اسين روح جي لباس ۾ گناه سِبي رهيا آهيون ....

aalapbanbhan@yahoo.com

نثار ٻانڀڻ، ڪراچي

پرڀات جي رنگن جھڙو اسان جو منُ، اُداسي ۽ ويڳاڻپ جون سفنيون تخليق ڪري جڏھن جيون ۾ نوان پيچرا جوڙيندو آھي تـه ائين محسوس ٿيندو ڄڻ الله سائين حيات تيsignature ڪري کيس پنھنجن پيرڙن کي ماڻڻ لاءِ نا اُميديءَ جو سمنڊ ساڻ ڏئي، اُميد جي درياءَ ۾ ڇڏي ڏنو ھجي، شايد اِن لاءِ تـه فطرت جي اصول تحت ڪڏھن بـه درياءَ سمنڊ کان سواءِ ڪنھنجي بـه ھنج ۾ نـ آيا آھن، (اھا ٻئي ڳالھـ آھي تـه غير فطري طرح سنڌوءَ کي سوڙھو ڪيو ويو آھي).

جوڀن جي گھوڙي تي سوار اڄ جي دؤر جي اُداسي ۽ ويڳاڻپ جيڪا جوڀن جي سرحد کان، ڪجھـه پل پھريان انتھا تائين پھچي عجيب قسم جي بي يقيني وڇائي ڇڏين ٿا، جيڪا ذھنن کي ھڪ سطح جي محور ۾ آڻي بيھاري ٿي ۽ پوءِ اسان پارا فھم کان خالي ماڻھو، ھن سماجي جوڙ جڪ ۾ پوريءَ طرح فِٽ نـه ٿا ٿي سگھن، پرک نـه ٿي پوي تـه آيا اسان جي ذھني وسعتن کي ۽ ھن موجودھ سماج کي ڪھڙي قوت پنھنجي محور ۾ ڦيرائي ٿي ۽ مسلسل ڦيرائيندي رھي ٿي. ھڪ فھم ڀري راءِ آھي تـه ڪا Think Tank آھي، جيڪا اسان کي منجھائي بيٺي آھي، ھاڻ سوچڻو آھي تـه ڪيترو منجھائي ٿي ۽ ڪھڙن ڪھڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿي..؟

اھو ھڪ حتمي خيال آھي تـه ڄائي ڄم کان ڪوبـه ڄام ڪونھي، جڏھن ٻار ڄمي ٿو تڏھن ھن جو دماغ ڪنھن بـه قسم جي مخصوص لياقت يا صلاحيت جو مالڪ ٿي پيدا ڪو نـه ٿو ٿئي پر ھن وٽ ھن جي دماغ ۾ اُھي ئي صلاحيتون، لياقتون ۽ گڻ پيدا ٿين ٿا، جيڪي ھن جي ذھن تائين پھچايا وڃن ٿا. اسان مان جيڪو ماڻھو جيڪو بـه فن، ھنر يا علم ڄاڻي ٿو ۽ جيترو ڄاڻي ٿو اھو ان ڪري آھي جو اھو ھنر، فن، علم کيس سيکاريو ويو آھي ۽ جيڪو ڪجھـه نـه ٿو ڄاڻي اھو ان ڪري جو کيس اھو نـه سيکاريو ويو آھي. منھنجي خيال مطابق اسان جي سوچ سمجھـه ۽ ڄاڻ اسانجو شعور آھي، اسان جون روحاني قوتون اسان جا جذبا آھن احساس ۽ خواھشون اسان جا عقيدا، ايمان ۽ ويساھ آھن. احساس، خيال، خواھش، تصور، سوچ، جذبا، ذھانت، عقل ۽ ڄاڻ کي شعور چئجي ٿو ۽ دماغ شعور جو محتاج ڪونھي پر شعور دماغ جو محتاج آھي، ميديڪل پوائنٽ آف ويو آھي تـه دماغ مادي جو ٺھيل آھي، اِتي اھو بـه چئي سگھجي ٿو تـه مادو شعور جو محتاج ڪونھي پر شعور مادي جو محتاج آھي. اِتي سوال اِهو ٿو اُڀري تـه ڇا دماغ خيال پاڻ ٿو پيدا ڪري ..؟ سائنسي کوجنا موجب پھريان اسانجي آڏو حقيقت پيش ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ ان جو عڪس ٺھي ٿو. اسين جيڪڏھن ڪنھن حقيقت بابت نـه ٿا ڄاڻون تـه ان جو اسان جي دماغ ۾ ڪوبـه تصور نـ ٺھندو، ڪنھن بـه شئي جو تصور اھا شئي پاڻ نـه آھي پر ان جو عڪس آھي ۔

