بلوچ مزاحمتي تحريڪ ۽ بالاچ مري

بالاچ شاهاڻي

بلوچ قومپرست اڳواڻن جي هڪ ٽهي جيڪا هن مهل پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ۾ سرگرم آهي، اهي بلوچ اڳواڻ جن کي ماضي ۾ حڪمرانن جو ڳيجهو سڏيو ويندو هو پر انهن تاريخ جي موڙن مان لنگهندي گهڻو ڪجهه سکي ورتو آهي. چوندا آهن ته قومن جي تقدير ائين پاڻهين نه بدلجي آهي پر اها بدلائي ويندي آهي. بلوچستان  جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته سنڌ وانگر هي خطو  به ڌارين جي تسلط هيٺ رهيو. آثار قديم جي ماهرن موجب بلوچستان ۾ پٿرن واري دور ۾ انساني آبادي هئي. مهر ڳڙهه واري علائقي ۾ ست هزار سال قبل مسيح جي زماني ۾ انساني وجود جي هجڻ  جا نشان ملن ٿا. سڪندر اعظم جي فتح کان اڳ بلوچستان تي ايرانين جي حڪومت قائم هئي ۽ قديم دستاويزن مان اهو معلوم ٿيو ته هي علائقو، ماڪا سڏرائيندو هو. 325 سال قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم جڏهن سنڌو جي مهم بعد عراق ۾ بابل تي حملو ڪرڻ وڃي رهيو هو  هن جو قافلو مڪران جي ريگستان مان لنگهيو هو. تنهن وقت هتي براهوي آباد هئا جن جو تعلق هندستان جي قديم شهري دراوڙن سان هو. پاڪستان جي سمنڊ جو وڌيڪ حصو بلوچستان سان ملي ٿو. 1947ع دوران هي اوڀرين بنگال، سنڌ، پنجاب ۽ سرحد وانگر برطانوي راڄ جي تسلط هيٺ مڪمل طور تي  نه ئي  هو پر 1947ع تائين بلوچستان، قلات، خاران، مڪران ۽ لسٻيلو جي رياستن تي مشتمل هو جن تي برطانوي ايجنٽ نگراني ڪري رهيا هئا. قلات ان دور ۾ وڏي رياست جي حيثيت رکندڙ خطو هو ان جو حڪمران خان قلات مير احمد يار خان پاڪستان جي قيام کان ٻه ڏينهن اڳ رياست جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ مذاڪرات لاءِ تيار ٿيو. خان قلات جي اهڙي قدم جي ان وقت ٻين بلوچن  واکاڻ ڪئي ۽ بلوچستان جي علحدگي تي زور ڏنو تڏهن پاڪستان خان آف قلات جي اهڙي گهر کي بغاوت سان ڀيٽيو ۽ خان ۽ ان جي رياست خلاف ڪارروائي ڪئي. نيٺ مئي 1948ع ۾ خان قلات کي پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو تنهن هوندي به ان جي ننڍي ڀاءُ شهزادي مير عبدالڪريم اهڙي تجويز جي مخالت ڪئي. نيٺ ان کي به افغان وڃڻ تي مجبورڪيو ويو. 1973ع تائين بلوچستان تي گورنر جنرل جو  ڪنٽرول رهيو. 1956ع جي آئين موجب بلوچستان کي اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ ۾ ضم ڪيو ويو هو، ستر ۾ عام چونڊون ٿيون ان ۾ پهريون دفعو بلوچستان هڪ ڌار صوبو ٺهيو ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي اڳيان رهي. اهڙي ريت سن 1972ع ۾ پهريون دفعو بلوچستان ۾ چونڊيل حڪومت قائم ڪئي وئي. اهڙي ريت بلوچ اڳواڻن جا هر دور جي حڪمرانن سان اختلاف رهيا پوءِ اهو مسئلو  گوادر پورٽ وارو  هجي، سئي گئس جو، يا صوبائي خودمختياري، ناڻي ۽ نوڪرين جو. ڊيرا بگٽي ۾ شازيه خالد سان ڏاڍائي بعد بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ اڀري جڏهن بلوچ قومپرست اڳواڻن جدوجهد کي زور وٺرائي ته کيس ڪيترائي ڪيس هلايا ويا ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو. اڪبر بگٽي کي پهاڙن تي وڃڻ لاءِ حياتي جا پڇاڙڪا ڏينهڙا گهارڻا پيا ته نوجوان بلوچن تي به تشدد ڪري به نه بخشيو ويو. پهاڙن وانگر پختي ۽ ارڏي انسان نواب اڪبر بگٽي جي شهادت بعد جڏهن تازو بزرگ سياستدان مير بالاچ مري کي افغان سرحدن ويجهو فورسز سان چڪرين دوران ماريو ويو ان جي مرڻ  واري خبر جي بي ايل اي  تصديق ڪئي. ڪنهن جي خيال ۾ نه هيو ته هڪ نواب جي گهر ۾ 17 جنوري 1965ع تي جنم وٺندڙ هي ننڍڙو ٻار مسقتبل ۾  هڪ گوريلي جو ڪردار ادا ڪندو. مير بالاچ پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ ڪوئٽا جي گرامر اسڪول مان ورتي، بعد ۾ هو وڌيڪ تعليم حاصل لاءِ روس ويو جتي هن ماسڪو مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. بالاچ ننڍي کان ئي مزاحمت ڪندڙن مان هو. هو سرداري خاندان سان تعلق رکندو هو پر ڪڏهن به ان ناڻي مان ذاتي فائدو نه ورتو. هن لنڊن ۾ پڻ پنهنجي جرڪندڙ جندڙي جا پنج سال گهاريا. هي بزرگ سياستدان پير بخش مري جي ڇهن فرزدن مان ٽئين نمبر تي هيو ۽ ڪجهه سالن کان مزاحمتي تحريڪ جي سرواڻي ڪري رهيو هو. سندن مرڻ جا افواهه ان وقت به پئي هليا جڏهن نواب اڪبر بگٽي کي غار ۾ ماريو ويو هو چيو پيو وڃي ته نواب صاحب خود کيس برهمداغ سان گڏ واقعي کان ڪجهه لمحا پهرين اتان وڃڻ جو چيو پر هن جوان مردن پوئتي وڃڻ کي عيب محسوس ڪيو آخر ڪار نواب جي گهڻي چوڻ کين وڃڻ تي مجبور ڪيو. هن 80ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي قبيلي جي ڪجهه ساٿين سان افغانستان ڏانهن هليو ويو. 2002ع وارين چونڊن دوران لنڊن مان ئي نامزدگي فارم ڀرايا ويا ۽ بعد ۾ هو پنهنجي اباڻي پڊن تي موٽي آيو. چونڊن ۾ هن ڪوهلي مان بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. حلف کڻڻ واري تقريب ۾ هن وفاقي ميمبرن جو ساٿ ڏيڻ بدران بلوچستان جو نعرو هنيو تنهن تي ايوان ۾ هلچل مچي. ذريعن موجب حلف کڻائڻ بعد ڪافي ڀيرا کيس حڪمران ليگ ۾ شموليت ڪرڻ جون آڇون ڪيون ويون ۽ وزارتن جي اهم عهدن تي فائز ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر هن بلوچ عوام جي حقن تي سوديبازي نه ڪرڻ جي آيت پاڻ تي شوڪاري ڇڏي ۽ ٺپ جواب ڏنو:

