سنڌي ٻولي، ماضي حال ۽ مستقبل

پروفيسر اعجاز قريشي                قسط نمبر 1

ٻولي انساني تاريخ جي سڀ کان اهم ترين پيداوار آهي. ٻوليءَ سببان ئي اها ڳالهه ممڪن ٿي سگھي آهي، جو هڪ ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ٿي سگھي جيڪو ان کي سماج جي وڌندڙ گھرجن ۽ ترقيءَ ڏانهن لاڙي جي اثر هيٺ اڃا به ڏاهپ سان ڀرپور بنائي، پنهنجي اڳئين نسل کي منتقل ڪري ۽ ائين اهو سفر ڏاڪي به ڏاڪي هلندي هلندي اچي اٿاهه سماجي، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جي دؤر ۾ پهتو آهي.

تاريخ جي هر مخصوص ڏاڪي تي موجوده نسل جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي سماج جي ترقي، جيڪا هزار سالن تي ڦهليل سَون نسلن جي پورهيي جي پيداوار آهي، ان کي اڃا به وڌيڪ سگھارو، وڌيڪ بهتر، وڌيڪ انصاف ڀريو بنائڻ ۽ ايندڙ نسل لاءِ زندگيءَ جون بهتر حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ۽ انهن مڙني ڳالهين لاءِ ٻين سڀن کان سواءِ ٻولي جي بچاءُ، واڌاري، ٻين تبديلين ۽ ترقيءَ جي پاڻ ۾ سمجھڻ جي سگھه پيدا ڪري.

اڄ جي سڄي انسان ذات جي ترقي انساني سماج جي جڙڻ جي پيداوار آهي، سماج جي ترقي ٻوليءَ کي به وڌيڪ ترقي يافته بنائي ٿي ۽ موٽ ۾ ٻوليءَ جي ترقي به سماج جي ترقيءَ تي گھرو اثر ڇڏي ٿي، خاص ڪري قومي ثقافتي شعور جي واڌاري تي.

ٻولي به قوم جو مڪمل روان دوان ثقافتي، نفسياتي نظام آهي، جيڪو ان جي حاصلاتن، ڏاهپ، جذبن، خوابن، خواهشن ۽ امنگن سان ڀرپور رهي ٿو، تنهن ڪري جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن به مخصوص ڏاڪي تي ڪو به موجوده نسل پنهنجيءَ زبان جي بچاءَ ۽ واڌاري ۾ ناڪام وڃي ٿو ته هو پاڻ کان اڳ جي ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ نسلن جو جوابدار ۽ ڏوهي بنجي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي ٻوليءَ جي ماهرن (Linguists) لاءِ ڇڏيندي ته هو ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڳولي لهن، جيڪو ڪم تاريخي مواد جي کوٽ سببان اڃا انوماني (Hypothetical) ڏاڪي تي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪي ڳالهيون يقين سان چئي سگھجن ٿيون.

