سنڌ جي قومي سياست ۽ سنڌ جي
 شهرن جي مالڪيءَ جو سوال!

jami8195@yahoo.com

                                        جامي چانڊيو

سنڌ جي قومي سگھه ۽ سياست بابت هر سطح تي ڳالهه ٿيندي رهي ٿي پر گھڻي ڀاڱي ان کي سطحي انداز سان ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته ضرورت ان کي حقيقت پسنديءَ ۽ سائنسي انداز سان ڏسڻ جي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي قومي سگھه ۽ سياست جي گھربل سطح تائين مضبوط نه هجڻ جا جتي ٻيا انيڪ سبب ۽ محرڪ آهن اُتي هڪ بنيادي سبب اهو به آهي جو قومي طور اسان پنهنجن وڏن شهرن جي مالڪي نه ڪري سگھيا آهيون ۽ شهرن ۾ اسان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي سگھه تمام ڪمزور حالت ۾ آهي. هن مضمون ۾ اسان سنڌ جي شهرن جي مالڪيءَ ۽ قومي سياست توڙي سگھه جي وچ ۾ لاڳاپي جو جائزو وٺنداسون ۽ نه رڳو ان تجزيي مان گھربل نتيجا ڪڍنداسون پر انهن پاسن تي به روشني وجھبي جن ذريعي اسان پنهنجن شهرن جي مالڪيءَ ذريعي سنڌ جي قومي سياست ۽ سگھه ۾ گھربل سطح جو واڌارو ڪري سگھنداسيون.

  • سنڌ جا شهر نڌڻڪائيءَ جو شڪار ڇو آهن؟

 اسان کي سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو پهريون وڏو نقصان سنڌ جي شهرن تي ڌارين جي قبضي جي صورت ۾ ٿيو. شهر قومن جي صدين جي پورهيي، اؤسر ۽ قومي رَتَ ــ ولوڙ جي نتيجي ۾ ٺهندا آهن ۽ اُهي دراصل اُنهن سماجن ۽ قومن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جا بنيادي ذريعا هوندا آهن. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جا وڏا شهر هڪ ڌَڪَ سان قومي طور اسان جي هٿن مان هليا ويا. شهر ڇا هليا ويا، دراصل قومي طور سنڌين جي حقيقي مالڪيءَ جا بنياد ئي لُڏي ويا. جيتوڻيڪ اڳ به سنڌي مسلمان عوام لاءِ وڏن شهرن ۾ اچي رهڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا گھٽ هئا جو شهرن تي گھڻو اثر اسان جي سنڌي هندو سيٺين جو هو، پر ان باوجود اهو اسانجي قوم جو اندروني تضاد هو، جنهن کي صحيح حڪمت عمليءَ سان ۽ وقت سان حل ڪري سگھجي ها پر پاڪستان ٺهڻ شرط هڪ طرف اسان جو هندو مڊل ڪلاس سنڌ مان وڏي انگ ۾ هندستان لڏايو ويو ته ٻئي طرف ڀارت مان آيل پناهگيرن ۽ پنجاب جي مڊل ڪلاس اچي انهن تي قبضو ڪيو. هاڻي ته ان ۾ پٺاڻن ۽ لکين غير قانوني پرڏيهين جو به وڏو حصو آهي.

موجوده سنڌ جي منظرنامي کي ڏسجي ته جتي سنڌ جون ٻهراڙيون تباهه حال آهن اُتي سنڌ جا وڏا شهر پڻ سخت بحرانن، نڌڻڪائيءَ، دهشتگرديءَ، لاقانونيت ۽ لاوارثيءَ جا شڪار آهن. جنهن جا ٽي سبب آهن.

