تحقيقي / تنقيدي مقالو

شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت

(Narcissism in the Poetry of Shah Latif)

قسط نمبر 1

  ــــــــــــــــ احمد سومرو
sindhipoet@hotmail.com

 اردو ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر سلام سنديلويءَ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ اردو شاعريءَ جي نفسياتي تنقيد ڪندي، اردو ٻوليءَ جي ڪيترن ئي معروف شاعرن جهڙوڪ: امير خسرو، نظير اڪبرآبادي، نازنين دهلوي، ذوق، بهادر شاهه ظفر، الطاف حسين حالي، اڪبر الله آبادي،  آرزو لکنوي، حسرت موهاني، مرزا غالب، اثر لکنوي ۽ علامه محمد اقبال وغيره کي نرگسي شاعر قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر سنديلوي صاحب جي ان تنقيد کان پوءِ اردو ٻوليءَ ۾ هڪ نئين بحث جنم ورتو ۽ رد عمل ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ نقادن اردو شاعريءَ ۾ نرگسيت ۽ شاعرن جي نرگسي روين بابت لکيو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ ادب جي تنقيد جا سڀئي طريقا عام رائج آهن پر ادب جي نفسياتي تنقيد جي معاملي ۾ تمام گهٽ نقادن قلم کنيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ٻولي ڪيترن ئي تنقيدي اصطلاحن ۽ پهلوئن کان اڃا تائين ناآشنا آهي. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي ئي مون هي تحقيقي مقالو ”شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت“ لکيو آهي. شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهريان نرگسيت جي اصطلاح جي نفسياتي ۽ تنقيدي وضاحت ڪئي وڃي.

نرگسيت (Narcissism)، علم نفسيات جو هڪ خاص اصطلاح آهي. هن جو اهو نالو ۽ مفهوم هڪ قديم يوناني ديومالائي قصي تان ورتل آهي، جنهن مطابق قديم يونان ۾ Narcissus (نرگس) نالي هڪ خوبصورت نوجوان رهندو هو، جيڪو درياهه جي ديوتا Cephissus جو پٽ هو. نرگس کي پنهنجي سونهن تي گهڻو ناز هوندو هو. ڪيتريون ئي حسين عورتون سندس عشق ۾ مبتلا هيون پر هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جي محبت کي قبول نه ڪيو. کيس چاهيندڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت ايڪو (Echo) پڻ هئي. ايڪو گهڻا ئي حيلا وسيلا هلائي نرگس کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُن ايڪو طرف ڪو ڌيان ئي نه ڏنو. ايڪو، نرگس جي ان مغرور رويي ۽ سندس دل ڀڃڻ جي دانهن نيميسس ديوي (Nemesis) کي ڏني، جنهن نرگس جي غرور کي ٽوڙڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ، کيس پنهنجي ئي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نرگس هر وقت نديءَ جي ڪناري تي ويهي، پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسندو رهندو هو. پنهنجو پاڻ کي پسڻ واري انهيءَ لڳاتار عمل ڪري ئي هو هڪ ڏينهن نديءَ جي ڪناري تي ئي مري ويو. سندس موت کي يادگار ۽ ٻين لاءِ مثال بنائڻ لاءِ ديويءَ کيس گل جي روپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ نئين گل ”نرگس“ (Narcissus) جو وجود پيو، جيڪو اڪثر ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي ۽ ان جا گل پاڻيءَ طرف جهڪي ٽڙندا آهن. ائين جيئن آبي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي رهيا هجن!

اهو هو نرگس جي گل بابت يوناني ڏند ڪٿائي قصو، جتان لفظ نرگسيت (Narcissism) کي کڻي ويهين صدي جي ناليواري ماهر نفسيات سگمنڊ فرائيڊ (1856-1939) ساڳئي مفهوم ۾ هڪ نفسياتي اصطلاح طور رائج ڪيو. نرگسيت هڪ وسيع معنيٰ ڏيندڙ اصطلاح آهي، جيڪو نه صرف خالص نفسياتي آهي بلڪه سماجياتي ۽ ادبي پڻ آهي. تنهنڪري نرگسيت کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي مختلف سمجهاڻين کي پڻ پيش ڪيو وڃي.

