|
|
شاهه لطيف پورهيتن جو شاعر
شاعرن جي سرتاج ۽ سرواڻ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي قلم کڻڻ وقت منجھي پوندو آهيان ته هن همه صفت جليل القدر انسان جي ڪلام ۽ پيغام جي ڪهڙي پهلوءَ تي لکان! سندس ڪلام جي فصاحت تي لکان يا بلاغت تي لکان. سلاست تي لکان يا جدت تي لکان. سندس فن ۽ فڪر تي لکان يا فلسفي تي لکان. سندس حب الوطني تي لکان يا انسان دوستيءَ تي لکان. سندس عالمگير پيغام تي لکان يا روحاني منزل ۽ مقام تي لکان. شاھ سائين جي ڪلام جا گونا گون پهلو ۽ بيشمار موضوع آهن. هن جو پيغام عالمگير آهي ۽ هو عالمي معنى ۾ محبِ وطن شاعر آهي. سندس پيغام ۽ فلسفو ڪن به حد بندين ۾ آڻي نه ٿو سگھجي. سنڌ جي سڄاڻ ليکڪ محترم مقبول احمد ڀٽي لطيف سائينءَ جي همه گير شخصيت ۽ شاعريءَ متعلق پنهنجي مقالي ۾ جن لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي، آءُ ان سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان. ڀٽي صاحب رقمطراز آهي : ”شاھ صاحب جي ڪلام ۾ امراءالقيص جي رزم آرائي، انوري جي بزم سنجي، متنـّـبي جي معنى خيزي، عُرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، عطار ۽ سنائيءَ جي پند و نصيحت، رومي جي رواني، جاميءُ جي علميت، سعديءَ جي سادگي ۽ سلاست، عمرِ خيام جي رندي ۽ مستي، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽئگور جي مدبرانه سنجيدگي موجود آهي. جيڪا شعر جي هر سٽ مان جھاتيون پائي جھلڪندي نظر اچي ٿي.“ مونکي هن مقالي ۾ شاھ صاحب جي فقط هڪ پهلو يعني رسالي ۾ پورهيتن بابت آيل احوال ۽ جذبن جو ذڪر ڪرڻو آهي. سڀ کان اول ڏسون ته پورهيت مان مراد ڇا آهي. ’پورهيت‘ جي لغوي معنى پورهيو ڪندڙ، ڪاسبي، پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ محنت ڪندڙ، ڪمي ۽ مزدور وغيره آهي. اصطلاحي معنى مطابق اهو ماڻهو جيڪو جسماني محنت ۽ مشقّت سان ذريعه معاش حاصل ڪري. مذهبي لحاظ کان به ان پورهيت کي الله جو دوست سڏيو ويو آهي جيڪو محنت سان رزقِ حلال حاصل ڪري. ’الکاسب حبيب الله.‘ جڏهن ته فقط ذهني پورهيو ڪندڙ کي به پورهيت ئي سڏيو ويندو. جسماني پورهيو ڪرڻ وقت به ذهن جو استعمال ضرور ٿئي ٿو. منهنجي مقالي جو عنوان ’شاھ لطيف پورهيتن جو شاعر‘ آهي. پروفيسر تاج جويو پنهنجي ڪتاب ’باهيون بيراڳين جون‘ ۾ لکي ٿو : ”شاھ لطيف سنڌ جو اهو پهريون عوامي شاعر آهي، جنهن بيحد سچائي، چٽائي ۽ سچيتائيءَ سان پورهيت ڪردارن کي ڳايو آهي. ۽ پورهئي جي عظمت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جڳھه ڏني آهي. هن پورهئي ۽ ڪردارن ۾ فني سونهن ڀري کين اڻ مِٽُ حيثيت ڏئي ڇڏي. مطلب ته لطيف جي شاعري جو تاڃي پيٽو سنڌ جي پورهيت ۽ مارو ماڻهن جي جيوت سان اُڻيل نظر ايندو.“ اها حقيقت روز روشن وانگر پڌري آهي. شاھ سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي دور جي هر طبقي جو وڏي گهرائي سان مشاهدو ڪيو آهي. پورهيت طبقي ۾ لنگھي، لوري ۽ ڪوري، موچيءَ کان ويندي وينجھارن، وڻجارن، غواصن ۽ ملاحن تائين هر هڪ پورهيت جي محنت کي غور سان جاچيو آهي. هنن چند صفحن جي مقالي ۾ انهن سمورن پورهيتن جو تفصيلي ذڪر ته ممڪن ناهي، تنهن هوندي به ڪوشش ڪئي اٿم ته گھڻن کان گھڻن پورهيتن جو ڪجھه نه ڪجھه احوال ضرور اچي وڃي. جن