(الف) ان جو پهريون وڏو سبب اهو آهي ته شهرن تي عملي طور مالڪي ڌارين جي آهي. جيتوڻيڪ اسان نسل پرستيءَ بجاءِ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ مستقل رهواسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجھون ٿا ۽ اسان عملي طور به اهڙي رويي جو اظهار ڪيو آهي پر ساڳئي وقت زميني حقيقت اها به آهي ته اسان جي شهرن ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن، پنجابي ۽ پشتو ڳالهائيندڙن اڃا تائين ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين وڏن شهرن کي پنهنجو ۽ پاڻ کي ڌرتيءَ ڄائو سمجھي انهن جي سنڀال نه ڪئي آهي، نه ته سنڌ جا وڏا شهر ائين تباهه حال نه هجن ها. دراصل جڏهن شهرن ۾ ڌرتيءَ جا وارث اڪثريت ۾ هوندا آهن ۽ ٻين ٻولين، نسلن ۽ قومن جا ماڻهو اُتي ٿورائيءَ ۾ هوندا آهن پر جتي ثقافتي اقليتون گھڻائيءَ ۾ هجن، اُتي تاريخ جي گنگا اُبتي وهندي آهي ۽ اقليتون انهن قومن ۾ ضم ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مستقل مرعات يافته حيثيت برقرار رکڻ چاهينديون آهن ۽ ظاهر آهي ته اها حيثيت جمهوري ۽ انصاف پسند روين سان برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ ممڪن نه هوندي آهي. سنڌ ۾ ورهاڱي کانپوءِ شهري آباديءَ جو ڊيمو گرافڪ توازن شعوري طور بگاڙيو ويو ۽ نون آيل (يا آندل) اقليتي حصن کي شهرن ۾ اڪثريتي حيثيت ڏئي سنڌي قوم جي متوازن ۽ فطري ارتقا جي راهن تي بند ٻَڌا ويا ۽ اڄ ان جا نتيجا اسان جو سامهون آهن.

(ب) سنڌ جي شهرن جي نڌڻڪائيءَ جو وڏو سبب اهو به آهي جو رياست شعوري طور ۽ حڪمت عمليءَ طور سنڌ جي شهرن جي فطري اؤسر آڏو بند ٻڌڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جن ۾ سنڌ جا شهر بظاهر وڌڻ باوجود حقيقت ۾ تباهه ٿيا آهن. شهري ترقيءَ کي پرکڻ جا جيڪي به معيار ۽ پيرا ميٽر آهن، انهن آڌار ڏسبو ته سنڌ جا وڏا شهر ورهاڱي کانپوءِ مسلسل تباهه حاليءَ جو شڪار ٿيا آهن. شهرن جي ترقيءَ کي پرکڻ جا معيار رڳو سيمنٽ جي دٻن (نام نهاد جديد عمارتن) ۽ آباديءَ جي غير فطري واڌ نه پر ڪي ٻيا هوندا آهن. ان ڪري سنڌ جي شهرن جي تباهه حاليءَ ۾ رياست ۽ ان جي حڪمت عملي توڙي ادارن جو وڏو هٿ رهيو آهي. جتي گذريل سٺ سالن کان سنڌ بلوچستان ۽ سرحد جا شهر مسلسل تباهه حاليءَ جو شڪار ٿيا آهن، اُتي پنجاب جا شهر مسلسل اڳتي وڌيا آهن ۽ ترقي يافته ٿيا آهن ۽ اهو ڪو اتفاق نه پر هڪ رٿابندي ۽ حڪمت عمليءَ جو نتيجو آهي.

(ت) سنڌ جي شهرن جي ننڌڻڪائيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي جو اسان قومي طور انهن جي مالڪي نه ڪري سگھيا آهيون. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان اسان جي سياسي پارٽين ۽ ليڊرشپ وٽ ان حوالي سان ڪا به مضبوط حڪمت عملي ۽ رٿابندي نه رهي آهي. البته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دؤر ۾ نوڪرين سبب پهريون ڀيرو سنڌي نوجوان چڱي تعداد ۾ شهرن ۾ اچي مستقل طور آباد ٿيا پر مجموعي طور اسان وٽ ان وڏي قومي مسئلي لاءِ ڪا به ٺوس حڪمت عملي، رٿابندي توڙي دور انديشيءَ جي کوٽ رهي آهي. اسان وٽ ان لاءِ ڪڏهن به ڪا مضبوط مهم نه هلي، جنهن ۾ نوجوانن، پورهيتن، واپارين ۽ عام ماڻهن کي وڏن شهرن ۾ اچي آباد ٿيڻ ۽ روزگارڻ ڪرڻ لاءِ آماده ڪجي ها. ان جو ئي نتيجو آهي جو گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻارن جا ڊوميسائل اڄ به سندن اباڻن شهرن جا ٺهن ٿا. اڄ به هو شناختي ڪارڊن ۾ پنهنجي مستقل رهائش ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نٿا ڄاڻائين. اڄ به عيد تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌين جي گھرن جو وڏو انگ خالي ٿيو وڃي ۽ ساڳي صورتحال چونڊن ۾ هوندي آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌي اڃان تائين پنهنجا ووٽ اتي داخل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ چونڊن جي ڏينهن ۾ اُهي گھرن کان ٻاهر نڪرن ئي نٿا. دراصل سڄو مسئلو سوچ ۽ رويي جو به آهي ۽ شهرن جي قومي Ownership جو آهي. اسان پنهنجن شهرن جي کسجي وڃڻ تي هاءِ گھوڙا ته ڪئي پر ان لاءِ ڪروڙين سنڌي عوام ۾ مالڪيءَ جو احساس پيدا نه ڪري سگھيا آهيون، ۽ ان لاءِ سياسي، سماجي ۽ معاشي طور ڪا به ٺوس رٿابندي نه ڪئي وئي.

