|
|
تجريدي آرٽ ۾ لڪيل هڪ ڪالم ڪهاڻي ڊاڪٽر شاهمراد مستوئي ڪاوڙ نه ايندي اٿم. ڪڏهن ڪڏهن ايندي آ ته پوءِ وڃڻ جو نالو نه وٺندي آ. ڪڏهن ڪڏهن آءُ پاڻ راڻو ڪاڻو بڻجي سوچڻ لڳندو آهيان. پاڻ ئي پاڻ کلندي به آهيان. پاڻ تي نه ته ٻين تي ضرور کلندو آهيان. سياڻن جي چوڻين ۽ سندن ڳجھن ڳجهارتن تي سوچيندو، لوچيندو ۽ پوءِ لڇندو آهيان. سوچيندو آهيان، انسانيت جي نالي تي انسانيت سان ڪيڏي نه ويساهه گهاتي ٿي آ. حقيقتن کي هر لحاظ کان لحاف ۽ غلاف ۾ ويڙهي سيڙهي سياڻن اسان اياڻن تي ظلم ڪيو آ. اسان اياڻا اڪثريت ۾ هوندي مار کائي ويا آهيون ۽ سياڻن جي اقليت ۾ هئڻ باوجود به ڏاڍائي ڏسي آءُ ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندو آهيان. جمهوريت جي جهنجهٽ کي ڏسي ڪروڌ ۾ ڀرجي ويندو آهيان. تواريخ تي تنقيد ڪندو ۽ جاگرافيءَ ۾ جيئڻ جا بهانا پيو ڳولهيندو آهيان. اهڙو ئي آهيان. سياڻي راڻي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا جنگ نه آهه. ڪا ويڙهه نه آهه. ڪا دشمني نه آهه. اسان ٻئي رانديگر آهيون. راند کيڏندا آهيون. سوچن/نظرين کي الڳ الڳ ڪري جدا جدا ٿي بيهندا آهيون. ڄڻ هڪ ئي راند جي ٻن ڌرين جا علمبردار هجون، مخالف رانديگر هجون. ڪڏهن راڻو راند هارائي ويندو آهي. ڪڏهن مونکي کُٽي کڻندي آ ۽ آءُ پويان پير ڪري ڊوڙندو آهيان. ڊوڙندو رهندو آهيان. ڊوڙي رهيو آهيان. ڀڄ ڀڄان ۾ آهيان. رُڃ ۾ رُلي ويو آهيان. ايءُ رولاڪ جي راءَ لکي ۽ ڪاپي ڪري ڪري رهيو آهيان. ڄڻ يوسف سيف کي سُور ڏئي رهيو آهيان. منهنجو ڪو مذهب نه آهه. ڪو دين، ايمان نه آهي. دينِ الاهي به مون لاءِ رولاڪ جي راءِ آهي. شهنشاهه اڪبر جو روح روئي رهيو آهي. آءُ سندس روح کي ڏسي خوفناڪ رڙ ڪري رهيو آهيان، کيس ڊيڄاري رهيو آهيان. پاڻ به ڊڄي رهيو آهيان. ڏاڍو خوفزده آهيان. لاهور ۾ آهيان ۽ لاهور ۾ هوندي به لاهورين جهڙو نه ٿي سگهيو آهيان. سنڌي جو آهيان. پر سنڌ جي سڀني سڄڻن، سڌين، سماٽن جي سوال مطابق آءُ سنڌي به ڪٿي آهيان؟ ٻروچ آهيان، ٻرو چڙهندو آ ته لهندي به پاڻ ئي آ. ٽِڪي، ڦوٽو مون تي اثر نه ڪندا آهن. ڪنهنجي به ڪنهن ڳالهه جو اثر نه مون تي ٿيو آ، نه ٿيندو. جيڪو ٿيندو، ڏِٺو ويندو. فلسفي کي مون ڏسي ڇڏيو آ. هاڻ نفسياتدان مون کي ڏسي، منهنجو جائزو وٺي حليم بروهي جي تحريرن تي لکي رهيا آهن. ڪالمن جا ڪالم لکيا پيا وڃن. ڪاغذن کي ڪارو ڪيو پيو وڃي پر مون کي ڄاڻ آهي ته ورڻو ڪجهه به نه آهي. اها زرد صحافت نه آهه ته ٻيو وري ڇا آهي؟ سياڻا سياست پيا ڪن ۽ انهن کان گهٽ سياڻا صحافت ۾ لڳل آهن. ۽ انهن ٻنهي ڌرين جي وچ وارا، مون پارا سياست ۽ صحافت جي ايجاد ڪيل سچ جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن. گهلجي رهيا آهن. روئي به رهيا آهن ته کلي به رهيا آهن. ۽ هڪ ئي وقت روئڻ سان گڏ کلڻ واري کي ڇا چئبو آهي، اها خبر مون کي به آهي ته آصف علي زرداريءَ کي به آهي. ادا! چرين کي سڱ ڪو نه ٿيندا آهن. آصف علي زرداريءَ کي آهن؟ مون کي به ڪو نه آهن. اوهان منهنجي ڪالم ۾ لڳل تصوير کي غور سان ڏسو، وري ڏسو، وري ورائي ڏسو. ڇا مون کي سڱ آهن؟ . . . . ڪو نه آهن، معنى ته آءُ چريو به ٿي سگهان ٿو. جي چريو ٿي سگهان ٿو ته سياڻي ڇو نه ٿو ٿي سگهان؟ سڄي مئٿميٽڪس ۽ آلجبرا اهڙن hypothesis ۽ فرضي چوڻين تي مشتمل آهي، افلاطون ۽ ارسطو جو استاد سياڻو سقراط به مئٿميٽڪس کي ساڃاهه جي سڃاڻپ طور استعمال ڪيو آ. جي آءُ ڪري رهيو آهيان ته ڄڻ ڏوهه ڪري رهيو آهيان.
ها، مان ڏوهي آن، جي ڏهه ٻيا به ڪيم ته ڪجهه نه ٿيندو. ڪجهه نه ورندو. ڏوهن ۽ ثوابن سان ڪجهه ناهي ورڻو. توهان جي تواريخ شاهد آهي ته ماضي بعيد يا ماضي قريب ۾ ڏوهن ثوابن سان هر شئيءَ ٺيڪ نه ٿي آهه. تجريدي فن ان جو زندهه مثال آهه. تجريدي آرٽ جي آرٽسٽ ان فن ۾ ڏوهه به ڪيا آهن ته ثواب به. انهن ثوابن ڏوهن کي ته ڪنهن سياڻي به سپورٽ ڪرڻ کان ڪين ڪيٻايو آهه. ائين ڇو ٿيو آهه؟ فرض ٿا ڪريون ته جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، صحيح ٿيو آهي. ته پوءِ غلطي ڪٿي آهي؟ آءُ ڳولهي رهيو آهيان. امر جليل ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آهه. قمر شهباز پرائي ڄڃ ۾ وڃي ان غلطيءَ کي ڳولهي رهيو آهه. الطاف شيخ ڳوليندي ڳوليندي پوڙهو ٿي ويو آهه. محمود مغل مون وانگيان اڃان ڳولهڻ ۾ پورو آهه. نصير مرزا ريڊيو پاڪستان ۾ پڙها ڏئي ڏئي غلطيءَ کي ڳولي پيو ۽ امتياز ابڙو اسانجي ان ڳولهه ڳولهان جي حرڪتن ۽ حرفتن مان لفظ ڳولي ڳولي اوهان لاءِ مزاحيه ڪالم ۽ ٽي ـــ ويءَ جا مزاحيه خاڪا لکڻ جي لک لکاڻ ۾ رُڌل آهي. جاڳندا رهو. هوشيار رهو. رڳو کل کلان ۾ وقت نه وڃائيو. پاڻ سنڀاليو. پاڻ بچايو. |
|
|