 نرگسيت جي نفسياتي سمجهاڻي:

 فرائيڊ پنهنجي هڪ مضمون On Narcissism : An Introduction ۾ نرگسيت جي وضاحت فرد جي پنهنجي وجود سان لاڳاپيل محبت طور ڪئي آهي، جيڪا فطري طور تي هر انسان ۾ جنم وٺندي آهي. فرائيڊ پنهنجي مضمون ۾ ان ڳالهه بابت ڪيترائي دليل پيش ڪيا آهن ته نرگسيت، لبيڊو (Libido) جي پيداوار آهي. هيءَ اها خواهش ۽ طاقت آهي جيڪا انساني جبلتن کي جياري ٿي.

فرائيڊ نرگسيت کي انساني شخصيت جي تشڪيل ۽ تخليقي صلاحيتن جو محرڪ سڏيو آهي. فرائيڊ جڏهن انساني شخصيت ۾ نفسي ۽ جنسي رجحانن ۽ لاشعوري محرڪن جي ڳولا ڪندي فرد جي پنهنجي ذات سان لاڳاپيل محبت تائين پهتو ته هن نرگسيت کي سندس ساڳئي نالي ۽ مفهوم ۾ استعمال ڪيو. نرگسيت سگمنڊ فرائيڊ جي تحليل نفسي (Psycho Analysis) واري نظريي ۾ پڻ شامل آهي.

”جيتوڻيڪ فرائيڊ کان پوءِ جي نفسياتدانن به ان تي خاص روشني وڌي پر فرائيڊ جون لکڻيون اڄ به اهم آهن ڇاڪاڻ ته انهن مان نرگسيت جو جنسي ۽ جذباتي بنياد ظاهر ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ نرگسيت جي اصطلاح کي پنهنجي محبت ۾ گرفتار هجڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر تحليل نفسي ۾ ان جو اساس جنسيت آهي. فرائيڊ جنسي ارتقا جا جيڪي درجا مقرر ڪيا، نرگسيت به انهن مان هڪ آهي. فرائيڊ نرگسيت کي ٻن حصن: ابتدائي ۽ ثانوي ۾ ورهائي، ٻنهي جو خاصيتون بيان ڪيون. ابتدائي نرگسيت جو مرڪز جسم ۽ ان سان لاڳاپيل جنسي ڪيفيتون هونديون آهن.“ (1)

انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا (انٽرنيٽ ايڊيشن) ۾ نرگسيت جي نفسياتي سمجهاڻي ڪجهه هن ريت ڏنل آهي:

”نرگسيت جو مطلب آهي پنهنجي ذات جي محبت ۽ شخصيت جا اهي پهلو جيڪي پنهنجي ذات جي متاثريت، مرڪزيت ۽ عزت سان لاڳاپيل هجن،“ (2)

ڊڪشنري آف سوشالاجي (A Dictionary of Sociology) مطابق:

”نرگسيت پنهنجي ذات جي محبت ۽ انا پرستيءَ جو نالو آهي.“

سماجيات جي اڪثر ڪتابن ۾ نرگسيت جي وضاحت هڪ منفي انساني سوچ طور ڪيل آهي، جنهن سان نه صرف فرد بلڪه پوري سماج ۾ منفي رويا جنم وٺندا آهن. ان جي ابتدائي نوعيت کي نرگسيت ۽ وڌڻ جي صورت ۾ هڪ ذهني مونجهاري (Narcissistic Personality Disorder) جي طور تي ڏٺو ويندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا انڪارٽا ۾ نرگسي مونجهاري بابت ڪجهه هن ريت لکيل آهن:

”نرگسي مونجهاري ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي ذات کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. اهي هميشه شهرت ۽ طاقت جا طلب گار رهندا آهن. اهي پاڻ کي ٻين کان خاص ۽ مٿڀرو سمجهندا آهن.“ (3)

نرگسيت جي تخليقڪاري سان وابسته سمجهاڻي:

 خالص نفسياتي سمجهاڻي جي ڀيٽ ۾ نرگسيت جي تخليقڪاريءَ سان وابسته سمجهاڻي ڪجهه مختلف آهي. نفسياتي سمجهاڻيءَ ۾ نرگسيت جا ٻه قسم: ابتدائي ۽ ثانوي، بيان ڪيل آهن، جن مان ثانوي نرگسيت جو تعلق تخليق سان آهي جڏهن ته تنقيد ۾ ٻنهي قسمن جو اطلاق ٿيندو آهي.