پورهيتن جو هن مقالي ۾ ذڪر آيو آهي انهن ۾ وڻجارو، ملاح، غواص، مهاڻو، ٻيڙا ٺاهڻ وارو هنرمند، سُٽ ڪتيندڙ ڪاپائتي، نازڪ نينهن وارو ڪوري، ڪنڀار، هاري، لوهار، ڌوٻي يا پريٽ، وينجھار، ڏوٿي يا کاهوڙي ۽ ٺاٺار اچي وڃن ٿا. وڻجارو ــــ غواص ــــ ملاح ۽ مهاڻو سُر سريراڳ ۾ ڀٽائي سنڌو ماٿر جي انهن محنتي ملاحن ۽ وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي آڌيءَ جو اٿي پنهنجا ٻيڙا بحرِ بي ڪنار جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. پاڻ کي ان اجھاڳ سمنڊ جي جھاڳڻ، ويرين ۽ طوفانن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ هر دم تيار رکندا هئا. اهڙن جان وڃائڻ وارن خطرن سان کيڏڻ بعد ئي اهي غواص پاتال ۾ پيهي سِپون سوجھي موتين سان مالا مال ٿيندا هئا. پوءِ اهي موتي ڏوراهن ڏيهن ۾ وڃي وڪرو ڪري اتان وري ٻيون قيمتي شيون وڻج لاءِ وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پيا پسار ڪندا هئي. اهڙي ريت هو پنهنجي محنت ۽ مشقت جي عيوض خاطر خواھ فائدا حاصل ڪندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو : ”سمنڊ پار پرڏيهي واپار ۾ سچن موتين جو وڏو قدر آهي. سمنڊ کي سوجھڻ سان ئي اهي اصل موتي ملن ٿا. غواص اونهي عميق سمنڊ جا خطرا سهن ٿا.“ لطيف سائين فرمايو :
سي پوڄارا پر ٿئا ، سمنڊ سيئو جن ساڳئي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
اي گت غواصن ، جئن سمنڊ سوجھيائون محترم بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ ٻيڙياتن يا وڻجارن جي ڪرت ٽن قسمن جي ٻڌائي آهي. هڪڙا اهي جيڪي مڇي ماريندا هئا. ٻيا اهي جيڪي سمنڊ مان موتي ۽ ٻيا جواهر ڪڍندا هئا. ٽيان اهي جيڪي ديس بديس سوداگري ڪندا هئا. پوين ٻن قسمن جي سامونڊين جو ذڪر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ ڏنل آهي. سنڌي وڻجارن جو جيڪو ٽيون قسم سوداگرن جو هو، اهي هڪ بندر جو مال ٻي بندر تي پهچائيندا يا وڪڻندا هئا. سندن سفر جو دائرو ايراني نار، يمن ۽ لنڪا تائين هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڻجارن جي واپاري حدن متعلق لکي ٿو : ”جاگرافيائي لحاظ سان سنڌ جا واپاري ۽ ناکئا اولھه طرف عربي سمنڊ جھاڳي عدن تائين ٿي ويا ته اوڀر طرف گھڻو پري، جاوا سوماترا جي سامونڊرا حڪومت جي گاديءَ جي شهر ۽ بندر ’پرلڪ‘ تائين پهتا. جنهن کي لڪ يا لڪا به ٿي سڏيو ويو.“ ڀٽ ڌڻي فرمايو :
لنڪا لنڪا ڪن ، لئه لنڪا جي اوهريا ٻي طرف وڻجارن جون ونيون پنهنجي ورن کي ياد ڪنديون رهن ٿيون. جڏهن سندن ڀتار ٻيڙا ڪاهي اٿاھ سمنڊ ۾ ذريعه معاش حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿي وڃن ٿا، ته نه هاڻي اهي تڙ آباد آهن نه اهي رونقون موجود آهن. انهيءَ وڇوڙي وڻجارن جي ونين کي ماري رکيو آهي. شاھ صاحب سندن دل جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي :
نه سي تڙ هوڙاڪ ، نه وايون وڻجارن جون پاڻي جي رخ مٽائڻ جي نتيجي ۾ ڪڏهن آباديون ويرانين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. لطيف سائين هيٺين بيت ۾ اهڙي ئي منظرڪشي ڪئي آهي ته جن جاين تي غواصن موتي ٿي ميڙيا هاڻي اتي واريءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. محصول اڳاڙيندڙ به پنهنجا ٿاڪ پٽي ويا آهن.
