|
بي
مقصد خوناريزي ۽ نواز ڪنراڻيءَ جي شهادت
هن
ملڪ ۾ انصاف تائين غريب غربي جي رسائيءَ کي يقيني بنائڻ واري جدوجهد ۾ جان جو
نذرانو ڏيئي سرخرو ٿيندڙ شهيدن جي لسٽ ۾ نواز ڪنراڻيءَ جو نالو به شامل آهي. نواز
اتر سنڌ جي شهر ٺل سان واسطو رکندڙ هڪ باشعور انسان هيو. سندس تعلق جنهن علائقي سان
هيو اهو بدامني، خوني جھيڙن، ڏوهاري سرگرمين، ۽ وڏيرن ۽ سردارن جي رچايل چالبازين
جو مرڪز آهي، جتي روزانه ڪيئي ڪونڌر اجاين بي مقصد جھيڙن جھڳڙن جي ور چڙهي ڪسجي
رهيا آهن. انهن جھيڙن جي پاڙ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڏيئي وٺي اها ڳالهه ظاهر ٿي
پوندي ته اهي خوناريزيون زمين جي ڪنهن ٽڪري،
ٻني ٻاري جي ڪس ڪور ، پاڻيءَ جي واري، مال جي ڀيل، چوري چڪاريءَ جي ڪنهن واردات،
ڪاروڪاريءَ جي جاهلانه رسم، اڻ سهندي، وڏيرن ۽ سردارن جي چرچ، پوليس کاتي ۾ ڪرپشن ۽
نااهلي، ۽ سستي ۽ تڪڙي انصاف جي عدم دستيابيءَ ڪري ٿيندا آهن. پر هاڻ ڪجھه
علائقن جي ماڊريٽ سردارن انهن جھيڙن کي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۽ پنهنجي سيٽ پڪي
ڪرڻ لاءِ به ڏاڍي چالاڪيءَ سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. انهن سڀني ويڙهاندن ۽ قتل
عام جو وچور اجھو
هي آهي ته ان ۾ جھيڙيندڙ مسڪين، غريب، مالوند، هاري ناري، ننڍي وچولي طبقي سان تعلق
رکندڙ ئي هوندا آهن ۽ ڳڀرو به سندن ڳترا ڳترا ٿيندا آهن، جھيڙن کان پوءِ اهي ئي
ماڻهون ٿاڻن، ڪورٽن، جيلن جي دروازن تي زندگيون پوريون ڪري ڇڏيندا آهن. سندن سالن
کان ڪيل محنت جو انت مهينن ۾ ٿي ويندو آهي خوشحالي کانئن گھڻو ڏور هلي ويندي آهي، ۽
نيٺ جڏهن سردارن جو مفاد سامهون ايندو آهي ته ڌرين کي کير کنڊ ڪرڻ جو ڊرامو رچائي
قتل ٿيل ماڻهن جي مٽن کي وڌيڪ تڪليفن کان بچائڻ جو سانگ ڪري اهي انهن خونن کي وڪڻي
پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آهن. ائين انهن جي چڱ مڙسي به بحال رهندي آهي ته سندن مفاد
به حاصل ٿيندا آهن ۽ ٿورو راڄن تي ٿاڦيو ويندو آهي ۽ اهڙن نام نهاد جرڳن بعد سندن
ٽجوڙين ۾ ڪجھ ڪڙڪيدار نوٽن جي ٿهين جو به اضافو ٿي پوندو آهي. اهو سمورو عمل سردارن
وڏيرن ۽ چڱ مڙسيءَ جي دعويدارن لاءِ هڪ انتهائي منافع بخش ڪاروبار آهي. اهي جيئن ته
عام ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار،
چالاڪ ٿيندا آهن، خودغرضي
سندن خون جي اڇن ۽ ڳاڙهن جزن ۾ سمايل هوندي آهي ۽ اهي انتهائي خسيس مفاد لاءِ ڪنهن
غريب ماڻهون کي مارائڻ يا سڄي عمر جيل جي ديوارن پٺيان موڪلڻ کي ڪو خراب ڪم ئي نه
سمجھندا آهن ته اهي ڪيئن ۽ ڇو چاهيندا ته ماڻهون نه وڙهن، قبائلي تڪرار نه ٿين،
ائين ڪرڻ سان ته سندن منافع بخش ڪاروبار تي مانڌاڻي ڦري ويندي ۽ اهوئي سبب آهي ته
جھيڙا جاري آهن، ڪارو ڪاريءَ جون وارداتون
هلن پيون، مختلف جھيڙيندڙ قبيلا ڪلاشن ڪوف کنيو هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿيو پيا هلن،
چوريون ۽ ڌاڙا عام آهن، پوليس جي ٻيگھي متل آهي، ڪورٽون آباد آهن، جيل جا عملدار
عياشين ۾ پيا گذارين.
پر منهنجو
سوال انهن جھيڙن، خونن، قتل
عام
۾ کاڄ بڻجندڙ غريبن کان آهي
ته کين آخر ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ مخالف قبيلي جي پاڻ جهڙي ڪنهن ڳڀروءَ جو ڪنڌ ڪورڻ جو
کين ڪهڙو اعزاز ٿو حاصل ٿئي؟ ڇا سندن سردار، خان يا وڏيرو ري گناه قتل ٿي ويل ڪنهن
نوجوان جي بٺي تي وڃي سندس روح کي ثواب ڏيڻ لاءِ چار قل پڙهندو آهي يا عوامي ميڙاڪو
سڏائي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي!