”ثانوي نرگسيت جو مرڪز جسم نه بلڪه ذهن هوندو آهي ۽ ان جو اظهار ذات جي تڪميل لاءِ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ تخليقي ڪاوشن سان لاڳاپيل فخر ۽ خوشيءَ سان هوندو آهي.“ (4)

فرائيڊ پنهنجي لکڻين ۾ ثانوي ( ذهني) نوعيت جي نرگسيت کي هڪ تخليقي قوت ۽ محرڪ قرار ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته هن دنيا ۾هر فرد ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نرگسي ضرور هوندو آهي. ان احساس جي گهٽ مقدار ۾ موجودگي فرد جي شخصيت تي نمايان انداز ۾ اثر انداز ناهي ٿيندي، جڏهن ته گهڻي انداز ۾ موجودگي فرد کي احساس برتري، تڪبر ۽ پاڻ پڻي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. البته هن احساس جي وچٿري موجودگي فرد جي شخصيت تي مثبت انداز ۾ اثر انداز ٿيندي آهي. اها هڪ نفسي تخليقي سگهه جي روپ ۾ ڪنهن فرد کي تخليقي ڪاوشن ذريعي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز ڪندي آهي.

شاعر ڪنهن به سماج جا منفرد فرد هوندا آهن. سندن تخليقي عمل ڏانهن مائل ٿيڻ ۽ وڌ ۾ وڌ تخليقي سگهه حاصل ڪرڻ پٺيان ٻين ڪيترن ئي داخلي ۽ خارجي محرڪن سان گڏ نرگسي احساسن جو به اهم عمل دخل هوندو آهي، جنهن جي ڳولا سندن شاعريءَ مان آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. اڪثر شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ذات جي تعريف کان سواءِ پنهنجي خودداري، جرئت، سچائي، تصوريت، تخليقي خواهش، ٻين کان ڪناره ڪشي ۽ پنهنجي ڪلام جي عظمت کي بيان ڪندا آهن. پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان اهي سڀ نرگسيت جا اظهار آهن.

اردوءَ جو معروف شاعر غالب چوي ٿو ته: 

ہیں اور بھی دنیا میں سخن ور بہت اچھے،

کہتے ہیں کہ غالب کا ہے انداز بیاں اور۔

 شاعريءَ ۾ خود-ثنائي لازمي نه آهي ته ڪنهن شعوري ڪوشش جي نتيجي ۾ ڪئي وڃي. دراصل اتي فرد جا لاشعوري احساس سندس شعوري وهڪري تي حاوي ٿي ويندا آهن.

دنيا جي مختلف نفسياتدانن نرگسيت جي اظهار جا ڪيترائي طريقا ۽ ذريعا ٻڌايا آهن، پر ادب جي نفسياتي تنقيد ڪندڙ نقاد گهڻو ڪري ڇهن عنصرن تحت ادب مان نرگسيت جي ڇنڊڇاڻ ڪندا آهن، جيڪي هي آهن:

 ادب (شاعري / نثر) ۾...

 (1)                 خودداريءَ جو اظهار
(2)                
خودپسنديءَ جو اظهار
(3)                
محبوبيت جي جذبي جو اظهار
(4)                
تخليقي صلاحيت جو اظهار
(5)                
تصوريت (Idealism)
(6)                
دنيا کان ڪناره ڪشي / دنيا تياڳڻ جو اظهار 

هن مقالي ۾ به انهن ڇهن عنصرن جي بنياد تي شاهه جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڳولا ڪيل آهن.

 شاهه جي  شاعريءَ ۾ نرگسيت :

 شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ڪئنواس تمام گهڻو وسيع آهي. پاڻ صوفي شاعر به آهي، عوامي شاعر به آهي، رومانوي شاعر به آهي ۽ انقلابي شاعر به آهي. مطلب اهو ته کيس ڪنهن به هڪ خاني ۾ بند ڪري پرکي نه ٿو سگهجي. سنڌ توڙي سڄي دنيا جا ماڻهو شاهه لطيف کي خاص طور تي هڪ صوفي شاعر جي حوالي سان سڃاڻيندا آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته گهڻي قدر سنڌي شاعري تصوف جي پاڇي ۾ ئي پلي آهي. تنهنڪري شاهه لطيف جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڳولا ڪرڻ کان پهريان ضروري آهي ته تصوف ۽ خاص طور تي وحدت الوجود واري نظريي کي نفسياتي نقطه نظر سان پرکيو وڃي.