جتي گھوريو گھاتئين ، تِتي واريءَ بُٺَ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف“ ۾ رقمطراز آهي: ”شاھ صاحب ملڪي حالتن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته قوم کي احساسِ ڪمتريءَ مان ٻاهر ڪڍجي، ان ڪري هن هيٺين طبقي جي ماڻهن کي تمام گھڻو ساراهيو آهي ۽ سندن ڌنڌي جي واکاڻ ڪئي آهي.“ ڊاڪٽر صاحب مثال ۾ مهاڻن متعلق لطيف سائين جو هيٺيون بيت ڏنو آهي: سڙھ سوان ، لاڄو نوان ، مهاڻا سندن مير مٿين بيت ۾ مهاڻي کي ’مير‘ سڏي شاھ صاحب کيس احساسِ ڪمتري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سُر ڪاموڏ ۾ شاھ سائين انهن پورهيت ملاحن يا مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو گذر سفر فقط مڇي مارڻ تي هوندو هو. انهن جي پورهئي سان گڏوگڏ سندن غربت ۽ سادگيءَ جو احوال هن سُر ۾ جابجا ملي ٿو. هتي اهڙا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا جن مان اهڙي عڪاسيءَ جي جھلڪ نظر اچي ٿي. ککيءَ هاڻيون کاريون ، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄَ ٻيڙا ٺاهڻ وارو هنرمند پورهيت: ’سنڌو ماٿر جي سڀيتا‘ جو مصنف محمد ادريس صديقي لکي ٿو : ”موهن جي دڙي مان هڪ مهر لڌي وئي آهي جنهن تي ٻيڙيءَ جي تصوير موجود آهي. انهيءَ تي وچ ۾ هڪ ڪوٺي ٺاهيل آهي ۽ پاڇل تي ميربحر ڏيکاريل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندا هئا.“ جنهن جي شاهدي ڊاڪٽر زاهد خان انصاري جي ڪتاب History & Culture of Sindh مان به ملي ٿي. هو لکي ٿو : ”مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌو درياء ۾ هر هنڌ ٻيڙا نظر ايندا هئا. سنڌ ۾ ڪاٺ جي ڪمي ڪانه هئي جنهن ڪري هتي بي انداز ٻيڙا ٺهندا هئا. ايتري تائين جو جنگي ٻيڙا به بهترين قسم جا تيار ڪيا ويندا هئا.“ اهڙي طرحWill Durant پنهنجي ڪتاب History of World Civlization ۾ رقمطراز آهي : ”سنڌ جا بحري بندر سامونڊي ٻيڙن جي صنعت لاءِ تمام مشهور هئا ۽ انهن تي اهڙو ته خوبصورت ۽ پائيدار ڪم ڪيو ويندو هو، جو قسطنطيه جي سلطان کي ان ڳالھه تي حيرت لڳي جو کيس مصر ۾ ٺهندڙ ٻيڙن کان به وڌيڪ سستا ۽ خوبصورت ٻيڙا سنڌ مان ٺهي مليا.“ شاھ سائين پنهنجي رسالي ۾ ٻيڙن جوڙيندڙ پورهيتن ۽ سندن پورهئي جو ذڪر وڏي محبّت سان ڪيو آَهي. سڙھ سوان ، لاڄو نوان ، اولا سندن عاج ’اولا‘ جي معنى ڳن آهي جيڪو عاج جو آهي. جنگ جهاج جو مطلب وڏا ٻيڙا، تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ديو قامت ٻيڙا به ٺاهيا ويندا هئا. جيڪي پنهنجي مضبوطيءَ سان گڏوگڏ خوبصورتي ۽ نزاڪت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا.“ سُر سامونڊيءَ جو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي : سڙھ ٿي سبيائون ، بندر جن تڙن تي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي ٿيسز ۾ مٿين بيت تي رايو ڏيندي لکي ٿو: ”بندرن تي سڙھ سبڻ، کوها کڻڻ ۽ بحرن ۾ بيرقون لاهڻ اهڙا هنري اصطلاح آهن جن مان شاھ صاحب جي سنڌين جي هنرمنديءَ جي تاريخ جوڙڻ جو ثبوت ملي ٿو.“ کاهوڙي / ڏوٿي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي ۾ کاهوڙي متعلق رقمطراز آهي : ’کاهوڙي‘ لفظ جي معنى آهي ’کاهي‘ يا ’کهي وارو‘. کاهو يا کهو ڊگھي ڳن سان رنبي مثل سوڙهي ڦر واري ڄڻ هڪ ڪوڏر آهي جنهن سان ڪنڊن ڪانڊيرن وارو ڏکيو جھنگ وڍجي. کاهوڙي اهو پورهيت آهي جيڪو کاهو يا کهو کڻي اورچ ٿي لڳي ۽ ڪنڊن وارو ڏکيو جھنگ وڍي صاف ڪري. اڳين وقتن ۾ جڏهن گذران ڏکيو هو، تڏهن ويچارا غريب ۽ ڪنگال پنهنجي پيٽ گذران لاءِ ڪشالا ڪندا هئا. جھنگن، جبلن ۾ ڦرندا هئا ۽ ڏٿُ گڏ ڪندا هئا.“ اهڙي طرح ڏوٿيءَ مان مراد به اهو ئي پورهيت آهي. جنهن جو گذر ڏٿ تي هجي. ڏٿ وري اهو قدرتي طور ڌرتيءَ مان ڦٽل اَنُ يا ميوو آهي جيڪو جھنگلن ۽ جابلو علائقن ۾ خود بخود اڀري ٿو پوي. ڏٿ ۾ للر، لنب، کنڀيون، چڀڙ، ڀرٽ، گولون، سڱر، پيرون، ڪرڙن جي پسي، ڏونرا، ۽ پڪا وغيره اچي وڃن ٿا. انهن مان اڪثر سانوڻ ۾ مينهن پوڻ کان پوءِ اڀري پون ٿا. پر سياري ۽ ارهڙ ۾ ڏٿ ڏکيو ٿي پوندو آهي. سوڪهڙي واري مند ۾ جھنگن جبلن ۾ ڪن ٻوٽن ۽ ٻوڙن جون پاڙون کوٽي ڪڍڻيون پونديون آهن. جن لاءِ کها ۽ ڪهاڙيون کڻبا آهن. سنڌ ۾ به ٿر جي ريگستاني توڙي جابلو علائقن ۾ ڏٿ جام ملي ٿو. شاھ سائين اهڙن پورهيتن لاءِ فرمايو:
ڏينهن تتي جو ڏونگرين ، ڪارڻ قوت ڪهن ڏوٿي ڏٿ لاءِ ڏورڻ وقت پاڻ سان پاڻيءَ جون کلون به کڻندا هئا، ڇالاءِ ته سڃ جو سفر هوندو هو ۽ اُڃ ۾ انسان بيحال ٿي ويندو آهي.
هلو ته هلون ڏٿ کي ، اُٿيو اُٿيو ڪن کاهوڙين جو پنڌ اڻانگو ۽ منزل ڏور. تنهن ڪري سندن ننڊ حرام هوندي هئي. لڳي ٿو ته لطيف جو به انهن کاهوڙين سان ضرور ميلو ٿيو آهي جو سندن سربستو احوال ويٺو ٻڌائي :
مون کاهوڙي لَکيا ، سمهن ڪين پَئِي ڏٿ ووڙڻ لاءِ ڏوٿيئڙا جڏهن ڏونگرن جا راهي ٿي وڃن ٿا ته سندن پوئينرن کي اها ڳڻتي ورائي ٿي وڃي ته الاجي کاهوڙين کي ڏٿ ڏورڻ ۾ ڪيتري ڪاميابي ٿي! پوءِ هو انهيءَ واٽ ويندڙن کي نياپا سنيها ڏيندا رهن ٿا :