ظاهر آهي ته دنيا جو هيءُ حصو پنهنجي قدرتي وسيلن سان مالامال هئڻ ڪري، انساني وسندين سان ڀرپور رهيو آهي. انهيءَ جا مثال دنيا جي وڏي ۾ وڏي Stone Age Site اروڙ (روهڙي)، موهن جو دڙو ۽ ٻين انيڪ ٓArcheological Sites. جيئن ته ان وقت به ماڻهو ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا. جيڪا اڄ جي ٻوليءَ کان لازمي طور تي مختلف هوندي. پر جيئن ته ٻوليءَ جي ترقي هڪ لڳاتار ۽ بنا وقفي عمل آهي، تنهن ڪري اهو سمجھڻ ته سنڌ جي ماڻهن اوچتو ئي اوچتو ڪا ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي هوندي، يا ڪنهن وقت سنڌ ۾ رهندڙ ڪو هڪ نسل مڪمل طور فنا ٿي ويو هجي ۽ ڪنهن ٻئي نسل اچي ڪا بلڪل ئي ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي هجي، سو ممڪن نه ٿو لڳي. تنهن ڪري اسان اهو سمجھڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اڄ جي سنڌي ٻولي لازمي طرح ان ٻوليءَ جي ترقي يافته شڪل آهي جا اڄ کان گھٽ ۾ گھٽ 7000 ست هزار سال اڳ ڌرتيءَ جي هن خطي تي ڳالهائي ويندي هئي. مثال طور، موهن جي دڙي مان ڏاند گاڏي ملي آهي ان جو مطلب ته لفظ ”ڏاند“، ”گاڏي“، ”ڦيٿو“ ۽ ڏاند گاڏيءَ سان لاڳاپيل ٻين اوزارن جا ضرور نالا هوندا. ڀلي اُهي اِهي نه هجن جيڪي اڄوڪي دؤر ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. ان کانسواءِ موهن جي دڙي ڀرپاسي درياهه جي پاڻيءَ تي مڪمل زراعت ٿيندي هئي لازمي طور ان وقت زراعت جي پوري مقامي ٽرمنالاجي موجود هئڻ کپي. ظاهر ڳالهه آهي ته ماڻهو گونگا ته نه هئا، ان سلسلي ۾ اهو به چئجي ته موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جو مجسمو مليو آهي، جنهن مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي جي ديس ۾ ٻولي ايتري ته ترقي يافته ٿي چڪي هئي جو ان ۾ راڳ ۽ رقص ٿي سگھندو هو، سوچڻ اهو گھرجي ته ناچڻي ائين پنهنجو پاڻ ته نه نچندي هوندي. اِهي ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي گمان اهو ٻڌائين ٿا ته سنڌي ٻولي صدين کان هلندي پئي اچي. جيئن ڪاڪي ڀيرومل ان کي پراڪرت جي ڌيءَ ڄاڻايو آهي ۽ ياد رهي ته پراڪرت وري سنسڪرت جي بگڙيل شڪل آهي ۽ اهو به واضح ڪجي ته سنسڪرت ٻوليءَ ٻوليدانن جو اهو چوڻ آهي ته اها ٻاهران ايندڙ آرين جي ٻولي هئي. اتان ئي اندازو لڳائجي ته آرين جي آمد کان اڳ، موهن جو دڙو آباد هو جتي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، هڪ اعلى تهذيب پنهنجي پوري روح سان روان دوان هئي، گھر هئا، گھرن ۾ روشنيون هيون، گھٽيون هيون ۽ انهن ۾ هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو هئا، ميڙو ڪرڻ جي لاءِ هنڌ ۽ ٿاڪ هئا. اهو سڀ ڪجھه ڪنهن ٻوليءَ جي غير موجودگيءَ کان سواءِ ڪيئن ٿي سگھي ٿو! ان ڪري آءُ پنهنجي ان راءِ تي واپس ٿو اچان ته سنڌي ٻولي آرين جي اڳ واري زماني جي آهي ۽ اها ڪنهن ٻي زبان مان ڦٽي نه نڪتي آهي، پر ائين ضرور ٿي سگھي ٿو ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻين ٻولين جو ان جي مٿان اثر ٿيو هجي ۽ لازمي طور ٻولين جو ٻولين جي مٿان اثر ٿيندو آهي. اسان جي ڪجھه ٻوليدانن کي تاريخي شعور نه هئڻ ڪري ڪجھه غلط فهميون آهن. جيڪڏهن هو حقيقي بنيادن تي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪن ته اها آرسي تي اڳيان ئي پئي آهي جنهن ۾ چٽا پٽا عڪس ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.

سنڌي ٻولي هڪ تمام وسيع، ڀرپور ۽ هر ثقافتي سماجي سياسي ۽ سائنسي واڌاري کي اظهار جو روپ ڏيڻ جي سگھه رکي ٿي. منهنجو بنيادي مقصد صرف هيءُ آهي ته آئون سنڌي ٻوليءَ تي جيڪو ڪردار ڪرڻو آهي ان جي تياريءَ لاءِ ڪي امڪاني رٿون هتي رکان.

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال تمام ٿورا ملندا، جنهن ۾ سنڌيءَ جھڙي ڪنهن ترقي يافته ٻوليءَ سان ڪي اهڙا ڪلور ٿيا هجن، جن جي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊراجيو وڃن. آئون سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي مختلف دؤرن ۾ ورهائيندس ۽ گڏوگڏ انهيءَ جي سنڌيءَ سماج تي ٿيل اثرن ۽ سنڌي سماج جي موٽ ۾ ڪيل جدوجھد ( Resistence Offered ) جو ذڪر ڪندس.

