|
|
سچل سرمست هفت زبان شاعر يا چئن ٻولين جو شاعر
سچل سرمست سنڌي ڪلاسيڪـــــــل شاعري جي حوالي سان هڪ اهم نالو آهي. هي پنهنجي دور جو هڪ باشعور شاعر هو. هن پنهنجي وقت جي رائـــج دينـــي تعــــليم کـان سواء عربي ۽ فارسي جو به علم حاصل ڪيو، هن اسلامي تصوف کان ويندي ويدانيت تائين جو خوب مطالـــعو پـــڻ ڪيــــو، جنهـــن جـو شاهد سندس مختلف زبانن ۾ چيل ڪلام آهي. هن وڏي فــــڪـــري انــــداز ۾ عـطار، رومــــي، احمد جـــــام، ڪـــبير، بــــاهـــو ۽ شاهه عبد اللطيف کي نه رڳو پڙهيو پر حسين بن منصور حلاج جي تعليم جي اثر هيٺ انهــن جــي خيالن کي پنهنجي الڳ انداز سان پيش پڻ ڪيو. سچل سرمست جي جيتوڻيڪ سڃاڻــــپ تصــــوف جــــي فلــــسفي جو بيباڪانه اظهار آهي، پر ان کانسواء هو پنهنجي دور جو هڪ باشعور شاعر به ٿي گذريو آهي. هــن جــي سنڌي ۽ فارسي ڪلام ۾ سندس دور جي سنڌ جي بگڙجندڙ ۽ بدلجندڙ حالتن جو ذڪر ملي ٿو. سچل سرمست جي سوانح توڙي ڪلام جي حوالي ســان ڪيتريون ئي روايتون ۽ خيال تڪراري بڻجندا ٿا وڃن يا سندس نالي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون گهڙي منسوب ڪيـــــــون ويون آهن، ان صورتحال ۾ سچل سائين جي شخصيت توڙي ڪلام جو اصل رخ لڪي وڃڻ جو خدشو آهي. سچـــــل سائيــــن ســـــان لاڳاپيل ڇنڊڇاڻ گهرنـــدڙ ڪجــهه نڪتن مان اسان هت ”سچل سرمست هفت زبان شاعر يا چئن ٻولين جو شاعر“ واري نڪتي تي گفتگو ڪنداسين. عام طور سچل سائين کي هفت زبان شاعر يعني ستن ٻولين ۾ شعر چوندڙ شاعر ســـڏيو ويو آهي، اهي ست زبانون آهن: 1ـ سنڌي 2ـ سرائيڪي 3ـ اردو 4ـ فارسي 5ـ عربي 6ـ هندي 7ـ پنجابـــي (1) سچل سائين بابت هفت زبان شاعر هجڻ واري روايت ويجهي دور کان شروع ٿيل ڏسجي ٿي. سنه70-1966ع ڌاري سچل ڪاليج راڻيپور ۾ ڪنهن عالم پنهنجي عقيدت ۽ محبت جي بنياد تي سچل سرمست کي هفت زبــــان شاعر سڏيو. هن کان پهرين اهڙي دعوي ٰ ڪنهن به عالم، اديب نه ڪئي هئي (2). ڏسجي ايئن ٿو ته هن زباني چيــل ڳالهه کي بعد ۾ سچل سرمست جي ڪنهن عقيدت مند تحريري صــورت ۾ پيش ڪيو. جنهن بعد اها ڳالهه محض عقيدت جي بنياد تي عام ٿي. سنڌ جي ادبي تاريخ جي ورق گــرداني سان معلوم ٿينـــــدو ته سچل سرمست جو ڪلام گڏ ڪري شايـــــع ڪرائڻ وارو سلسلو سيد فاضل علي شاهه جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪافيـــــــــــن جو ڪتاب“ 1883ع ڌاري ڪمشنر صاحب بهادر جي پريـــس مان شايع ٿيڻ سان ٿيو، هي پهريون ڪتاب هو جو جنهن ۾ سچل سائين جي ڇائيتاليهه سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون هڪ هنڌ شايع ڪيون ويون هيون. ان کان پوءِ مشهور مصنف ليلا رام وطن مل سال 1890 ع ڌاري شـــاهه لطيــف بابـــت هـڪ ڪتاب دي لائيف، رليجن ائنڊ پوئٽري آف شاهه لطيف شايع ڪرايـــو جنهـــن ۾ پـڻ مختلف هنڌن تي سچل سرمست جو شعر سمجهاڻي طور ڪتب آندو ويو آهي. سچل جي ڪلام گڏ ڪرڻ يا شــــايع ڪرائڻ وارن انهن ابتدائي ڪوششن بعد سنڌ جي نامياري عالم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڀاء مرزا علي قلي بيگ ڀرپور عملي جاکوڙ کان پوء سچل سائين جو ڪلام گڏ ڪيو جيڪو هن ”رسالو ميان سچل فقير جو“ جي عنـــوان ســــان شايع ڪرايو جنهن جو پهريون ڀاڱو 1902ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو 1903ع ۾ شايع ٿيو. هي پهريون عالم آهي جنهن سچل سائين جي جهجهي ڪـــلام پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سرمست سائين جي زندگي متعلق پڻ وافر مواد تحرير ڪيو آهي، جنهــن جي بنياد تي اسان اڄ تائين سچل سرمســـت جي زنــــدگي بـــابت ڳالـــهه ٻولــــهه ڪنـــدا رهيا آهيون. اهڙي ريت 1933ع ۾ آغا عبدالنبي صوفي سچل سائين بابت هڪ اهم ضخيم ڪتاب ”سچل سرمســت“ لکي شايع ڪرايو، ان کان سواء هندستان مان سچل جي هندو فقير عورت ”هاسي عرف نماڻو فقير“ سچل جو ڪـــــــلام مرتــــب ڪــــري ”سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام“ 1952ع ۾ شايع ڪرايو. اهڙي طرح ميان درمحمد، رشــــيداحمد لاشاري، عثمان علي انصاري، قاضي علي اڪبر درازي ، مولانا صادق راڻـــيپـوري، ڪلـــياڻ آڏواڻـي، اسـلـم رسولـپـــوري، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ قاضي علي گوهـــر درازي سـچل سائين جي ڪلام کي سوڌي سنواري پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هنن سمورن صاحبن سچل سرمست کي هفت زبان شاعر نه لکيو آهي. مرزا علي قلـــي بيگ سچــــل ســائين کــــي سنـــــڌي، فارسي، سرائيـــڪي ۽ پنجابي جو شاعر سڏي ٿو(3). مرزا صاحب کان هن سلسلي ۾ ٻه اهم غلطيون ٿيون آهن هڪ ته هي صــاحب سرائيڪي کي پنجابي سڏي ويو آهي، هو جتي به ”سرائيڪي“ لکي ٿو اتي ”يا پنجابي“ به لـــکي ٿـــو. اهو يــقيناََ مرزا علي قلي بيگ کان سهو ٿيو آهي . ڇاڪاڻ ته سرائيڪي ۽ پنجابي ٻه جدا جدا زبانون آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خـــان بلوچ پڻ مرزا علي قلي جي ان ڳالهه کي سندس اڻ ڄاڻائي سمجهندي لکي ٿو ته: ”مـــرزا عــــلي قــــلـــي بيــــگ جـــنهـن 1902ع ۾ ســــچل ســــائين ڪلام مرتب ڪيو، تنهن پهريون ڀيرو پنجابي زبان جو نالو کنيو، پر هن پنهنـــجي اڻ ڄــاڻــائي سببان ساڳي هڪ ئي زبان کي ”سرائيڪي“ يا ”پنجابي“ ڪري لکيو. حقيقت ۾ سچل ســـائين جنهن ٻولي ۾ شعر چيو آهي سا مجموعي طور سان ”سرائيڪي“ آهي، جيڪا سنڌ توڙي پنــــجاب ۾ رائج آهي پر اها پنجابي کان الڳ آهي“. مرزا علي قلي بيگ کان ٻي غلطي اها ٿيل ڏسجي ٿي ته هن پنهنــجي مرتب ڪيل رسالي ۾ سچل جو اردو ڪلام ”ريخته“ جي عنوان هيٺ ڏنو آهي، پـــر مقدمي ۾ سچل جي ان اردو (ريخته) ڪلام جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سچل کي اردو جو شاعرسڏيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ اسان وڌيـــڪ ڏسنداسين ته آغــــا عبد النـــبي پــڻ سچل کي چئن زبانن جو شاعر سمجهي ٿو. اهڙي طـــرح مــــولانا صـــادق راڻيپـــوري سچـــل جـــي ڪـــلام متـــعلق تفصيلي طور لکندي سندس سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ چيل ڪلام جو ذڪر ڪري ٿو(5). سچل جي فارسي مثنوين جو سنڌي متــــرجــــم ۽ سچـــل شنــاس مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي اڄ کان لڳ ڀڳ پنجويهه ورهيـه اڳ سچل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي تحقيقي مقالو پڙهندي سچل جي چئن زبانن ۾ چيل ڪلام بابت تحقيقــي رخ کان راء ڏني هئي . اسان هت اها راءِ دهرايون ٿا: ”. . . اها ڳـــالهــه غلـــط آهــــي ته ســــچل ســــرمست جــو ڪلام چئن زبانن جي بجاء ستن زبانن ۾ آهي . . . . . مرزا علي قلي بيـــگ پهـريون بزرگ آهي جنهن سچل سائين جي سنڌي سرائيڪي ۽ ريختي (اردو) تي قلم کنيو آهي، ان به ســــچل ســــائين کـــي ستن زبانن جو شاعر نه سمجهيو آهي. آغا عبد النبي صوفي به چٽي طرح مڃيندو هو ته سچل سائين جو ڪـــــلام صــرف چــــئن زبـــــانن سنــــڌي، ســــرائيڪي، ريختي (اردو) ۽ فارسي ۾ آهي. . . . . . . سچل سرمست جو موجوده ڪلام پڻ اهو نه ٿو ٻڌائي ته ڪو ستن زبانن ۾ آهي . . . . . . . سچل سائين جي ڪلام ۾ ڪٿي هڪ يا ٻه لفظ ڪنهن ڌارين زبان جا آيا آهن ته ان شعر کي انهي زبان جو شعر نه ٿو چئي سگهجي“(6). سچل سرمسـت بابــت هن علمــــي راء تي ان ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير ڪندي نامياري عالم، مؤرخ ۽ محقق پير حسام االدين شاهه راشدي چيو هو ته: ”هفت زبان ڇا ٿينـــدو آهي؟ هفت زبان جو مطلب ڇا آهي؟ ـ هفت زبان ڪا به شيء دنيا ۾ اڄ نه ٿينــــدي آهــــي ـ سچـــل ستــــن زبانـــن ۾ چــوي يا سترنهن زبانن ۾، سچل جو مقام جيڪو آهي، سو سڀنـــــي کان بــــالا آهـــي. هـــن جـــو ڪنٽـــريبيوشـــن فقــــط اهو فڪر آ، اهو فلسفو آ، اهو پيغام آ، جيڪــو هــــن ڏنــــو آهــــي پنهنجـــي ڪــــلام ذريعي. انهي کي ئي اسان کي سوچڻ، پرورڻ ۽ پرجهڻ گهرجي“(7). ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ پنهنجي هڪ مقالي ”حــــافــظ عبــــد الوهـــاب فـاروقي“ ۾ سچل سرمست سان لاڳاپيل ڪجهه روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي سچل هفت زبان شاعر هجڻ واري روايت بابت لکي ٿو: ”سچل سائيـن حقيقــــي معنـــيٰ ۾ فقــط ٻن ٻولين سنڌي ۽ سرائيڪي جو شاعر هو، هن وڌيڪ ٻن ٻوليــــن يعنــــي فارســـي ۽ اردو ۾ نــــظم نگـــاري يـا رسمي شاعري ڪئي آهي، پر اها سندس سنڌي ۽ سرائيڪي شاعري جو مٽ نـــاهي.......