پارا پڇي آءُ ، خبر کاهوڙين جي ڏوٿين جي ڏکن ڏولائن جو ذڪر شاھ سائين وڏي تفصيل سان ڪيو آهي. اهي پورهيت پورهئي خاطر ڪڏهن ته اهڙن مشڪل ماڳن ڏانهن ويندا هئا، جن ماڳن متعلق ڪيترن کي ته ڪا ڪَلَ ئي ڪانه هوندي هئي. ڀٽ ڌڻي فرمايو :
ڏوٿي سا ڏورين ، جا جوءِ سئي نه ٻڌي ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
کاهوڙي کجن ، پسيو پورهيت ويسرا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مٿين بيت جو مفهوم هن ريت لکيو آهي : ”کاهوڙين کي وڏي ڏکي ڳالھه اها لڳي جو پورهيتن کي واندو ويسرو ويٺل ڏٺائون. ٿئي پورهيت ۽ ويهي ويسرو! ڏٿ ڏورڻ وارا ته گھڻو پري رڃن منجھه رهندا آهن. انهن وٽ منهنجي پرينءَ جي ڪا ڳالهڙي آهي.“ ڪاپائتي هي دنيا عمل ۽ سعي جو هنڌ آهي جتي انسان کي پنهنجي جيئاپي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڪاپائتي جو ڪردار اهڙين پورهيتن جو عمدو مثال آهي. جيڪا چرخو چوري، سُٽُ ڪَتي پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري ٿي. شاھ صاحب جي دور ۾ چرخي تي سُٽُ ڪتڻ جو رواج هنر جي حوالي سان اوج تي هو. گھڻو ڪري هر هڪ گھر ۾ ائٽ هوندو هو جنهن تي سگھڙ عورتون ڪَاپَي جو ڪم ڪنديون هيون. ننڍي ٽهيءَ وارين نينگرين کي گھرَ جي ڪم ڪار سان گڏ سُٽُ ڪتڻ جو هنر به سيکاريو ويندو هو، جئن هو گھر ڌياڻيون ٿيڻ کان پوءِ ان هنر ۾ به ماهر ٿي وڃن. پر جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري ڪو وياءُ وڏو ٿي ويو ۽ ائٽ هلائڻ سکي ڪونه سگھيو ته پوءِ وڏي عمر ۾ ان جو هٿ هِرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. لطيف سائين جي لفظن ۾ اهڙي وڏي وياءَ کي هن ريت تنبيهه ڪئي وئي آهي :
سي تو ويهي وڃائيا ، جي ڪَتڻ سندا ڏينهن ڀٽ ڌڻي ڪاپائتي کي ’ڪاتاري‘ به ڪوٺيو آهي ۽ انهن ڪاتارين جي هٿ جي نفاست ۽ نزاڪت جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
تنبائي تاڪيد سين ، جن پڃايو پاءُ ڀٽائي صاحب نه فقط قابل هنرمند پورهيت کي ساراهيو آهي بلڪه جيڪا فقط گذر سفر جي حد تائين پنهنجي حال سارو ٿلهو ڪَتي رنڊا روڙي ٿي ان کي به ڪونه وساريو آهي. فرمائي ٿو :
جا سنهو نه سکي ، سا مَر رنڊائي روڙي مولانا دين محمد وفائي پنهنجي تصنيف ’شاھ جي رسالي جو مطالعو‘ ۾ لطيف سائينءَ جي حوالي سان ان ڏهاڳڻ پورهيت عورت جو ذڪر ڪيو آهي جيڪا پيٽ گذران لاءِ در در ڀيرا ڏيئي سُٽُ ڪتائڻ لاءِ ماڻهن کي ايلازو ٿيندي هئي.