  • سنڌ جي قومي سياست ڪمزور ڇو آهي؟

جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي سياست جي گھربل سطح تي منظم ۽ مضبوط نه هجڻ جا انيڪ سبب آهن ۽ انهن سمورين سببن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي پر ان جو هڪ واضع سبب اهو به آهي جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون، يعني سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اسان منظم نه آهيون. اها ڳالهه طئي آهي ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اسان ۽ انهن ۾ وري اسانجي نڌڻڪائيءَ جي صورتحال ۾ اسان جي قومي سياست ۽ سگھه پيدا ٿئي، اهو ممڪن نه آهي. اچو ته مختصر طور انهن سببن ۽ محرڪن کي ڏسون، جنهن سبب شهر قومي سگھه جو ڪرنگھو هوندا آهن.

(1) شهر معاشي سرگرميءَ جا وڏي ۾ وڏا مرڪز هوندا آهن ۽ معاشي سرگرمي پڻ قومي ترقي، واڌاري ۽ سگھه جو بنياد هوندي آهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهو وڏن شهرن جي معاشي سرگرميءَ ۾ شامل ۽ اهم حصيدار نه هوندو ته هن جو اتي ڪو سگھارو سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ڪردار به جُڙي نه سگھندو. سياسي سگھه به تڏهن اُسري سگھندي آهي، جڏهن ان جي پويان معاشي ۽ سماجي سرگرميءَ جا فيڪٽرس موجود هوندا آهن.

(2) شهر رڳو معاشي سرگرميءَ جا ئي نه پر هر سطح تي چٽاڀيٽيءَ جا به وڏا مرڪز هوندا آهن ۽ چٽاڀيٽي معاشري جي نه رڳو سگھه هوندي آهي پر مسلسل سگھه کي وڌائڻ جو هڪ اثرائتو مڪينيزم پڻ هوندي آهي. ٻهراڙيءَ جي سماج ۾ چٽاڀيٽي نه هوندي آهي جڏهن ته شهري سماج جو بنياد ئي ان تي هوندو آهي ۽ چٽاڀيٽي رڳو معاشي نه پر ثقافتي، سياسي، علمي، فڪري ۽ سياسي ميدانن تي به هوندي آهي.

(3) شهري سماج مڊل ڪلاس پيدا ڪرڻ جي سماجي فيڪٽري آهي. سمورين ڪمزورين ۽ موقعي پرست رجحانن باوجود ڪنهن به قوم جي ترقي، واڌاري ۽ سگھه ۾ وچين طبقي جو ڪردار بيحد اهم هوندو آهي. خاص طور شهري سماج ۾ وچون طبقو ئي قومي واڌاري جا گھڻا چئلينج ۽ بار کڻندو آهي. 1970ع کانپوءِ سرڪاري نوڪرين مان اُڀري آيل جنهن سفيد پوش طبقي کي اسان پنهنجو مڊل ڪلاس سمجھيو، اهو ڪاغذي مڊل ڪلاس هو. سنڌ ۾ حقيقي مڊل ڪلاس تڏهن اُڀري ها، جڏهن وڏن شهرن جي معاشي سرگرمين ۾ اسان شامل هجون ها ۽ اهو وچون طبقو مارڪيٽ مان اُڀري ها ۽ اهو پنهنجي طبقاتي ۽ قومي مفاد لاءِ اڳتي هلي پنهنجو سگھارو سياسي ڪردار اُڀاري ها. جيتوڻيڪ هاڻي 1990ع کانپوءِ اها صورتحال جُڙي آهي پر پوءِ به اسان ڪيترا ڏهاڪا ضايع ڪري ڇڏيا ۽ هاڻي جڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اسان جي وچين طبقي جو وڏو انگ رهي ٿو، تڏهن به ان جو گھربل سياسي ۽ قومي فائدو وٺڻ لاءِ ڪا سنجيده رٿابندي ۽ حڪمت عملي نظر نٿي اچي.