سچـــل سائين کــــي ”هفــــت زباني شاعــــر“ سڏڻ حقيقت جـــي خلاف آهــــي، جيئــــن ته ان اجـــــائي نعري سان سندس عظمت ۾ ڪو به اضافو ڪو نه ٿو ٿئي، ان ڪري بهتر آهي ته ان کي ترڪ ڪيو وڃي“ (8) . سچل سرمست جي سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي زبان ۾ چيل شعر کان سواء سندس ٻي ڪنهن به زبان عربي، هندي ۽ پنجابي زبان ۾ چيل شعـر نه مليو آهي. البت سچل سائين پنهنجي وقت جو وڏو فاضل شخص هو گمان غالب آهي ته سر مست سائين عربـــي کــان سواء هندي ۽ پنجابي ٻوليون به ڄاڻندو هجي. جنهن مان فائدو وٺي هن عربي آيتون، مقولا ۽ هندي ۽ پنجابي جـــا ڪــي فقرا پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي ڪتب آندا هجن. اهڙي صورتحال ۾ اسان اهو قطعي نه ٿا چئي سگهون ته ڪو سچـــل سـائين انهن زبانن ۾ ڪو ڪلام چيو هوندو، هڪ اڌ فقري يا هڪ ٻن سٽن کي اسان جدا زبان ۾ چيل شعر نٿا چئي سگهون. سنڌي ٻولي سچل جي مادري زبان هئي ان لاء ان ٻـــولي ۾ هن جو شعر چوڻ فطري آهي. سرائيڪي ان وقت جي ٽالپر حڪمران جي نه رڳو مادري زبان هئي پر سنڌ ۾ خــاص طـور اتر سنڌ (جنهن علائقي سان سچل سائين جو تعلق آهي) ۾ ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. اهڙي طرح فارسي سنــڌ ۾ ڪيترن سئو سالن کان سرڪاري زبان طور رائج هئي ۽ فارسي ڄاڻيندڙ کي نه رڳو عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هــــو پر سرڪاري ملازمت لاء فارسي جو اچڻ پڻ اهم هو. سنڌ ۾ اردو ۾ شعر چوڻ جو رواج به ڪلهوڙن جي دور ۾ پـــيو. سنـــڌ جـا سياسي لاڳاپا دهلي سان پڻ رهيا. سنڌ جا عالم فاضل به ان طرف ويندا هئا، ان حالت ۾ اهو يقيني آهي ته اتان جي ٻولـــين جـــــو اثر ورتو وڃي يا اهي ٻوليون سکيون ويون هجن. اهڙي ريت سنڌ جي ڪيترن ئي شاعـــرن اردو ۾ شعر چيا جنهــن ۾ عبد الحڪيم عطا ٺٽوي، مير حيدرالديــن ابــــو تــراب ڪامـــل، مير محمـــود صابـــر، ميـــر حفيــظ الديـن علي، مير اسد الله ساقي، سچل سرمست، مراد فقير، آخوند قاسم هالائي، سيد ثابت علــي شاهه، ميــر ڪـــرم علي خان ٽالپر، نانڪ يوسف ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر شامل آهن. انهن سمورن شاعرن جي اردو ”دکنــــــي اردو“ آهي. جنهن کي قديم اردو چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ”سين“ / ”سون“ / ۽ ”ڪــــون“ وغيــــره لفـــظ ملن ٿا. جيڪي هن وقت جديد اردو ۾ متروڪ آهن.