهن. سامراج منشيات جي رواج کي عام ڪيو پر وري منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ واپرائيندڙ ته اسان جا پنهنجا ئي آهن؟ ڇا اسان پنهنجن انهن عملن جي ڪري سامراجي قوتن سان حصي داري ته نه ڪري رهيا آهيون؟ ڇا جيئي سنڌ جي نعري تحت اسان جو عملي ڪردار به آهي؟ يا اسان قول ۽ عمل جي تضاد جو شڪار آهيون. ٻين تي الزام بجا پر ڪجھه نظر پنهنجي گريبان ۾ ضروري آهي پهرين پنهنجي ڪردار ۽ عمل کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن اسان پاڻ صحيح ٿي وينداسين ته پوءِ ڪير به اسان کي پنهنجي غلط سوچ جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگھي. انهي جي لاءِ ذهن ۽ ڪردار سازي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ ۾ قوم هئڻ جو احساس ڌاري وياسين ته هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي وسيلن جا پاڻ مالڪ ٿي سگھنداسين ۽ تاريخ جي رجسٽر ۾ وري ڪامياب قوم جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو داخل ڪري سگھنداسين.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net