پلئه پائي پوڻيون ، در در ڀيرا ڏئي ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’شاھ لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ‘ ۾ شاھ صاحب جي دل ۾ پورهيت لاءِ پيار ۽ قدر وقيمت متعلق لکي ٿي : ”پورهيت ۽ هٿ جي پورهئي جي عزت شاھ صاحب وٽ تمام گھڻي ملي ٿي. هو پورهيت جي هٿن کي سونَ جهڙا ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته انهن مان نڪتل پورهيو ڪڏهن به بيڪار ڪونه ٿيندو آهي.“
سون ساريڪا هٿڙا ، ڪوه نه ڪتين رڏ جن ڪاپائتين محنت سان محبت شامل ڪري سويل ئي اٿي پنهنجو چرخو چوريو ته سندن اهڙي خلوص ڀري پورهئي جو صرافن به قدر ڪيو ۽ سندن ڪتيل سٽ کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ معقول معاوضو ڏنو. لطيف سائين فرمايو :
ڪو جو وھ ڪاپايتين ، ڪنبن ۽ ڪتين ’ آتڻ‘ جو مفهوم اجاگر ڪندي ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’شاھ لطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري‘ ۾ لکي ٿو: ”زندگيءَ جي هر مقصد ۾ ڪاميابي تڏهن ٿيندي جڏهن انسان مقصود جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندو. انهيءَ جدوجهد جي پهلوءَ کي سامهون رکندي لطيف سائين لفظ ’آتڻ‘ استعمال ڪيو آهي. لفظ آتڻ هن سُر ۾ جدوجهد، ڪتڻ ۽ محنت ڪرڻ واري ماڳ مڪان لاءِ ڪتب آيو آهي.“ ڪوري پورهئي ۽ هنرمنديءَ جي حوالي سان ڪوريءَ جو شمار انهن اورچ پورهيتن ۾ ٿئي ٿو جيڪو قديم زماني کان وٺي انسان جو انگ ڍڪڻ وارو عظيم عمل سر انجام ڏيندو رهي ٿو. پراڻي دور ۾ هٿ جي هنرن ۾ آڏاڻي تي ڪپڙي اڻڻ جي پورهئي کي پٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت حاصل هئي. ’قديم سنڌ‘ جو مصنف ڀيرو مل آڏواڻي سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جي قدامت متعلق لکي ٿو : ”جنهن زماني ۾ ڪيترين قومن کي اڃا پنهنجي بُت ڍڪڻ جي ئي سُڌ ڪانه هئي تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا رهاڪو ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا. جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪائيندا هئا.“ موهن جي دڙي مان هٿ آيل ڪپڙي جو ٽڪرو مٿين حقيقت تي دلالت ٿو ڪري. جنهن لاءِ تاريخ جي ماهرن جو خيال آهي ته اها ڪپڙي جي پراڻي مان پراڻي دريافت آهي. Will Durant ان سلسلي ۾ لکي ٿو : ”دنيا ۾ سڀ کان اول ڪپھه جي پوک سنڌ ۾ ٿيندي هئي ۽ ان مان اول اول ڪپڙو موهن جي دڙي وارن ماڻهن ٺاهيو.“ شاھ صاحب جي دور ۾ هي هنر اوج تي هو. ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ محترم بدر ابڙو لکي ٿو : ”ٺٽي کان سٺ ميل پري درياءَ جي ڪناري آباد شهر نصرپور ۾ ڪورين جا ٽي هزار ڪُٽنب هئا. جيڪو ٺٽي جيترو ئي وڏو شهر هو. هتي جيڪو ڪپڙو اڻيو ٿي ويو ان جي ڊيگھه 17 وال ۽ ويڪر اڌ وال هئي. ان ڪپڙي کي ’جوڙي‘ چيو ويندو هو. ساڳي طرح سيوهڻ شهر ۾ ڪورين جا هڪ هزار ڪٽنب هئا. سيوهڻ جا ڪوري به سٺي قسم جو بافتو اُڻندا هئا.“ لطيف سائين ڪوريءَ جي ڪردار ۽ عمل کي ڪھڙن نه خوبصورت لفظن ۽ لطيف جذبن ۾ خراج ِ تحسين پيش ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