 تصوف / وحدت الوجود :

 تصوف هڪ الڳ دنيا آهن ۽ شاعري هڪ الڳ شعبو آهي. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪو طئي شده لازمي ڳانڍاپو ته نه آهي پر صدين کان هلندڙ صوفياڻي شاعريءَ جي سلسلي ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳنڍي، ٻنهي کي هڪ ٻئي جو وسيلو بڻائي ڇڏيو آهي.

”وحدت الوجود“ يا ”همه اوست“ تصوف جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهنجو بنيادي تصور ئي وجود جي هيڪڙائي (Unity of Being) آهي. يعني ته خالق ۽ مخلوق ٻه الڳ وجود نه آهن بلڪه هڪ ئي وجود آهي. وجود جي هيڪڙائي کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ عاشق ۽ معشوق جو ته تصور ئي باقي نه ٿو رهي. عاشق پنهنجو ئي معشوق ۽ معشوق پنهنجو ئي عاشق. جڏهن سالڪ تي اهڙي ڪيفيت طاري هجي جو هو عشق ۾ گرفتار هجي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ڪنهن ٻئي وجود جي موجودگيءَ کي تسليم به نه ڪندو هجي ته پوءِ اهو عشق ڪنهن سان ٿيو جنهن ۾ ڪو معشوق ئي نه آهي؟ يقيناً اهو عشق پنهنجي وجود جو ئي ثابت ٿيندو جيڪو ساڳي وقت محبوب جو به وجود آهي.

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
–

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته نرگسيت پنهنجي ئي محبت ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڪيفيت آهي. ان حساب سان وحدت الوجود جو نظريو به نرگسيت سان ڀرپور آهي ۽ ان نظريي جا پوئلڳ سڀئي صوفي سڳورا پڻ نرگسي هوندا آهن، جيڪي هڪڙي وجود کي تسليم ڪرڻ باوجود به عشق ۾ گرفتار هوندا آهن!

وحدت الوجود جي صوفياڻي نظريي جي نفسياتي پرک کان پوءِ هاڻي شاهه لطيف جي شاعريءَ مان نرگسيت جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي.

 شاهه عبداللطيف ڀٽائي :

 شاهه صاحب هڪ صوفي شاعر هو. سندس تعلق تصوف جي وحدت الوجود واري مسلڪ سان هو (جنهنجو ذڪر مٿي ڪيل آهي). شاهه صاحب جي وجودي نظريي سان لاڳاپيل هجڻ منجهان ئي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هو ذهني نوعيت جي نرگسيت ۾ وچٿري مقدار جيترو مبتلا هو، جنهن کيس عشق جي ايتري داخلي قوت بخشي جو هن پنهنجي ذات ۾ پاڻ کي تلاش ڪري روحاني (نفسي) منزل ماڻي ۽ انهيءَ داخلي جذبي ئي کيس تخليقي طاقت عطا ڪئي.

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

(سر ڪلياڻ، داستان: 1)

 شاهه صاحب جي شاعريءَ جا اڪثر مضمون ڌرتي ۽ ماڻهن جي مسئلن تي آڌار رکن ٿا. شاعري جيتوڻيڪ هڪ داخلي انفرادي ڪاوش آهي پر فرد جي انفراديت ۾ به اجتماعي تصور موجود هوندا آهن جيڪي سندس ذات کي سماج جي لڙيءَ ۾ ڳنڍيندا آهن. نتيجي طور سندس انفرادي شعور اجتماعي نوعيت اختيار ڪري وٺندو آهي. شاهه صاحب جي سڀ کان اهم ڳالهه اهائي آهي ته وٽس انفراديت ۽ اجتماعيت جي تصور ۾ ڪو فرق نه آهي. ڌرتيءَ جي ماڻهن جا سڀئي الميه هو پنهنجا ٿو ڀائي ۽ پنهنجا سڀ سور هو ڌرتيءَ واسين کي محسوس ڪرائي ٿو.

اهڙي قسم جو نفسياتي مزاج رکندڙ ماڻهو عام طور تي تمام گهٽ نرگسي هوندا آهن پر شاعر جي روپ ۾ فرد جو معمولي نرگسي رويو به ڪٿان نه ڪٿان غير شعوري طور تي پاڻمرادو نڪري نروار ٿي پوندو آهي.

