ڀڳت ڪنور

علي احمد بروهي                  امجد ڪيريو

    راء ڏياچ گرنار جو رهاڪو هو سندس سخا مشهور هئي. ڪو ٻيجل  نالي هڪ چارڻ پنهنجو سرندو سينگاري وٽس ويو چنگ چوري تند تنواري ساز جي آواز ۽ پنهنجي آلاپ سان راء کي ريجهايائين راجا راِضي ٿي چيو جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر سائل سئين هئي ته سر جو سوالي آهيان.

    راجا وراڻيو بس گُهري گُهري به مٿو گهرئي! چڱا مڙس سکڻي هڏ مان توکي ڇا حاصل ٿيندو چڱو ٻڌاء سر ڌڙ سوڌو ڏيانءِ يا ڌڙ کان سواءِ. سائل پنهن جي سودي تي اٽل رهيو . . . ڏياچ سر نوايو مرڪندي هڪل ڪيائين وڍ سر ٿي سرهو.

    مون نه ٻيجل کي ڏٺو نه راء ڏياچ ڏٺو پر مون هڪ اهڙو لکن جو رانجهو ضرور ڏٺو ۽ ٻڌو جو سريلو به رس ڀريو هو سخي به اهڙو جو ڏيئي نه پچاري ۽ پڇاڙي جو سر ڏيئي ان عيوِض ابدي حيات ماڻيائين اهڙو مائي جو لال ۽ سنڌڙي جو راء ڏياچ هو ڀائي ڪنور!

    ڀڳت ڪنور ميرپور ماٿيلي جي هڪ واهڻ جروار جو رهاڪو هو ڳوٺاڻو مسڪين فقير منش هٽ واڻيو هو سندس علمي لياقت نه هجڻ برابر هئي پر اندر جو سوجهرو الاهي هئس. ڏيک ويک کان ڪوهين ڏور ڪپڙي لٽي ۾ سٻاجهڙو نماڻو قربائتو پينو فقيرسان به ڳالهائيندو ته ٻيئي هٿ جوڙي سواءِ ٻانهون ٻڌڻ جي ڪنهن سان مخاطب نه ٿيندو هو.

    راڳ سندس عبادت هوندو هو ننڍي لاڪر ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هوس جو وڌندي وڻ ويڙهي ٿي ويو ڀائي ڪنور آلاپ کي سچي سائين جي سوکڙي سمجهي کيس ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو ڀڳت پنهنجي آلاپ جي ابتدا سائين جي ساراه سان ڪندو هو پوئين اسر کان شروع ٿي پره ڦٽي تائين وڄندو ۽ نچندو رهندو هو اسر ويل اٿي الک اورڻ جو مزو انهن کي هوندو جي ڀنڀرڪي جو اٿي پنهن جو رام ريجهائندا هوندا.

ڀائي ڪنور اڌ رات وهامي اسر جو نڪري نروار ٿيندو هو جسم تي جامون مٿي تي پڳڙي ڳڙچي ڳارو پيرن ۾ گهنگهرو ڇم ڇم ڪندي ايندي ڏسبو ته اهوئي ٻانهون ٻڌل نوڙت نيازي ۾ جهڪيل هر ويٺل ۽ بيٺل کي نمسڪار ڪندو ايندوپوءِ شروع ٿيندو ڪلام عارفاڻو ِيا فقيراڻو عام طور شاه ڀٽائي.

    ڀٽائي گهوٽ جو ڪلام ڳائيندي هن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. مست هاٿي جيان نچندو جهمندو. . .

مون کي تن ماروئڙن جي  آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه

سندس نماڻن نيڻ مان آب جاري ٿيندو وڏڦڙي جيان پيو ٽمڪندو

ڪين وڻن ڪين وڻن تنهن جون ماڙيون بنگلا

    تي اچي سندس ڪنڌ ڌوڻ به لهر ۾ ايندي. پهريون پاڻ اڪيلو روئندو پوء ڪيئي روئندا ڏ‎ٺم راڄ ۾!

    ڪنور جو ڪمال اهو هوندو هوجو هر جيءَ ‎۾ جادو لائيندو هو محسوس ائين ٿيندو هو ته هر ٻڌندڙ جو اندر مالڪ اڳيان پيو ٻاڪاري ته

ڪڍ بندياڻي بند مان

    ورهاڱي کان اڳ ڀڳت هندو ثقافت جو اهم حصو ليکي ويندي هئي ڀڳتن جون ڪيئي ٽوليون هونديو ن هيون جن ۾ شهري ۽ ڳو‎ٺاڻا هر قسم جا ماڻهو شامل ٿيندا هئا