(4) شهر ميڊيا جا به مرڪز آهن ۽ ميڊيا اڄوڪي دؤر جي اهم ترين شعبن مان هڪ آهي. ميڊيا جي ذريعي ئي دنيا جو اسان سان ۽ اسان جو دنيا سان رابطو ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا گھڻو اُسري آئي آهي پر اڄ به وڏن شهرن ۾ (Mainstream)  جي ميڊيا اسانکي گھربل حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ۾ جتي سندن موروثي تعصب جو بنيادي هٿ آهي. اُتي اِها به حقيقت آهي ته اسان جو شهري زندگيءَ ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ ايترو اثرائتو  ڪردار نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ منظم هوندا ۽ انهن جون منظم سياسي ۽ سماجي سرگرميون هونديون ته پوءِ تعصب باوجود نام نهاد قومي ميڊيا ان کي نظرانداز ڪري نه سگھندي.

  • سنڌ جا شهر نڌڻڪائيءَ جو شڪار ڇو آهن؟

نفسياتي طور اسين ان ڪمتريءَ ۽ ڪمزوريءَ جي احساس ۾ ورتل رهيا آهيون ته سنڌي ماڻهو شهرن ۾ ٿوري انگ ۾ آهن. ڪجھه ڏهاڪا اڳ اها صورتحال برابر هئي پر هاڻي صورتحال گھڻي حد تائين تبديل ٿيل آهي. خاص طور تي 1990ع کان پوءِ زرعي معيشت جي تباهه حاليءَ ۽ ڌاڙيل فيڪٽر سبب سنڌي ماڻهو پاڻمرادو حالتن کان مجبور ٿي وڏي انگ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ وڏن شهرن ڏانهن مستقل طور لڏي آيو آهي. اڳ رڳو نوڪري پيشه ماڻهو شهرن ڏانهن ايندا هئا پر هاڻي نوجوان، پورهيت، دڪاندار، ننڍا واپاري وڏي انگ ۾ ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ لڏي آيا آهن ۽ اهو سنڌي سماج جي اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ اُٿل پٿ جو هڪ مثبت پاسو آهي. هڪ تحقيقي اندازي مطابق رڳو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو انگ چاليهه لک کان مٿي آهي. حيدرآباد جي سماجي زندگيءَ ۾ اڄ به سنڌي ماڻهو وڏي ۾ وڏو فيڪٽر آهي. ان ڪري اصل مسئلو ۽ سوال اهو نه آهي ته اسان سياسي طور انهن کي ڪيترو منظم ڪري سگھيا آهيون؟ حقيقت اها آهي ته اسانجي ڪنهن به پارٽيءَ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جي سنڌين کي منظم ڪرڻ لاءِ هيستائين ڪا به سنجيده ڪوشش ۽ رٿابندي نه ڪئي آهي. اڄ به ڪراچيءَ ۾ ننڍي ميڙاڪي لاءِ به ماڻهو بسن ذريعي ٻاهران آندا وڃن ٿا. عوام کي منظم ڪرڻ ته ٺهيو پر اسانجي سياسي پارٽين جا وڏن شهرن ۾ تنظيمي ڍانچا ئي مضبوط نه آهن. البته ڪجھه تنظيمن پنهنجن ئي ماڻهن کي ڀتاگيري، ڏوهن ۽ قبضاگيرين ذريعي تنگ ۽ عدم تحفظ جو شۡڪار ضرور بڻايو آهي. رڳو قاسم آباد جو ئي مثال وٺجي، جيڪا ڄڻ ننڍڙي سنڌ آهي، جنهن ۾ هر علائقي، شهر، ڳوٺ، ذات ۽ برادريءَ جو ماڻهو رهي ٿو ۽ تمام وڏي انگ ۾ رهي ٿو پر ڪابه پارٽي دعوى ڪري سگھندي ته ان سنڌي ماڻهن کي حقيقي ۽ سياسي طور اتي منظم ڪيو آهي؟ پاڻ انهن کي نڌڻڪو ڪري اسان انهن کي قومي سياست جي نالي ۾ هلندڙ ڀتاگير مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ نوابشاهه جي سنڌين کي شهري حوالي سان ۽ سياسي طور منظم ڪيو وڃي ته ڇا انهن جي طاقت آڏو ڪا به دهشتگرد ڌر بيهي سگھندي؟ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ان سان سنڌ جي قومي ۽ سياسي سگھه ۾ جيڪو واڌارو ايندو، تنهن جي نتيجي ۾ رياست ائين سنڌين سان سنگين مذاق ڪري سگھندي؟