يا اهڙن قتل
عام
جي ور چڙهي اقتصادي
طرح بدحال ٿيل ڪنهن خاندان کي ورسائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي! يا اوهان جي ڳڀروئن
جي قبرن تي ڪي يادگار قطبه لڳايا ويا آهن ۽ انهن جي قرباني ڇا تاريخ ۾ سُنهري اکرن ۾
لکي ويندي! ۽ پويان نسل کين پنهنجو امام ڪري پيش ڪندا!!!. منهنجي خيال ۾ ته اهي
خام ڳالهيون آهن. اهي ڪنهن ليکي چوکي ۾ ئي ناهن. اهي ڳڀرو، ڪوپا، ڪنڌار ۽ ڪلدار
انسان ڄڻ ته ڄميا ئي نه هيا، سردارن جي هشي تي قتل ڪندڙ جاهلن يا وڏيرن جي مفادن
جي حاصلات لاءِ قتل ٿي ويل هزارين ماڻهن جو ڪنهن کي نالو به ياد نه آهي نه رهندو
ها البت جيستائين انهن جون امڙيون زنده هونديون ته پنهنجن ٻچڙن کي ساري لِڪي لِڪي رت
جا ڳوڙها ڳاڙينديون رهنديون، پر اسان جو هي بيدرد ۽ بي قياس سماج اهڙين مظلوم
عورتن جي انهن وهايلن نيرن جي ڪهڙي ڪٿ ڪري سگھندو؟ ان ڪري سياڻپ اهائي آهي ته ان
ڌپ ڪري ويل وڏيرڪي سماج واري گند کان جيترو جلد جان آجي ڪرائجي اوتروئي ڀلائي آهي.
ان جي مقابلي ۾ جن وڏيرن، سردارن، پوليس عملدارن جي
چمچاگيريءَ بجاءِ حقيقي بهادري ۽ سچي غيرت جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي ڪلاسيڪي سورهين
دودو، هوشو، هيمو ۽ دريا خان جي ٺاهيل عظيم راهن تي هلندي جان جو نذرانو ڏنو سي
تاريخ جي ورقن ۾ سون ٿي ويا، انهن کي نه رڳو سندن اولاد وڏي فخر ۽ شان سان ياد ڪندو
پر سنڌ جا سمورا ساڃهه
وند به کين سدائين ساريندا رهندا.
انهن ۾ شهيد محمد نواز ڪنراڻيءَ به هڪ اهڙو نالو آهي جنهن جي
عظيم موت کي سنڌ واسي ازل تائين ڳائيندا رهندا. سادي پر عزت واري زندگي گزاريندڙ ،
سڀني جو ڀلو چاهيندڙ ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن سان عملي طرح جھيڙيندڙ ، هڪ مقصد ڀري
زندگيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪندڙ ۽ ان راهه تي هلندي ڪڏهن به پوئتي نهار نه ڪندڙ ۽
جيڪا ڳالهه پاڻ لاءِ درست سمجھندڙ اهائي پنهنجي پيارن پٽن ۽ نياڻين کي به
سمجھائيندڙ ، علم سان چاه رکندڙ ان انسان جو شهيد ٿي وڃڻ هڪ ايڏو ته وڏو واقعو ٿو
بڻجي پوي ته يار هڪ سٽ ۾ شهيد ذولفقارعلي ڀٽو، شهيد فاضل راهو، شهيد شاهنواز ڀٽو،
شهيد مرتضى ڀٽو، شهيد نذير عباسي جي صفن ۾ وڃي ٿو شامل ٿئي. اهو به ته ان ئي علائقي
ٺل جو رهواسي هو، پر هي دوست سورهه ٿي جان ٿو ڏئي ڏسو ته سهي سندس موڀي پٽ ياسر
نواز ڪنراڻي ڇاٿو چئي ” باباجي شهادت کان پوءِ منهنجو ڳاٽ فخر وچان اوچو ٿي چڪو آهي
ڇو ته هاڻ مان سڄي عمر سنڌ تي سر ڏيندڙ هڪ شهيد جو پٽ سڏبس “ اها آهي عظمت، اها آهي
حقيقي فخر ۽ وڏائي ان کي چئبو آهي مان ۽ شان، سندس ان قربانيءَ جو پڙاڏو هاڻ صدين
تائين گونجدو رهندو، سندس نالو وٺي اڃا ٻيا سوره پيدا ٿيندا، ۽ ڪنراڻيءَ جي ان
روايت کي برقرار رکيو ايندا.
ان ڪري مان سنڌ جي ماڻهن کي اها اپيل ڪندس ته اهي وڏيرن جي
پنجوڙن مان پاڻ کي آزاد ڪري، ذلت جي زندگي گذارڻ بجاءِ شهيد نواز ڪنراڻي واري ڏسيل
عظيم واٽ جا راهي ٿين، ته اسان جي علائقي مان نه رڳو اهي بي مقصد جھيڙا ختم ٿي
ويندا پر اسان به هڪ مان شان واري زندگي گذارڻ جي قابل ٿي ويندا سي.
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|