شاعري داخلي ڪيفيتن جي اظهار جو نالو آهي. جڏهن لفظ ”داخلي“ استعمال ٿئي ٿو ته ان مان مراد آهي پنهنجي ذات سان وابسته. فرائيڊ پنهنجي تحليل نفسي واري نظريي ۾ شاعري (ادب) کي اڻپورين خواهشن جو شعوري اظهار قرار ڏنو. مطلب اهو ته شاعري نفسي تسڪين حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. هڪ شاعر، شاعري ڪري پنهنجي ذات کي سڀني قسمن جي المين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ذات کي تسڪين ڏيڻ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪرڻ جي نشاني آهي. شاعري (ادب) جي نفسياتي ڪارج جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جو عمل بذات خود هڪ نرگسي عمل آهي.

”ادب ۾ نفسيات ۽ خاص طور تي فرائيڊ جي تحليل نفسي جو استعمال گهڻي احتياط جي تقاضا ڪندو آهي. جڏهن معاملو ماضيءَ جي انهن تخليقڪارن جو هجي جن جي باري ۾ ذاتي نوعيت جو نفسياتي مواد عام طور تي ميسر نه هجي ته نقاد لاءِ وڌيڪ احتياط لازمي ٿي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي تنقيد جو انحصار صرف تخليق تي هوندو.“ (5)

شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ رومانوي ڪردارن کي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اڄ ڪلهه جا شاعر تمثيلي ڪردارن کي تمام گهٽ استعمال ڪندا آهن ۽ پنهنجي روئداد پاڻ سان ئي منسوب ڪري سڌيءَ طرح بيان ڪندا آهن پر شاهه صاحب جي زماني ۾ انهن ڪردارن جي استعمال جو عام رواج هو، ۽ شاعر انهن ڪردارن جي آڏ ۾ پنهنجا الميه بيان ڪندا هئا. شاهه صاحب به پنهنجي دور جي روايتن مطابق ائين ئي ڪيو، تنهنڪري سندس ڪردارن کي کائنس الڳ سمجهڻ نه گهرجي بلڪه اهي سڀ سندس شخصيت جا مختلف پهلو آهن. هر ڪردار جي هڪ الڳ الميه ڪهاڻي آهي. اهي سڀ ڪهاڻيون شاهه صاحب جي لاشعور جو حصو ۽ سندس شعوري تجربن ۽ مشاهدن جون آرسيون آهن. شاهه جي شاعريءَ ۾ جڏهن به ڪو ڪردار ڳالهائي يا وري ڪنهن ڪردار بابت ڳالهايل هجي ته ڳالهه کي شاهه صاحب جي ذات جي آئيني ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

1. خودداريءَ جو اظهار :

 غير معمولي تخليقي صلاحيتون، مثبت جذبا ۽ عمل ڪندڙ هر فرد ۾ خودداري ۽ خودپسنديءَ جو جذبو پاڻمرادو جنم وٺندو آهي. جيڪڏهن فرد انهن نرگسي احساسن کي پنهنجي ذات تي طاري ڪري ڇڏي ته اهو سماج کي پنهنجي ذات ۽ ڏات مان ڪو به فائدو ڏئي نه سگهندو، البته انهن احساسن جو استعمال فرد پنهنجي ذات جي تڪميل ۽  تخليقڪاري جي محرڪن طور ڪري ته سڄو سماج انهن داخلي احساسن مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.

بنيادي نوعيت جي نرگسيت هر فرد کي فطري طور ورثي ۾ ملندي آهي، البته ثانوي قسم جي نرگسيت جي حصول ۾ فرد جي پنهنجي شعوري ڪوششن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. ان ثانوي نرگسيت جو استعمال ڪنهن پلصراط تي هلڻ جيان آهي. معمولي کان معمولي چُڪ به فرد کي منفي روين ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي، جتي سندس تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن تي مڪمل جمود طاري ٿي ويندو.

شاهه صاحب وٽ خودداري ۽ خودپسندي محض انفرادي ۽ فرضي نوعيت جي نه آهي، بلڪه هن معروضي حقيقتن جي پسمنظر ۾ اجتماعي نرگسيت جو اظهار ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ خودداري ۽ خودپسنديءَ جي جذبن جو اظهار سڄي سنڌي قوم جي اجتماعي لاشعور تحت ڪيل آهي. ”سر مارئي“ سنڌي سماج جي اجتماعي لاشعور ۾ موجود اجتماعي نرگسي احساسن جو عڪس آهي.