اسين جيڪي پنھنجي نسلن لاءِcharismatic آھيون سي پنھنجن وڏڙن جي آدرشن ارمانن کي نظر انداز ڪري ڪھڙي چڪريءِ ۾ ڦري رھيا آھيون، اھا قوت جيڪا اسان جي نفسيات کي نوان موڙ ڏئي ٿي اُن جي نشاندھي ڪئين ڪجي..؟

اھي سوال اسان جي من ۾ ڪر تـه کڻن ٿا پر اسين انھن جي تھـه تائين نـه ٿا پھچون، ڪافي وقت کان اسان جا دوست مختلف مسئلن کي کڻي، پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان نوان پيچرا ۽ راھون جوڙي رھيا آھن، انھن دوستن جي creations ۾ اسان جي مسئلن ۽ اسان جي سامھون واري قوت جي حرفتن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، پر اصل مسئلو نشاندھي ڪرڻ ۽ انھن جي تڪڙي حل ٻڌائڻ سان سڀ ڪجھـ بھتر نـه ٿيندو، پر مسئلو اھو آھي تـه اُن قوت جنھن کي Think Tank جي نانءُ سان محسوس ڪيو ويندو آھي، جي توڙ کي ڳوليو، سولن لفظن ۾ تـه راند ڪرڻ گھرو ٿا تـه پھريان راند سکو ۽ پوءِ کيڏو تڏھن ئي تـه کيڏڻ ۾ مزو ايندو.

اھا قوت جيڪا اسان جي نئين نسل کي ھڪ منظم حڪمت عمليءَ تحت ڪڏھن ميڊيا تـه وري ڪڏھن سرسبز انقلاب جي ھڪ منظم خواب جي ھٿيار سان ويڳاڻو بڻائي ٿي، اسان کيisolated ۽ disheartened بڻائي ٿي ۽ پوءِ اسين الاءِ ڪھڙن ڪھڙن مونجھارن ۾ ئي رھڻ لڳون ٿا. اھو سڀ ڪجھـه ائين ڇو آھي ..؟

انھن سڀني سوالن جو جواب صرف ئي صرف اِھو آھي تـه اسان کي ھڪ اھڙي محور ۾ آندو ويو آھي جنھن اسان مان سارو سَت ۽ وَت ڇڏائي ڇڏيو آھي، سو اھڙي ماحول کي جنم ڏيندڙ قوت جي توڙ لاءِ سوچيو. اسان جيPrimary Intellectuals ۽ So-called Intellectuals ڪڏھن بـه اھا تڪليف نـه ڪئي آھي تـه اسان جي نفسيات جي ڇنڊ ڇاڻ ڪن ۽ اھا پرک رکن تـه اسين ڪھڙن گسن ڏانھن وڃي رھيا آھيون، اھڙي ڄاڻ ئي اسان ۾responsiveness پيدا ڪري سگھي ٿي. مان انھن دانشورن جي ڳالھـه نـه پيو ڪريان جيڪي ھميشـ پاڻ ۾ ئي رھندا آھن ۽ ھو سمجھندا آھن تـه اسان سڀ فرض پورا ڪري ڇڏيا، ڇوتـه انھن ويچارن تي ھاڻ ڪھڙي معيار پر مان انھي جي ڳالھـ پيو ڪريان جن اسان جي ھن سموري سماجي تاڃي پيٽي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھٿ تي ھٿ رکيو ويٺو آھي، انھن قوتن جي گناھن جو ڀاڱي ڀائيوار ٿيو ويٺو آھي، ان عمل کي اسين صرف اھو نانءُ ڏينداسين تـه اھا  Hypocrisy آھي، پاڻ سان، قوم سان ۽ ڌرتيءَ سان اھو عمل آھي جنھن جي لاءِ Beyond doubt واري حالت اچي ٿي. ھن لمحي آئون صرف ايترو عرض ڪرڻ چاھيان ٿو تـه اسين ويڳاڻپ اداسي ۽ مونجھارن کي اندر مان ڪئين کرڙي ۽ رھڙي ڪڍون...؟ کوڙ سارن ھم خيال دوستن سان ڪچھريون جُڙيون ۽ ڪجھـ ھن ريت نقطا سامھون آيا.