عربن کان پوءِ سنڌ ۾ هتي جي اصلي (مقامي ماڻهن)، سومرن ۽ سمن جون حڪومتون قائم ٿيون. جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي سماج جي پنهنجين حالتن پٽاندڙ واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿيون. پر ان کان پوءِ ايندڙ حاڪمن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ درٻاري زبان جو اختيار فارسيءَ کي حاصل ٿيو، ۽ پوءِ جي ايندڙ حڪمرانن به پاڻ ۽ عوام ۾ ويڇي کي قائم رکڻ لاءِ، فارسي زبان کي فضيلت بخشي ۽ ائين فارسي ڳالهائڻ ڄڻ ڏاهپ ۽ داشمنديءَ جي نشاني بڻجي ويئي، نه صرف ايترو پر سماجي مرتبي ۽ عهدي لاءِ به فارسيءَ کي ذريعو بنايو ويو. تنهن ڪري اِهوپهاڪو جڙيو ته: ”فارسي گھوڙي چاڙهسي.“

پر سنڌ جي محبِ وطن ماڻهن پنهنجن شعرن ۽ پهاڪن ذريعي انهيءَ بالادستيءَ خلاف نفرت جو اظهار ڪيو، جيئن لطيف سائين جو هي بيت:

جي تون فارسي پڙهيو، تان گولو تون غلام       
اڃيو تان آب گھري، بکيو تان طعام
ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجھان ڪين ٿئي

گڏوگڏ سنڌ جي ڏاهن هڪ لمحي لاءِ به سنڌي زبان جي زندگيءَ سان ڀرپور درياهه کي سُڪڻ نه ڏنو. اڄ اسان وٽ اسان جو جيڪو قديم (اڄ به ترقي پسند ۽ جديد) ادب موجود آهي، سو ان دؤر جي پيداوار آهي، جو اڄ به اسان جي روح کي گرمائي ٿو، اڄ به اسان کي پنهنجن مارن ماڻهن، پنهنجي وطن پنهنجن اباڻن پَٽن سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو.

اڄ اسان ۾ هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي قومي ورثي ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ جو تمام ڀرپور جذبو موجود آهي، سو ان ادبي ورثي جي پيداوار آهي ۽ اهو ورثو وائين، ڪافين، بيتن، پهاڪن، چوڻين، ڏند ڪٿائن،  دوهن، قصن، نثري ۽ نصاب، تاريخي ۽ مذهب ادب جي سَون جلدن تي مشتمل آهي. انهيءَ دؤر ۾ جن ماڻهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ اچرج ۾ وجھڻ جھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا تن ۾ شاهه عبدالڪريم، لطيف سائين، ميون شاهه عنايت، سچل، سامي، بيدل، بيڪس ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا ـــــــــ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ٻيو دؤر انگريزن جو هتي اچڻ وارو آهي. انگريزن هتي اچڻ سان پنهنجين اقتصادي ضرورتن جي تحت سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو ۽ انهن مڙني انگريز عالمن جن سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو تن کي سنڌي ٻوليءَ جي گھرائي، پختگي ۽ وسعت اچرج ۾ وجھي ڇڏيو.

ڊاڪٽر سورلي چوي ٿو ته ”عام طور هر ٻولي ان جي ڳالهائڻ وارن کي سمجھڻ جو هڪ وسيلو هوندي آهي، سنڌي ٻولي به موزون اظهار جو هڪ اهڙو ئي سهڻو ۽ سولو وسيلو آهي. جنهن کي انهن تهذيب لاءِ ڪم آندو ٿي وڃي جن لاءِ اها ٺهي راس ٿي آهي، اها تهذيب، زرعي، امن پسند ۽ ڳوٺاڻي ڪلچر تي ٻڌل تهذيب آهي جنهن کي اتان جي محنتي ۽ سانتيڪن ماڻهن وڌيڪ ترقي ڏني آهي.

انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي اظهار جي انهيءَ قدر کي پرکيندي، ان جي الفابيٽ کي ترتيب ڏنو ۽ ائين ان جو رسم الحظ طئي ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نصابي ۽ مڙني سرڪاري ڪمن ڪارين، روينيو ۽ جوڊيشنل ۾ نافذ ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار جي سنڌ ۾ هڪ ڪمشنر 25 مارچ 1857ع تي سرڪيولر جاري ڪيو.

اهڙيءَ طرح انگريز دؤر جو مشهور عالم ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ــــــــــ جنهن سنڌ جي ٻوليءَ ۽ گرامر تي اهم ڪم ڪيو آهي ـــــــــ جي ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀرپور عظمت جو اظهار ٿئي ٿو.

ساڳي طرح جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جنهن سڀ کان اول شاهه جو رسالو جرمنيءَ ۾ ڇپرايو، پنهنجي هڪ املهه ڪتاب ”سنڌي گرامر“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شاندار لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.                                                                                                (هلندڙ)


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net