ٿورا منجهه ٿرن، مون سين ماروءَ جي ڪيا،
عمر! ان ڳڻن، آئون ڪيئن لوئي لاهيان.

(سر مارئي، ابيات متفرقه)

 مارئي عمر ڪوٽ جي آسائشن کي قطعي قبول نه ڪيو ۽ مارن کان پري ”سوڙين ۾ سمهڻ“ ۽ ”تيل لائڻ“ وارا عمل کيس بي وفائي ڪرڻ جي مترادف محسوس ٿيا. شاهه صاحب پنهنجي خودداريءَ کي مارئيءَ جي ڪردار سان منسوب ڪري هن ريت بيان ڪيو آهي: 

آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ول،
کٿيريءَ تان کل، عمر ڪج م اهڙي.

(سر مارئي، ابيات متفرقه)

تيل نه لائيان تنهنجو، مون ماروءَ جو من،
ڪريان ٻي نه ڪن، آهر انهين آهيان.

(سر مارئي، ابيات متفرقه)

 خودداري عشق جي وحدت جو نالو آهي. نه صرف تصوف بلڪه دنيا جي هر وهنوار ۾ ثابت قدميءَ کي خاص اهميت حاصل آهي. شاهه صاحب جي خودداريءَ جا سرچشما به سندس ثابت قدمي ۽ عشق جي وحدانيت آهن.

ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيروئي خوب،
ميروئي محبوب، اسان مارو من ۾.

(سر مارئي، ابيات متفرقه)

 2. خودپسنديءَ جو اظهار :

 خودداري ۽ خودپسندي هڪٻئي سان لاڳاپيل جذبا آهن. بعض حالتن ۾ خودداري خودپسنديءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ بعض حالتن ۾ وري خودپسنديءَ مان خودداري ڦٽندي آهي. سر مارئيءَ ۾ شاهه صاحب جو خودپسنديءَ وارو جذبو به اجتماعي نوعيت جو آهي.

سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
پٽولا پنهوارن کي، عمر آڇ م تون،
ور لوئيءَ جي لون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا.

(سر مارئي، داستان: 3)

 شيڪسپيئر هڪ هنڌ چيو هو ته ”مون کي انگلينڊ جي هر ماڻهوءَ سان محبت آهي، خواهه اهو بدڪردار ئي ڇو نه هجي!“ شيڪسپيئر جيان شاهه صاحب به مارن کي هر حالت ۾  پنهنجو محبوب مڃي، پنهنجي نرگسيت جو والهيانه اظهار ڪيو آهي.

جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ته ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
منهنجا آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

(سر مارئي، داستان: 3)

 ناليواري جرمن نفسياتدان ايرڪ فرام (Erich Froom) پنهنجي هڪ مضمون The Psychology of Nationalism ۾ قوم پرستي يا وطن جي حب جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن عنصرن جي تلاش ڪئي آهي، جن ذريعي ڪنهن به فرد ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. ايرڪ فرام مطابق هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سماج (گروهه) ۾ رهندو آهي، سندس سوچون، جذبا ۽ رويو گهڻي قدر سماج جي ٺاهيل قدرن مطابق هوندا آهن. هڪ سماج ۾ رهندڙ سڀئي فرد هڪ ٻولي ڳالهائيندا آهن، هڪجهڙي ثقافت رکندا آهن ۽ هر معاملي ۾ پنهنجي داخلي انفرادي سوچن جو اظهار به سماجي گهاڙيٽن تحت ڪندا آهن. مطلب اهو ته فرد ۽ سماج جو ڳانڍاپو انتهائي مضبوط ۽ پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان لازمي هوندو آهي.

اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن به فرد کي پنهنجي سماج، قوم ۽ ڌرتيءَ جي محبت جي جذبي ۾ مبتلا ڪنديون آهن، جنهن کي حب الوطني يا قوم پرستي چئبو آهي.

پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان حب الوطنيءَ جو جذبو نرگسيت آهي، ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو تڏهن ئي جنم وٺندو آهي جڏهن فرد ان کي پنهنجو سمجهي، ان سان منسوبيت ۽ ان تي حق قائم ڪندو آهي.