ان کانسواء سچل جي اردو ۾ جمع ڳو طريقو به دکني زبـــان وانگر الف نون جي اضافي وارو آهي. مثلا ََ فريادان، بهاران، هزاران، پڪاران، عاشقان وغيره سچل سائين جو اردو ڪــلام (جيڪوغزل جي هيئت ۾ مولانا صادق راڻيپوري جي مرتب ڪيل سچل جو ”سرائيڪي ڪلام“ جي آخـــر ۾ ڏنـــو ويو آهي) کي قديم اردو مان تبديل ڪري موجوده اردو ۾ آندو ويو آهي. يقيناََ سچل سائين جي ڪنهن گهـــڻگهـري سچل جي ڪلام کي سمجهڻ لاء اهڙي ڪوشش ڪئي آهي، پر تاريخ ۽ تحقيقي رخ کان سچل سرمســــت جــــي ڪلام سان اها هڪ وڏي زيادتي آهي ته ٻي طرف سچل جو اردو ڪلام مشڪوڪ بڻجي ويو آهي. سچل سرمست جي هفت زبان هجڻ واري روايت بابت هــت ڪيل بحث کانپوء اسان آخرڪار ان نتيجي تي پهتا آهيون ته سچل سائين چئن زبانن سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فــــارسي جـــو شــاعـر آهي. سچل پنهنجي خيالن جو مضبوط شاعر آهي هن جي پيش ڪيل فڪر جي اهميت ان ڳالهه سان هرگز گـــهٽ نه ٿيــــندي ته هو ستن زبانن جي بجاء چئن زبانن جو شاعر آهي. ڪنهن به عظيم تخليق ڪار جي عظمت ان ڳالهه مـــان واضـح ٿيندي آهي جو هو ڪنهن هڪ زبان ۽ ڪنهن هڪ صنف طور سڃاتو ويندو آهـــي. ادب ۽ آرٽ جــــي دنـــيا ۾ موجود ڪيترن ئي مثالن کان هٽي ڪري اسان رڳو سنڌي شاعـري جي تمام وڏي شاعر شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جو مثال پيش ڪري سگهون ٿا. شاهه سائين پنهنجي دور جي مـــروج علــــمي ادبي زبان فارسي کان هٽي ڪري سنڌي ۾ شعر چيو، جيڪو فقط بيت ۽ ڪافي جي صورت ۾ آهي. شاهه لطيـــف جــــي اهمـــيت ان جي ڪلام ۾ سموهيل فڪر، انداز، ٻولي جي گهاڙيٽي ۽ خيالن جي ڪري آهي. سچل سرمست وري پنهنجي شاعري ذريعي هڪ وڏو ڪـــم ڪيو. هن سماجي ۽ معاشي طور پريشان حال ماڻهن کي نه رڳو تصوف جي ڇانءَ ۾ امن، سک ۽ سڪون مهيــــا ڪيــــو پــــر وقت جي حاڪم تائين به فرد جي اهميت ۽ ان جي بنيادي حقن جي احترام ڪرڻ جو درس پنــهنجي صوفياڻي فڪر ۾ پهچايو. ان لاء لازم آهي ته هن کي سنڌي کان سواء سرائيڪي، اردو ۽ فارسي جو به سهارو وٺڻو پيــو، ٻيو ته جهڙي طرح اهو فڪر، اهو خيال پري پري تائين پهچي سگهي. سچل سرمست اسان جيئن اڳ چئي آيا آهيون ته هن عـــطار، رومي، احمد جام، ڪبير، باهو ۽ شاهه لطيف کي خوب پڙهيو ۽ حسين بن منصور حلاج جي تعليم جي اثر هيٺ انهن سمـورن شاعرن جي فڪر کي پنهنجي انداز سان پيش ڪيو، ان لاء اسان کي پنهنجي هن شاعر جي فڪر کي انهن ســــمورن شـــاعــرن جــي فڪر جي روشني ۾ وڏي گهرائي سان پڙهڻو پوندو ته جيئن اسان سچل سائين جـــي فـــڪر جـــي صـــحيـــح رخ کي پرکي سگهنداسين ۽ پوء ئي ان جي اهميت کي نروار ڪري سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته هو پنهنـــجي دور جــــو هڪ وڏو باشعور شاعر هو ۽ ذهني طور سجاڳ شاعر نه رڳو پاڻ کان اڳ گذري ويل دور جي ڄاڻ رکندا آهـن پر ايندڙ وقت جو شعور به وٽن موجود هوندو آهي.
حوالا |
|
|