ان ڪري هاڻ اسان کي ان ڪمتريءَ جي احساس مان نڪري اچڻ گھرجي ته ڪو وڏن شهرن ۾ اسان سنڌي گھٽ تعداد ۾ آهيون. اصل سوال اهو آهي ته شهرن ۾ پنهنجي قوت کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪا گھربل سنجيده ڪوشش ئي نه ڪئي آهي.

  • سنڌ جون سياسي پارٽيون وڏن شهرن جي مالڪي ڪيئن ڪري سگھن ٿيون؟

منهنجيءَ نظر ۾ هيٺين طريقن سان سياسي پارٽيون شهرن ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار اُڀاري سگھن ٿيون.

(1) سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جا مرڪزي سيڪريٽريٽ ۽ آفيسون حيدرآباد بدران ڪراچيءَ ۾ هئڻ گھرجن. سنڌ جو انتظامي مرڪز ته ڪراچي آهي پر اسان کي پنهنجو سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مرڪز به ڪراچيءَ کي ٺاهڻ گھرجي.

(2) سياسي پارٽين جا اثرائتا ميڊيا سينٽر ڪراچيءَ ۾ به هئڻ گھرجن، جتي قابل ماڻهن کي ويهاريو وڃي ته جيئن اُهي تيز رفتاريءَ سان ميڊيا سان مستقل لاڳاپي ۾ رهن.

(3) سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين کي سياسي ۽ تنظيمي طور منظم ڪرڻ لاءِ ٺوس رٿابندي ڪئي وڃي ۽ اهو ڪم سمورين سطحن تي ڪيو وڃي.

_(4) سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرمين جو مرڪز وڏن شهرن ۽ خاص طور ڪراچيءَ کي بڻائين. سياسي پارٽيون پنهنجون ساليانيون ڪانفرنسون ۽ وڏا ميڙ ڪراچيءَ ۾ ڪن.

(5) ڪراچيءَ سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين کي منظم ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرمين کي تيز ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ثقافت ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي.

(6) ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جا ووٽ ووٽر لسٽن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وڏي مهم هلائي وڃي. ياد رهي ته چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي ۽ ووٽر لسٽن ۾ نالن جو اندراج دراصل قوم جي سياسي ڊيموگرافيءَ جو سوال آهي. هيستائين اسان ان ۾ سخت لاپرواهي ڪئي آهي.

(7) سنڌ جون سياسي پارٽيون شهري مسئلن کي به کڻن ۽ پاڻ تان اهو ليبل لهرائين ته اهي رڳو ٻهراڙين جون پارٽيون آهن.

(8) ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ رهندڙ ميمڻ، بوهري ۽ گجراتي برادرين کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اهي اسانجي قوم جوا هم ترين حصو آهن، جن کي شهرن ۾ دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

(9) سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور، ليکڪ خاص طور وڏن شهرن ۾ پنهنجون علمي، ادبي، فڪري ۽ ثقافتي سرگرميون منظم ۽ تيز ڪن ۽ انهن ۾ ٻين ٻولين جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي به گھرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به آباديءَ سان نسلي تعصب اسان جي قومي مفاد ۾ نه آهي.

(10) وڏن شهرن ۾ سول سوسائٽيءَ کي به نئين انداز سان منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اُهي فورم به شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جي قومي سگھه جي واڌ ۾ وڏو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

”افيئر جي ٿورن سان“


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net