هلو ته هلون ڪورئين ، جتي گھڙجي نينهن بيت جو هر هڪ لفظ پنهنجي اندر محبت، اتحاد ۽ پنهنجائپ جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سمائي ٿو. گويا ڪوريءَ جو ڪاروبار ۽ عمل سراپا محبت آهي. هو نفاق ۽ نفرت کان نفرت ڪري ٿو. مولانا دين محمد وفائي ڪورين جي ڪاروبار متعلق لکي ٿو: ”ڪورين کي سُٽُ ڏئي ڪپڙي جو نمونو سمجھايو ويندو هو. ڪي ننڍي بَرَ وارا تاڪيا اهڙا هوندا هئا جن جي تاڃيءَ ۾ فقط ٽي سئو تندون هونديون هيون ۽ وڏن برن وارن ٿانن جي تاڃي هڪ هزار تندن جي رٿي ويندي هئي. جنهن کي ’ڏھ سَئي‘ سڏيندا هئا ۽ ٽن سوَن واريءَ کي ’ٽِه سَئي‘ چوندا هئا.“ انهن اصطلاحن کي ڪم آڻيندي شاھ صاحب فرمائي ٿو : تنهنجي ٽه سَئي تاڻ ، هُت ڏڪن ڏھ سَئيءَ واريون مٿين سٽ مان لطيف سائين جي مشاهدي واري اک جو پتو پوي ٿو ته هن ڪيئن نه ڪپڙي جي تاڃي پيٽي متعلق معلومات حاصل ڪئي ۽ اهڙي معلومات کي وري ناصحانه نڪتن ذريعي پيش ڪندي ڪمال هنرمنديءَ جو ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اسان جي معاشري ۾ تنگ نظريءَ سبب ڪوريءَ کي ڪمتر ڪري پيش ڪيو ويندو آهي پر شاھ صاحب هن پورهيت جي عظيم پورهئي جو قدر ڪندي کيس اصل مانَ ۽ مقام تي آڻي بيهاريو. اهو دراصل لطيف جي عظمت جو ثبوت آهي. لوهار لوهار جو شمار انهن پورهيتن ۾ ٿئي ٿو جن جو واسطو لوھ، سنداڻ، مترڪن ۽ باھ جهڙين شين سان آهي. جيڪي ڪوئلن جي ڪاراڻ سان راند ڪندا آهن. اهي ڌنوڻ ڌنوين باھ جي شديد گرميءَ آڏو انساني زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن ۽ ٻين سک جي شين تلوار، ڪهاڙي، ڪوڏر کان ويندي ڏاٽي، گھوٻي، زنجير، ڪاتي، ڇري ۽ ٽڦڻيءَ تائين تيار ڪندا آهن. ۽ ائين پنهنجي لاءِ رزقِ حلال حاصل ڪندا آهن. لطيف سائين هن پورهيت جي پورهئي جو ذڪر وڏي محّبت ۽ احترام سان ڪيو آهي ۽ سندس هنر جي حوالي سان بيمثال تشبيهون جوڙيون آهن. مثال طور هي بيت ملاحظه ٿئي :
ڪڙو منجھه ڪڙي ، جئن لوهارن لپيٽيو مٿيون بيت لوهار جي هنر ۽ حرفت جو خوبصورت مثال آهي، جنهن مان سندس محّنت ۽ مشقت پڌري ٿئي ٿي. لوهار ڪيئن نه لوھ کي تپائي ڳاڙهو ڪري مترڪن جي مهميزن سان هڪ هڪ ڪڙو الڳ تيار ڪري وري ڪڙو ڪڙي سان ملائي هڪ اهڙو مضبوط زنجير جوڙي ٿو جنهن جي مضبوطي ۽ طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو ٻين ننڍن وڏن جانورن کان ويندي هاٿيءَ جھڙو ديو هيڪل جانور به اها زنجير ٽوڙي نٿو سگھي. جنهن مان هن هنرمند جي خون ۽ پسيني جي پورهئي جو پتو پوي ٿو. اسان جي سماج ۾ هن محنت ڪش جو شمار جيتوڻيڪ عام پورهيتن ۾ ٿئي ٿو پر درحقيقت هي پورهيت صنعت ۽ حرفت جو گويا سرجڻهار آهي. سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين هن پورهيت کي وڏو مقام عطا ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
سِرُ سانداڻ ڪري ، پڇج گھر لوهار جو مٿين بيت ۾ لوهار جي حيثيت گويا هڪ مرشد جھڙي ڏيکاري اٿس. جهڙي طرح مريد کي پنهنجي مرشد اڳيان انتهائي عقيدت سان هر امتحان مان پار پوڻ واري جذبي سان حاضر ٿيڻ کپي، اهڙي طرح هتي ’مانَ گڏنئي رُڪَ سين.‘ جو مفهوم به ساڳيو نڪري ٿو، ته سِرَ کي سنداڻ بڻائي پوءِ اهڙي استاد هنرمند جي وڃي شاگردي اختيار ڪر. سِرَ کي سَنداڻ بڻائڻ جو مطلب اهو آهي ته جئن سنداڻ مترڪن جا زبرا ڌڪ ۽ تتل لوھ جي گرمي پنهنجي مٿان برداشت ڪرڻ جي عادي ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح تون پاڻ کي گرمي سردي سهڻ جو عادي بڻائي ڇڏ. ساڳي سُر جو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
