پيار- بهارن جو پيغام

hiimrizwangul@yahoo.com

                              رضوان گل

پيار اهڙي امر احساس جو نانءُ آهي جيڪو ازل کان ابد تائين پنهنجي پوري آب وتاب سان جاري وساري ۽ زنده رهڻو آهي، پيار جي وضاحت هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي آهي ڪنهن لاءِ پيار زندگيءَ جو حسين نغمو آهي ته ڪنهن لاءِ جيون جي اجاڙڻ جو باعث. ڪنهن چيو پيار جيون آهي ۽ نفرت موت، جيون خوبصورت آهي ۽ موت ڪوجهو ۽ ڀيانڪ، ڪنهن چيو پيار سانوڻيءَ جي بوندن جيان ٿڌڪار جو احساس ڏياريندڙ آهي ته نفرت اس ۾ جهولي جي ساڙيندڙ تيز هوا جيان. پيار فاصلن کي قربتن ۾ تبديل ڪندو آهي ته نفرت قربتن کي فاصلن ۾، پيار خوبصورت ٽڙيل گلاب جيان واس ڏيندڙ ته نفرت چڀندڙ ڪنڊي جيان، پيار دنيا جي هر دولت کان اتم بقول نامياري ۽ منفرد شاعر اياز گل جي:

جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي
تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گهرجي ٻي؟

چون ٿا پيار ڪيو ناهي ويندو پر اهو اهڙو احساس آهي جيڪو اچانڪ ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا جي هر شيءِ ان هڪ لمحي جي پيدا ٿيل احساس تان قربان ڪري ڇڏي آهي پر جڏهن اهوئي پيار حاصل ٿيڻ کان اڳ ئي کسجي ويندو آ ۽ اهو شخص جنهن کي اوهان انتهائن سان چاهيو هوندو آهي سوئي گهاو ڏيڻ لڳي ته هن قسم جو احساس جنم وٺندو آهي:

سڀ ٽهڪ سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾
سڀ لڙڪ سڀئي گهاوَ اسان جهول جهلياسي
اڄ نانءُ ڏنو ان به خزائن جو اسانکي
جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي.

پيار جو رابطو دل سان آهي پيار ذهن سان ڪبو ته ڪاروبار چئبو، دل جيڪا ميڊيڪل سائنس جي حوالي سان ته فقط هڪ پمپنگ مشين آهي پر شاعرن ۽ عاشقن لاءِ پيار جو مسڪن ۽ پريميءَ جوگهر جنهن کي هرماڻهو سندرسپنن ۽ اميدن جي شمعن سان سجائيندو آهي، پيار جي شروعات هميشه ديد کان ٿئي ٿي جيڪا آخر وڃي دل تائين رسي ٿي ۽ پوءِ چپن ذريعي اظهارجي ٿي، پر اظهار فقط چپن تي آڻڻ جو ئي نالو نه آهي پيار جي اظهار لاءِ ته نيڻ ئي گهڻو ڪجهه سمجهائي ويندا آهن ڇالاءِ ته جڏهن نيڻ ڳالهائيندا آهن ته اهل زبان به خاموش ٿي ويندا آهن! محبوب جي مرڪي گهاوَ ڏئي ۽ نيڻ گهوري دل گهرن ته پوءِ سهڻي شاعر عبدالغفار تبسم جو هي سٽون زبان تي بي ساخته اچي وڃن ٿيون.

مرڪي ڪو گهاؤ ڏي ته مسيحائي ڇا ڪجي،
ڪا ديد دل گهري، ڏجي، دانائي ڇا ڪجي،
هر هر گٿو نشان کان هر هر مان دل رکي،
نئين تير ڪشن جي ڀي همت افزائي ڇا ڪجي.

پيار اهڙو نشو آهي جنهن ۾ هوش و هواس موڪلائي وڃن ٿا ۽ عقل جون سرحدون پار ڪري انسان هڪ اهڙي انوکي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو جتي بس فقط سندس دل جي حڪمراني آهي ۽ انهيءَ دل تي وري سندس پرينءَ جو قبضو آهي اهڙي الڳ ٿلڳ دنيا ۾ پيار جي پرستش جي ڪابه سرحد نه ٿي هجي. اهڙي دنيا بابت فقط اهي ئي ڄاڻن ٿا جن خود پيار جو پيچ پاتو هجي ۽ من ئي من ۾ ڪي سپنا سجايا هجن اهڙي ڪيفيت کي لفظن ۾ ڀلي ته ڪيترو به وضاحت سان پيش ڪجي پر اصل لفظن جو رس ۽ رچاءُ جيئن ڪڏهن به سازن ۾ نه ٿو اچي سگهي ائين ساڳئي ريت وري انهن راحتن ۽ مزن جو لطف وري لفظن ۾ سمائجي نه ٿو سگهي، اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار سنڌ جي قومي شاعر استاد بخاريءَ به هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:

وڄايون ڪيترو جهومي نچي پر،
چپن جو چاهه چنگن ۾ نه ايندو.
ٻڌايون کوڙ تشبيهون ڏئي پر،
مزي جو لطف لفظن ۾ نه ايندو.

پهريون پيار زندگيءَ جو سرمايو هجي ٿو، اهو ضروري نه آهي جو هرڪو اهو پهريون پيار ماڻي به وٺي، پر اهو ضروري آهي ته اهو پهريون پيار ئي هوندو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي رڃ ۽ ريگستان به پسائيندو آهي ته سوچ جا ساگر به جنهن ڪري اهو جيون ۾ ڪنهن اڻ مٽ لڪير جيان هميشه پنهنجو احساس جتائيندو رهندو آهي. وقت مٺ ۾ جهليل واريءَ مثل آهي. جيڪو وهندو ٿو رهي! پر ڪي گهاؤ اهڙا به هوندا آهن جن کي وقت جو وهڪرو به مٽائي ناهي سگهندو. نون پريمين جون پيار ڪهاڻيون به ڪومل ۽ معصوم خواهشن جو سنگم هونديون آهن جنهن ۾ سپنن جا ديپ جلائي چانڊوڪيءَ رات ۾ پرينءَ جو چهرو نيڻن سان چمڻ جو احساس خوبصورت شاعر مقصود گل ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:

تنهنجو چهرو چانڊوڪيءَ ۾،
نيڻ چمڻ لئه آتا آهن.
تن کان پڇجي قرب ڪهاڻي،
نينهن نوان جن لاتا آهن.

پيار فقط ٻن پريمن تائين محدود نه آهي پر هي ته اهو پاڪيزه احساس آهي جيڪو ڪائنات جي ڪارڻيءَ کان ويندي ڌرتيءَ جي هڳاءَ ڏيندڙ مٽيءَ سان به ٿي سگهي ٿو ته دوستن جي درميان پڻ. اڄ دنيا کي پيار ۽ امن جي ضرورت آهي اچو ته نفرت سان نفرت ڪري پيار سان پيار ڪيون ته سڀئي سور ۽ سڏڪا خوشين ۽ ٽهڪن ۾ تبديل ٿي وڃن.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net