    ڪنور جي ڀڳت عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي هئي ماڻهن جي پيهه جو سبب سندس آلاپ کان علاوه سخاوت پڻ هئي جيڪو ڪجهه ملندو هوس اهو ٿڏي تي ضرورت مندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو جي حاجتمند جي حاج پوري ٿيندي نه ڏسندو هو ته ڀڳت دوران جهولي جهليندو هو پهراڻ جو پاند هٿن ۾ جهلي هوڪوڏيندو هو ڀائي ڏهه هزار جي جهولي آهي جو ڀريندو ته سچو سائين سندس مدد ڪندو مون کي ياد نه آهي  جو سندس جهولي خالي ويئي

    جهولي سفيد پوش محتاجن ۾ ورهائي ويندي هئي ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون هونديون هيون ڪن تي قرض چڙهيل هوندو هو رقم اهڙي ڳجهه ۾ تقسيم ٿيندي هئي جو لوڪ لکا نه پوندي هئي

    ڪنور جي سخا ڪنهن خاص فرد يا طبقي تائين محدود نه هوندي هئي جو آيو سو اگهيو کيس فقط هي احساس هوندو هو ته ڪو ماڻهو ڏک ۾ آهي سند س تڪليف ۾ شامل ٿيڻ سندس فرض ادائي هئي

    جڏهن ڪنور جي شادي جي نت ٻڌي وئي ته هڪ شائق کيس چار جوڙا ۽ هڪ بوسڪي جو ٿان نذراني طور ڏيئي ويو شام جو هڪ مسڪين مائي اچي سندس ڪڙو کڙڪايو چي ابا سڀاڻي عيد آهي آئون غريب رن زال ڪٿي وڃي هٿ ٽنگيان   ڀڳت اندر وڃي ڪپڙن جي ڳنڍ کڻي اچي مائي کي ڏني  چي امڙ امانت مون صبوح کان ويٺي سانڍي ته مالڪ اچي ته ڏيانس

    ڀائي ڪنور ڀلجي نه پاڻ تي سخاوت جو الزام نه هنيو چوندو هو ڀائي مون وٽ اهي ڇاجو ڪنهن کي ڏيان ڏيڻ وارو ٿو ڏئي وچ ۾ آئون اچي ڦاٿو آهيان

    ڏيئي نه پچارڻ جي ڏات جيڪا ڪنور کي حاصل هئي تنهن لاءِ ڪيئي روئندا ڏٺم

    زندگي ۽ موت الله پاڪ جو خاص پورٽ فوليو آهي جنهن ۾ ڪنهن کي ڀائيوار نه بنايو اٿس البت سندس دائره اختيار ٻيا به گهڻائي آهن

    جئين وقت گذرندو ويو ڀائي ڪنور جي آلاپ جو پڙلاءُ ۽ سندس سخي هئڻ جي ساک چوڏس چوڌار پکڙجندي وئي پري جا ماڻهو سفر جي جاکوڙ ڪري سندس ڪلام ٻڌڻ ڪي آشيرواد وٺڻ ڪي صرف سندس درشن پسڻ ايندا هئا اسانجي ديس جا ماڻهو اڪثر ڪنهن سهاري جا متلاشي رهن ٿا ماڻهو جي بيڪسي جو عالم اهو آهي جو جيئرا ماڻهو مئلن وٽ محض انڪري حاضري ڀرين ٿا جو سندن روز مره جونِ ضرورتو ن پوريون ٿين ڀائي ڪنور جيئرو جاڳندو ديوتا هو ماڻهن ۾ سندس مقبوليت ايتري عام ٿي ويئي جو واڻين کيس اوتار ڪري پوڄڻ شروع ڪيو

     جولاءِ 1939 جي هڪ ڏينهن مسلم نوجوان جو هندو دوڪاندار سان تون ڇا تون ڇا ٿي انوقت بدقسمتي سان هندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ چڙهيل هئي مسلمان نوجوان کي اڪيلو بي هٿيار ڏسي هندن نه صرف سندس بيعزتي ڪئي پر مارڪٽ پڻ ڪئي

    اهو نوجوان پير ڀرچونڊي شريف  جو نينگر هو جو سکر ۾ سودي لاء آيل هو نوجوان واپس ڳوٺ ورندو ويو ۽ ڀنڀور کي باه لڳندي ويئي

    ڀرچونڊي جي مريدن ۾ تاءُ اچڻ لازمي هو پر ڪليڪٽر جي بروقت اپاءُ وٺڻ سبب فساد ٽري ويو معافي ورتي ويئي وقتي طور لئه مٽي ٿي ويو پر ڀرچونڊي جي ڪن شيدائن ۾ شورش رهي ۽ انتقام جو هي طريقو رٿيو ويو ته جملي هندو جاتي کي اهڙي سزا ڏني وڃي جو عمر ڀر ياد رکن ان فيصلي جو نزلو اچي ڪنور تي ڪريو جو هو سنڌ جي هندوئن جو مقبول مها تما ۽ ماها پرش هو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net