اڄ آڳڙيا آيا ، سائو ڪي سُڄاڻ هن بيت ۾ لوهار کي سائوُ ۽ سڄاڻ ڪوٺيو ويو آهي. ڇوته اهي ڪاريگر لوھ تان ڪَٽُ لاهي رُڪُ تيار ڪندا آهن. رُڪَ بابت هڪ ٻيو بيت آهي :
پچائي پهاڻ جن ، رساڻيون رُڪَ سين ڊاڪٽر گربخشاڻي رُڪَ جُڙڻ جي مرحلن بابت لکي ٿو : ”’پَهڻ‘ ڪچي ڌات هوندو آهي جنهن کي پگھاري پهريائين پالٽو لوھ، پوءِ گھاڙو لوھ، تنهن کان پوءِ صاف رُڪُ ڪڍندا آهن.“ لوهارن جي سخت پورهئي جي عڪاسي لطيف سرڪار هيٺين بيت ۾ ڪهڙن نه اثرائتن لفظن ۾ ڪئي آهي. فرمائي ٿو :
ڪَٽُ ڪَڙهَي ، لوھ ٻري ، ڌوڌيا جت ڌڳن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي چوڻ مطابق ’سانداڻيون سهڪن‘ مان مراد اها آهي جئن لطيف لوهار جي ڌنوڻينءَ کي ساھ کڻندي ڏيکاريو آهي. لوهار ڪنهن به اوزار کي شڪل ڏيڻ بعد ان کي ضرورت مطابق تيز ڪرڻ لاءِ سراڻ تي لاهيندو آهي ۽ اوزارن جي تيزي برقرار رکڻ لاءِ انهن کي مخصوص پاڻيءَ مان گذاريندو آهي. سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين لوهار کي آڳڙيو ڪري ڪوٺيو آهي. فرمائي ٿو :
اڄ آڳڙيا آئيا ، سوڌا سراڻي ڀٽائي صاحب اهڙي محنت ڪش کي پنهنجي پورهئي تي مطمئن ڏيکاريو آهي. فرمائي ٿو ته جن جي وابستگي يا ناتو سراڻ سان آهي، اهي سرها نظر اچن ٿا. سندن تيغ يعني تلوار کي ڪڏهن به ڪَٽُ ڪانه ٿي لڳي. جنهن مان اهو مطلب ٿو نڪري ته اهي پنهنجو پورهيو انتهائي سچائي ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري سندن ظرف ۽ ضمير مطمئن آهن.
سرها ڏٺم سي ، جن ساڃاھ سراڻ سين ڪنڀار ڪنڀارڪو هنر قديم زماني کان قائم آهي. دنيا ۾ جيستائين مختلف ڌاتو متعارف ڪونه ٿيا هئا ته فقط مٽيءَ جي جڙيل شين تي اڪتفا ڪئي ٿي وئي. ٺڪر جا ٿانو اسانکي دنيا جي تقريباً سمورن قديم آثارن جي کوٽائي ڪندي مليا آهن. پنج هزار سال اڳ موهن جو دڙو جا ماڻهو ٺڪر جي ٿانون جا ماهر ڪاريگر هئا. جن جي مهارت جا ثبوت مختلف ميوزمس ۾ موجود آهن. جن مان سندن حرفت ۽ هنر، نفاست ۽ نزاڪت بَکي ٿي. ڪاڪو ڀيرو مل ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو : ”رِگ ويد واري زماني ۾ به ڪنڀار هوندا هئا، جيڪي نار لاءِ ڪينگريون ۽ گھر ۾ ڪم اچڻ وارا ٺڪر جا ٿانون ٺاهيندا هئا.“ شاھ سائين پنهنجي ڪلام ۾ هن پورهيت کي به خوب واکاڻيو آهي. جن مرحلن مان ٺڪر جا ٿانون گذري تيار ٿيندا آهن انهن کي دهرائڻ جي هتي ضرورت ڪانه آهي. شاھ لطيف ڪنڀار جي انهن سمورن مرحلن جو وڏي غور ۽ فڪر سان مشاهدو ڪيو ۽ ان مان ڪيئي نصيحت جا نُڪتا به ڪڍي نروار ڪيائين. هيٺ ڪنڀارڪي نهائينءَ يا آويءَ جو ذڪر ڪهڙي نه سهڻي پيرايي ۾ ڪري ٿو :
نهائينءَ کان نيهن ، سِکُ منهنجا سپرين لطيف سائين سُر سهڻيءَ ۾ پڻ ڪنڀار جو ذڪر جابجا ڪيو آهي:
ڪچو کان ڪنڀار ، اوڳي ڳنئو اٿيين يا
پڪا رڇ ڪنڀار جا ، پڪي نهائين شاھ صاحب ڪنڀار کي ساڳي سُر ۾ ڪُلال به ڪوٺيو آهي. جئن فرمائي ٿو: ڪڍيا جي ڪُ |