ٿي تنين سين ڏيٺ . . .

استاد بخاري

جھڙيءَ طرح ــــــــ

        زندگي ڪيڏي به مِٺي، سهڻي، وڻندڙ، سينگار ۽ پيار ڪندڙ آهي، تنهن هوندي به ٽڪراءَ، ڇڪتاڻ، جھيڙي، جنگ سان هن جو انگ انگ سلهاڙيو پيو آهي.

اهڙيءَ طرح ــــــ

شاعري به حسن، عشق جا نغما ڳائيندي، امن، انصاف جا پيغام پهچائيندي، گڏوگڏ جنگناما ۽ ڪيڏارا به پيش ڪندي رهي آهي.

شاعريءَ جي شرناءِ عيدگاهه توڙي ماتمي ميدانن تي پئي وڳي آهي.

شاعريءَ ۾ ـــــــ

زندگي, موت ــــ جيت، هار ــــ خوشي، غم وانگر نينهن جا نظارا ۽ جنگ جا نغارا ڪٺي هلندا رهن ٿا. جيستائين وڃي ڪي ”جينيٽڪ انجنيئرنگ“ ذريعي، اهڙا نوان نسل پيدا ڪجن، جي سڀ جو سڀ صلح، سلامتيءَ جا نمائندا بنجي پون. ۽ هيءُ جَڳ، اڌ نرڳه مان سڄو سرڳه بنجي پوي.

جنگ نامي جي مڃيل قديم شاعر هومر لاءِ نقادن لاءِ لکيو آهي ته هن کي جنگ جو جنون ڪو نه هو پر خوبصورت هيلن جي حسن لاءِ هن جنگي شاعري ڪئي. ۽ ”اليئڊ“ لکيو فردوسيءَ کي وطن دوستيءَ ۽ ايراني قومپرستيءَ جي جذبي ”شاهنامي“ جھڙو شاهڪار لکايو ۽ هڪ هنڌ چئي ويٺو:

تغو بر تواي چرخ گردون تفو . . . .

ڪرشن پنهنجي پوڄاري گوپين جي وچ ۾ بين وڄائڻ وارو ڪلاڪار، مهاڀارت ۾ ڪورون سان جنگ جوٽڻ لاءِ ارجن کي مڃائي، مجبور ڪري ٿو ته، ته تير هلائي، ڇو ته مسئلو نياءَ، انياءَ جي مقابلي جو سمجهي ٿو. چوي ٿو:

”هي ارجن، يُڌ جي وچ ۾ اهو دک توکي ڪٿان آيو. اها نيچ ماڻهوءَ جي ٻُڌي آهي . . . . هي ارجن انهي نيچ ٻُڌيءَ کي تياڳ ڪر، اٿي يُڌ ڪر.“ قرآن شريف ۾ به جهاد جو ڪافي جاين تي بيان آهي.

فقير ڀاڳو ڀان، عظيم شاهه ڀٽائي، فقيهه قاسم کي به حق سچ لاءِ هڪلون ڪندو، ڀالا هڻندو ڏسي سگھجي ٿو.

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مَرڪ،
وجھن تان نه فرق، رُڪ وهنديءَ راند ۾.

آءُ طبعي طور مالهي ــــ مزاج ماڻهو آهيان. حسين رنگن، لذيذ هڳساڻن، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي وئي آهي ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست، پيار پڄاري، امن علمبردار هوندي، جِيون ـــ جياپي، امن، آجپي لاءِ جھونجھار بنجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار، ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان ـــــــ خوشيءَ کان نه پر دل جليءَ کان ــــ من ـــ مستيءَ کان نه پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.

تنگ آيد بجنگ آيد.

منهنجي خيال ۾ اها صورتحال رڳو منهنجي ذاتي تاريخ، جاگرافيءَ جي نه آهي پر سڄي سنڌي قوم سراسري طرح امن پسندي ۽ صلح، سلامتي جي ساٿوري پئي رهي آهي. تاريخي طور تي سنڌي قوم جي امن پسنديءَ جو چٽو ثبوت اِهو آهي جو موهن جي دڙي مان هنرمنديءَ جا اوزار، وندر ۽ راندين جو سامان، سهڻا فنپارا، سينگار جا ڳهڻا ته گهڻا لڌا آهن پر جنگي هٿيار تمام ٿورا مليا آهن.