 ايءَ نه مارن ريت ، جيئن سيڻ مٽائن سون تي(شاهه)

  آڇن کي ٺڪرائڻ تي هن خلاف پراڻن ڪيسن کي منظر عام تي آندو ويو اهڙي ريت مير بالاچ مري ۽ حڪومت وچ ۾ اختلافن زور ورتو. ان دوران جسٽس نواز مري جي قتل جو واقعو پيش آيو جن جو الزام نواب خير بخش مري ۽ ان جي ٻن فرزدن تي هنيو ويو. ڪوئٽا جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ان ڪيس مان بزرگ سياستدان ۽ سندن ٻن پٽن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري پڻ ڪري ڇڏيو هو. بالاچ مري کي مزاحمتي تحريڪ جو  سرواڻ سڏجي ته واڌاءَ نه ٿيندو ۽ اهو ئي سبب هو  جو هو حڪمرانن کي پڻ گهربل هو ۽ روپوشي واري زندگي گهاريندو رهيو. بالاچ مري اڪبر بگٽي جي شهادت بعد صحافين سان رابطو رکڻ ڇڏي ڏنو هو  پر هن جي نالي سان  هن جا بيان ايندا رهيا. ذريعن موجب پاڪ افغان سرحدن ويجهو بلوچستان جي علائقي نوشڪي جي قريب سيڪيورٽي فورسز جي جهڙپن دوران پنهنجي ساٿين سميت مارجي ويو جن جي بي ايل اي پڻ تصديق ڪئي.هو ساهه ڏئي ويساهه ڏئي ويو اياز جي سٽن ۾ ته :

جي تون وڙهندي، ماريو ويندي
دودا تنهنجو ساهه ته ويندو
ماڻهو جو ويساهه نه ويندو

    شايد هن انهن سٽن ۾ سچائي ڏٺي هوندي ۽ هو پوئين ويڙهه به ويري سان وجود جي وڙهندو رهيو. هو اڪثر ڪري چوندو هو ته بلوچ قوم پنهنجي حقن جي حاصل لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪري. هن پنهنجي ڌرتي ماتا سان ٿڃ ملهايو  ۽ اهو ديس اهڙن ارڏن ۽ مهان ڪردارن تي هميشه ناز ڪندو رهندو.

اي ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا،مون لويل تن جا لڱ ڏٺا
مون ڇا ڇا مائي تنهنجا لال ڏٺا، جي لوئي لڄ بچائي ويا.

بالاچ جي مري وڃڻ بعد بلوچن جي اکين ۾ لڙڪ سمنڊ ٿي اٿليا ۽ ماڻهو زارو زار پئي رنو جئين اياز چيو:

واويلا! وڻڪار!ماڻهو تنهنجي موت تي، رنا زارو زار

     بلوچستان جون حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر ڳنڀير ٿي ويون ۽ اتان جي مڇريل ماڻهن ڪيترن ئي گاڏين کي نه فقط باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو پر سرڪاري عمارتن ۽ بئنڪن کي پڻ نقصان پهچايو ۽ ڪرفيو جهڙي صورتحال ڇانيل آهي هاڻي ڏسجي ته مري قبيلي جي هن قوپرست اڳوڻ جي پڄاڻان تازو بلوچن جي ڇڙيل  مزاحمتي جنگ ڪٿي تي پڄاڻي تي پهچي.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net