پھريون آھيIntuition ھيءَ اھا راھ آھي جنھن لاءِ سولن لفظن ۾ وجداني راھ ئي چئي سگھجي ٿو، يعني Rapture Way پر اصطلاحي سٽن ۾ تـه ھيءَ راھ آھي جنھن ۾ ماڻھوءَ جي شعور ۽ سجاڳيءَ کي ھڪ منصوبي سان ڊگھي تربيت ۾ اينگھايو وڃي ٿو ۽ ماڻھن طرفان مھيا ڪيل ڄاڻ، سير سفر، تفريحن مان مليل ڄاڻ کي ھميشـه سامھون ۽ اھم حيثيت ۽ اھميت ڏئي رکيو ويندو آھي، خاص ڪري World environment سياسي نظرين، حالتن، اثرن، قدرن، سماجي جوڙجڪ انساني حق، بنيادي حق، وقت ۽ حالتن آھر اقتصادي صورتحال کي اڃان وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر بڻائين ٿيون، سي سڀ اھم نقطا حفظ ڪرايا ويندا آھن، اھڙي صورتحال ۾ مذھب کي بـه تمام گھڻي اوليت ڏني ويندي آھي، جنھن جي لاءِ لفظ Competition استعمال ڪيو ويندو آھي، ان ڏڍ ۾ وڏيون ۽ ڪجھـ اھم ڪرسيون ڏنيون وينديون آھن، جن جي نرماھٽ ۾ Power تـه ھوندو آھي پر اشارا آواز، ٻولي ۽ سوچ بـه اُن قوت جي ئي ھوندي آھي، اھا ٻئي ڳالھـ آھي تـه ڪجھـ ذھن انھن جي بر عڪس ضرور ھوندا آھن.

ٻيو آھي Institution ھيءُ پيچرو جنھن ۾ اُھي ادارا اچي وڃن ٿا جيڪي، قانون، ضابطن سان گڏ So-called syllabus جي رحم ڪرم تي ھلندا آھن، اُھي جيڪو ڪجھـه ڏيندا آھن ڄڻ خيرات ڏيندا آھن، چوڻ جو مقصد تحقيق، ڪتابن ۽ ميڊيا وسيلي سجاڳي ڏيڻ آھي اھڙي سجاڳي جيڪا ان قوت جي مفادن جي محور ۾ گھمي ٿي، اسين ننڍو مثال وٺون ٿا انھن ئي ادارن ۾ نصاب نالي اھو ڪجھـ پڙھايو وڃي ٿو جنھن جي ڪابـه اھميت اسان جي حالتن ۽ قومي تشخص لاءِ نـه ٿي رھي، ڇو تـه اُن کي ٺاھي جوڙي پيش ڪيو ٿو وڃي تـه جئين اسان حالتن جو سنگھر بنا ھٻڪ جي پائي وڃون، پر پوءِ بـه ڪنھن حد تائين ڪجھـ پهلو اھڙا آھن، جيڪي اسان جي فائدي ۾ ضرور آھن، ڇو تـه انھن ئي پھلوئن مان اسان کي ھڪ ڌنڌلو Vision ملي ٿو جيڪو اسان جي ساري جدوجھد لاءِ ھڪ اھم حيثيت جي روپ ۾ ڪم ڪري ٿو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net