تاريخ ۾ سنڌي راجا ۽ حاڪم هروڀرو هلان ڪري، ڪنهن ٻئي ملڪ تي ڪاهيندڙ نه پر پنهنجي وطن جي بچاءَ ۾ وڙهندڙ نظر اچن ٿا.

هن دؤر ۾ به سنڌي ماڻهن، پاڪستان جي ڪنهن به صوبي کي پنهنجي ڪالوني بنائڻ جو سامراجي مظاهرو ڪونه ڪيو آهي. ان جي ابتڙ هن ڀونءِ کي ڀيلڻ ۽ هن جي رت، ست چوسڻ لاءِ چوڌاري چارا ٺاهيا ويا آهن.

ڀارتي صوبي بهار کان وٺي، ڪشمير، قنڌار، بولان تائين ٻاهرين پرماري يلغار لاءِ دروازا کليل رکيا ويا آهن ۽ کين هتي مڇ ٿي مچي رهڻ لاءِ هر سهولت موجود آهي. ڄڻ ته هيءَ وادي ڪو وڏو شڪار گاهه آهي جنهن ۾ شڪاري ٿي اچڻ جي هر سامراجيءَ کي صلاح آهي ۽ اها دعوت ـــــ شيراز هر دؤر ۾ خود پاڪ وطن جي پاسبانن پاران به جاري آهي.

اسان جا پنهنجا پيدا ڪيل نمائندا، هِتان جي حقن جا هٿ ـــــ چونڊيا نگهبان به پنهنجي ڪاٺ جي ڪرسين بچائڻ ڪارڻ پنهنجي قومي حقن کي قربان ڪيو بيٺا آهن.

جُه سي لوڙائو ٿيا، جني سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي.

هِن وقت هت هن ڌرتيءَ تي سرد چئو يا گرم، ڳجھي سمجهو يا پڌري، تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جنگ لڙي پئي وڃي. وڏي ۾ وڏي ان ڪري جو هڪ شخص، هڪ ڪڙم، هڪ قبيلي، هڪ حاڪم، هڪ تخت ڌڻيءَ جي هار، جيت جو مسئلو نه آهي، پر هڪ پوري قوم جي زندگي، موت جو مامرو آهي.

صدين کان قدرتي، تهذيبي، تاريخي طور هڪ مضبوط وجود ورتل، مُلڪان ملڪ مڃيل، پنهنجي ڌرتيءَ تي ڄميل سنڌي قوم کي ڌيري ڌيري اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري، سندس قومي تشخص کي جسماني توڙي روحاني نموني تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌي قوم جي ثقافتي، اقتصادي، سماجي، سياسي آزاديءَ کي غلاميءَ جو گندي ۾ گندو ڦندو پارايو، سُرڪڻ ڦاهيءَ کي هوري هوري سرڪايو ٿو وڃي.

جڏهن هڪ سِر، هڪ گھر تي ڌاڙو به وڏي دهشت گردي آهي ته سڄي ڌرتيءَ تي ڌاڙن تي ڌاڙا، انهن لاءِ ڇا چئجي؟

ڪو ڪِيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا،
ڪو قومون ئي ماري ته پو ڇا چئون؟
ڪو هڪ ٽار ڏاري ته ناحق سڏيون ٿا،
ڪو ٻيلائي ٻاري ته پو ڇا چئون؟

رڳو هڪڙو ٻارو تڪي ڪو ته تاڪُو،
سڄو ملڪ جيڪي تڪن ٿا، اهي ڇا؟
فقط هڪڙو گهر ڪو لُٽي ٿو ته ڊاڪو،
سڄي سنڌ جيڪي لُٽِن ٿا، اهي ڇا؟

اهو هيڏو سارو هاڃو، ذليل پرماري ذهنيت، عيار ميڪاولي ـــــ رِٿ موجب پيو ٿئي. ڪجھه آمراڻي اُرهه زورائيءَ سان، ڪجھه مطلبي مفاد پرست مذهبي نعري بازيءَ سان، باقي پاڪستاني قوميت جي بد نيت بهاني سان، هتان جي ڪمزور قومن کي ٺڳيو ۽ جڪڙيو ٿو وڃي.