دنيا جي هر باشعور فرد جيان شاهه لطيف به هڪ محب وطن انسان هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن جي مٽي ۽ ماڻهن کان وٺي ڌرتيءَ جي دريائن، ڍنڍن، ريتن، رسمن، ٻوٽن، پکين، جانورن ۽ موسمن وغيره جي پڻ ساراهه ڪئي آهي. ملير ۽ مارن جي پکن جي تعريف هن ريت ڪئي اٿائين:

ماڙيءَ چڙهي ڏٺام، پکا پنهوارن جا،
هڪ اڳيئي سهڻا، ٻيو ويتر مينهن اٺان،
ڪهڙا ڏوهه ڪيام، جيئن هو ملير آئون ماڙئين.

(سر مارئي، داستان: 7)

 ڪينجهر ڍنڍ جي منظرنگاري پيش ڪري، سندس سونهن ۽ سرهاڻ کي هن ريت ٿو ساراهي:

هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن،
ورائي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.

(سر ڪاموڏ، داستان: 2)

 مارئيءَ جي واتان پاڻ عمر سومري کي عرض ٿو ڪري ته مرڻ کان پوءِ سندس مئل جسم کي ملير موڪلي ته جيئن کيس ڏاڏاڻي ڏيهه جي مٽي ۽ ولڙين جو واس ملي سگهي. شاهه صاحب وٽ موت کان پوءِ به پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ ٻيهر جيئن جي برابر آهي. 

واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پهنوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

(سر مارئي، داستان: 6)

 اسان جي سماج ۾ ڪتو عام طور تي هڪ ڌڪاريل جانور آهي. پر ان جي ابتڙ شاهه صاحب وري پرينءَ جي پار جي ڪتي تي به قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي. اها شاهه جي نرگسيت جي تصوراتي انتها آهي.

ڪتو جي ڪانءُ، پريان سندي پار جو،
انهين مٿان آءٌ، ڪوڙين قرباني ٿيان.

(سر ڪاپائتي، داستان: 1)

                            باقي اڳين قسط ۾ . . . .


حوالا:

 1. سلیم اختر، "اقبال کا نفسیاتی مطالعہ"، مکتبہ عالیہ، لاہور، 1977ء، ص: 73-74

2. Encyclopedia Wikipedia (Internet Edition)
    http://en.wikipedia.org/wiki/Narcissism_(psychology)
3
. Microsoft Encarta Encylopedia 2007 (CD Edition), One Microsoft Way, Redmond, WA 98052-6399 U.S.A.

4. سلیم اختر، "اقبال کا نفسیاتی مطالعہ"، مکتبہ عالیہ، لاہور، 1977ء، ص: 73-74
5.
ایضا، ص: 77
6.
عطاء الرحیم، ڈاکٹر، "فلسفہ کیا ہے" (مقالا) : وحید عشرت، ڈاکٹر، "فلسفہ کیا ہے"، سنگ میل پبلی کیشنز لاہور، 1987ء، ص: 51

7. اڪبر لغاري، ”فلسفي جي مختصر تاريخ“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، ٽنڊو ولي محمد سنڌ، ص: 265
8.گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ”شاهه جو رسالو“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد سنڌ، 1992ع، ص: 35

 مددي ڪتاب / ذريعا

1.        عبدالغفار ”گوهر“ دائودپوٽو، ”شاهه جو رسالو“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع
2.       
ابڙو، بدر، ”سنڌ جو شاهه“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، 2000ع
3.       
ڀرڳڙي، عبدالغفور، ”زندگيءَ جو سفر“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، 2000ع
4.       
سومرو، محمد بخش (سنڌيڪار)، ”قومن جي عالمي تاريخ“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع
5.     
سلیم اختر، ڈاکٹر، "مغرب میں نفسیاتی تنقید"، سنگ میل پبلی کیشنز، لاہور، 1998ء
6.     
نعیم احمد، ڈاکٹر،"َاقبال کا تصور بقائے دوام"، اقبال اکیڈمی پاکستان، لاہور، 1989ء
7.
OXFORD Reference Online (Premium)

     http://www.oxfordreference.com

8.   http://www.narcissism101.com
9.   Erich Fromm, “The Psychology of  Nationalism”

http://www.angelfire.com/or/sociologyshop/psychnat.html

 نوٽ :

هي مقالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران شايع ٿيندر ٽماهي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي ڊسمبر 2007ع واري شماري ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com