وطن دوست دليرن کي قيد ۾ ڪڙائي، اذيت ـــ گھرن ۾ ڏنڀائي چيچلائي، تڙپائي، تڙپائي نستو بنائين ٿا، وڏن وڏيرن، وڏن پيرن، وڏن ماڻهن کي پلاٽن، پرمٽن، ميمبرين، وزارتن تي خريد ڪري يا خطرناڪ ڪيسن ۾ ڦاسائي ڄڻ ته اکين هوندي به انڌو، ڪنن هوندي ٻوڙو، زبان هوندي گونگو ڪري ٿا ڇڏن. عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن کي نوڪرين، گريڊن، وڏن عهدن، انعامن تي لالچائي يا ڌڙڪن، دهمانن، دهشت گردين سان ڌمڪائي باهه جي گولي مان برف جو ڳنڍو بنايو ٿا ڇڏين.

وڏا وڏا ٽسينگ، ٺانگر ٽوٻر، ٿيندا ٿا وڃن. ڪرو، ڪارونجهر ڪنڌ جهڪايو بيٺا آهن. قوم پرستيءَ جا عرش عظيم به اندر ۾ فرش وڇايا پيا آهن. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته رڳو وات وڏا اٿن باقي قومي سچائي ۽ سچيتائيءَ ۾ لال جا چوها بنبا ٿا وڃن.

سوچجي ٿو، يا ته سنڌي قوم ۾ مجموعي طرح صلاحيت جو ايترو جوهر نه رهيو آهي جو بقائي اصلح جي اصولن موجب قومي مهاڏي ۾ پاڻ ملهائي مڃائي پنهنجو قومي وجود بچائي سگھن، يا ته سنڌي سرواڻن، قومي اڳواڻن ۾ ايتري سچي نيڪ نيتي، حڪمت ڀري ــــــ انقلابي مقناطيسي مڻيا ڪانهي جو هن وهميل، هيسيل، وکريل قوم کي اُٿاري، اُڀاري، آزاد قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگھن. موسى ۽ مائوءَ جون دعوائون ته گھڻن ڪيون. پر هن وقت تائين ڪو موسى ڪو مائو ثابت ٿي نه سگھيو. جھڙو کير تهڙو مکڻ يا جھڙي نيت تهڙي مراد.

هن وقت اڪثر اڳواڻ، مجبور سنڌي قوم جا نه پر، پنهنجي مغرور انا ۽ بيجا مفاد جا اڳواڻ آهن. پنهنجي پر ۾ سڀ سير، نه سوا مڻ نه پر سئو مڻ لڳا پيا آهن. ڏاڍي ڪا هڏي واري هوڏ اٿن ۽ هڪٻئي سان جي هِنن خود غرض ضديرن جا اهي حال آهن ته شايد اڳتي هلي، اصلي سنڌي قوم جو ته نه، پر هن خطي جو يعني نئين سنڌ جو، نئين رُلل مظلوم عوام جو نجات دهندو ڪو ٻاهريون آباد ٿيل نئون سنڌي بندو ٿي سگھي ٿو. باقي هتان جي اصلوڪي وڏيرڪي، پِيرڪي، مِيرڪي، مخدومڪي قيادت مان جيڪو ٿيڻو هو سو سڀني جي سامهون آهي.

يه بازو ميري آزمائي هوئي هين.

يا ته وري بين الاقوامي صورتحال اهڙو چڪر کائي، انقلاب پيدا ڪري، جو ايڪيهين صديءَ جي در تي بيٺل عدل، انصاف جي اميدوار انسان ذات، محبت ۽ مساوات واري زندگي گذارڻ جي قابل ٿئي ۽ غلاميءَ جي گھيري مان آزاد ٿي مانَ، مرتبي جو مقام حاصل ڪري سگھي. ۽ ان انقلاب جو بخرو ڪمزور قومن کي ملي وڃي.

اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ”جيئو، جيئڻ ڏيو“ جو انساني اصول اُجاگر ٿئي ۽ جمهوري عوامي امنگن جو دستور عمل ۾ اچي. باقي ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“. اهو ٿيو جهنگ جو قاعدو.

هٿيار بند ۽ هٿيار، جٿان ڪٿان ڌوپار،
ڪلئشني ڪلچر جو دهمان، ڊاڪو به ٽيپو سلطان،
زبان تي اخوان ـــ اخوان، ڪڇ ۾ ڪرپان.

جيستائين هتان جي عوام لاءِ اهڙا ڪُڌا ۽ قهري حربا استعمال ٿيندا رهندا، تيستائين ڦريل ۽ ڦٻيل جا ٽڪراءَ به ختم نه ٿيندا.

ڪنهن مجبور قوم کي خودمختياري سستي، سولي رڳو سوچيندي، سپنن لهندي نه ملندي. قومي مانَ مرتبو ٻانهن ٻڌندي، خيرات پنندي ڪو نه مِلندو.

سون، بازار مان ڳنهي وٺبو آ،
فيض، رهبر کان پِني وٺبو آ،
جو به سمجهو ته اوهان جو حق آ،
حق، مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آ.

ڪو به ڪارو ڊيم، ڳاڙهن ڳوڙهن وهائڻ سان رُڪجي نه ويندو. سامراجي ڏاڍ جا اڏا، گدڙن وارن کيکڙاٽ ڪرڻ سان کڄي نه ويندا، ٻاهريان ڌاريا ولرن جا ولر، ديوارن تي لکيل کوکلا نعرا ڏسي، واپس ڪو نه ورندا.

تاريخي جبر مان جان ڇڏائڻ لاءِ تاريخي جدوجھد گهرجي ۽ جيت تائين جنگ جوٽڻي پوندي. هزارين حيلا، ڪئين وسيلا هٿ ڪرڻا پوندا، پنهنجي ديس جي اسيمبلي ايوان کان وٺي اقوام متحده تائين، انساني ۽ قومي حق مڃائجن ته مُنهن مٿي کڻي سگھجي.

سڄي سنڌي قوم ــــــــــــــ

ننڍن ـــــ وڏن، زالن ــــ مردن، چڱن ـــــ مَٺن، اڳواڻن ــــ پوئلڳن ــــ ڪمين ـــــ ڪاسبين ــــ هارين، نارين جا هوش، جوش، حوصلا ڪٺا ڪجن ته ڪاميابي يقيني ٿئي. قطرا ــــ ساگر، جهؤنڪا ـــ طوفان، ڀڙڪا ـــ ڀوئنچال ٿيندا تڏهن سُهڻي سوراج جا سامان پيدا ٿيندا.

سوڀون سوچون ٿيون گھرن!
سوڀون سَگھون ٿيون گھرن!
سوڀون سِريون ٿيون گھرن!

”ڪاري ڪڪر هيٺ“، صَدين کان سنڌي قوم کي مادرِ وطن ۽ قومي وجود لاءِ جهيڙيندي ڏٺو اٿم. هن ڪتاب ۾ سنڌي قوم جي آزادي واري اڏول جذبي تي لکيو اٿم. هن ڪتاب ۾ سنڌي قوم جي آزادي واري اڏول جذبي تي لکيو اٿم. هي شاعري رنگين محفلن جو جنسار نه سهي، مجازي حسن، عشق جي امنگن جو اظهار نه سهي، پر سنڌي سپوتن، قومي ڪونڌرن جي ڪارنامن جو تاريخي دستاويز ضرور آهي. هي ڪتاب سُر ڪيڏارو ته آهي ئي اُن سان گڏ سنڌي سوڍن، ڳاڙهن گھوٽن جي لاشن تي مرثين جو مجموعو به سمجھڻ گهرجي.

اهڙا جھونجھار موضوع رڳو هن ڪتاب تي ختم نه ٿا ٿين پر منهنجي ٻين ايندڙ ڪتابن ۾ به دودا، دريا خان پنهنجي ديهن تي دنگندا ۽ جُوءِ لاءِ جنگندا ڏسي سگھبا. جيڪي اکئين ڏٺا شاهد آهن ته عدل، انصاف، آزاديءَ لاءِ جنگ جاري آهي۽ جاري رهندي.

جيئڻ جي جنگ جوٽي ٿئون، مخالف ٿي،
جي ملڪ الموت ايندو ته به مري ويندو،
اسان سنڌين کان آزادي کسڻ جي لئه،
خدا، آمِر سان گڏ ايندو، وري ويندو.

استاد بخاري جي ڪتاب ”ڪاري ڪڪر هيٺ (سر ڪيڏارو) “ مان کنيل.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net