ڪافين جو بادشاهه ”حضرت مصري شاهه رضوي رحه“

mkk_ghirano@yahoo.com

                                  محمد خان خادم گهراڻو نصرپور

واحد وسائينس آهون عالم جون سڻي ، موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
وسائي   واٽن   تي   اوڀر    اڀائينس   صاحب   ساريءَ   سنڌ   تي  بادل برسائينس
برڪت وجهي بحر ۾ هر جا هلائينس هو جي سر سڪي ويا سي واري  وهائينس
پکا   پکن   سا   مهان  اوري  اڏائينس  هون  سدائين  هتهين  رب  تون رسائينس
                                                                            مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾

        نصرپو رسنڌ جو هڪ قديم شهر آهي. ڪنهن وقت ۾ هن جي ايراضي 12 ميل هم چورس هئي دودي سومري پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ پنهنجي حڪومت نصرپور تائين وڌائي هئي. هن شهر جي قائم ٿيڻ بابت متضاد رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي. ته نصرپور سنڌو درياءُ جي ڪناري تي هو ۽ هتي مهاڻن جي وڌي بستي هئي . انهن جو اڳواڻ نصر نالي مهاڻو هو جنهن جي نالي سان هي شهر نصر پور سڏيو. ڪتابن ۾ آهي ته فيروز تغلق جي سپھ سالار امير نصر 752 هجري ءَ ۾ هتي هڪ هزار فوج سان قلعو تعمير ڪيو جيڪو نصرپور نالي سان سڏجڻ لڳو پور معنى قلعو نصرپور معنى نصر جو قلعو. مرحوم محمد يوسف شاڪر ابڙو لکيو آهي ته جڏهن برهمڻ آباد تباهه ٿيو ته جيڪي اتان ماڻهو ڀڄي نڪتا ته تن هي شهر آباد ڪيو. هن شهر کي اهو به شرف حاصل آهي ته ارغون دور جا جيڪي به حاڪم ٿيا تن جي تاجپوشي نصرپور ۾ ٿي. اڪبر مغل جي دؤر ۾ نصرپور کي سرڪار (صوبو) جي حيثيت حاصل هئي. انگريز دؤر ۾ نصرپور ميونسپالٽي هو. هن شهر جي زمينن مان ڪيترائي نالي وارا ماڻهو پيدا ٿيا آهن. فارسي شاعر شاهه نور الله، سيد قائم علي شاهه بخاري، شاهه عنايت رضوي، وتايو فقير، شيخ طاهر اڏيرو لعل، شمس الدين (شاهه مراد) شاهه جيلاني، پير عظيم شاهه، مخدوم مئيڏنو، يوسف شاهين، يوسف شاڪر ابڙو، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني، مولانا تاج محمد قاضي اول، مولانا عبدالرحمان قاضي وغيره جو تعلق به نصرپور سان هو. انگريز دور ۾ هڪ ٻيو به نالي وارو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو نالو مصري شاهه رضوي آهي. جنهن کي ڪافين جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. مصري شاهه جو اصل وڏا هرات کان لڏي اچي بکر ۾ رهيا. شاهه بيگ ارغون جي دؤر ۾ بکر ۾ لڏي اچي نصرپور ۾ رهيا. نصرپور ۾ سيد هاشم شاهه سڀ کان پهرين لڏي اچي نصرپور ۾ آباد ٿيو. هتي سيد بلند شاهه کي 1245 هجري بمطابق 1828 ع ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو مصري شاهه رکيائين. مصري شاهه ننڍوهو ته سندس والد وفات ڪري ويو پوءِ سندس پرورش سندس وڏي ڀاءَ فتح محمد شاهه ڪئي. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس قاضي گل محمد جي مدرسي ۾ ڇڏيو ويو جيڪو پاڻ کي گل سڏائيندو هو, جتي مصري شاهه سنڌي، عربي، اردو، فارسي ۽ سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪئي. مصري شاهه مثنوي رومي، ديوان حافظ، ڪليات سعدي شيرازي جا پڻ حافظ هئا. عربي لغات قاموس جا ايترا ته ڄاڻو هئا جو لفظ پڇڻ تي صفحو ۽ معنى ٻڌائي ڇڏيندا هئا. مصري شاهه سان ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ رسالهء لطيف هر سفر ۾ گڏ هوندا هئا. پاڻ پنهنجو تخلص شاعري ۾ مصري ڪم آندو اٿن. ۽ پاڻ کي ٻانهي جو ٻار ڪوٺيندو هو. سندس کاڌو به سادو هوندو هو. ته لباس به سادو هوندو هو. مصري شاهه اڪثر فجر مهل پنهنجي مرشد جي زيارت لاءِ ويندا هئا. سورنهن سالن جي عمر ۾ اهڙو اشارو ملين جو سفر تي روانا ٿي ويا. جنهن جي خبر ڪنهن کي به ڪانه پئي . پندرهن يا سورهن سالن تائين ٿرپارڪر، اجمير ، جهونا ڳڙهه، جوڌ پور، جيپور ، ڪڇ، هنگلاج ، گرنار جا پٽ سنياسين آديسين سان گڏ جهاڳي ابو پهاڙ جبل تي چله ڪشي ڪري چاليهن سالن جي عمر ۾ موٽي موجوده اوطاري تي آيا. جڏهن واپس آيا ته ايڏي ته تبديلي هين جو سندن ڀاءُ فتح محمد شاهه به کين سڃاڻي نه سگهيو. واپسي کان پوءِ اڪثر دنيا جا لاڳاپا لاهي ڇڏيائون. اوطاق تي اڪثر سيد قادر شاهه، پرتو، جئيندو، يعقوب حجام، ڪامل، حاجي ڇٽو شيدي ۽ ٻيا ڳائڻا ساڻس سنگت ڪندا هئا. سندن ساز يڪتارو۽ دلو هوندو هو. قاضي ميان خير محمد، نواب حاجي علي مردان، فتح خان کوکر، قاض ميان ولي محمد ، ميان محمد رحيم، عرضي خاصخيلي ، وسڻو خاصخيلي، ڪچهري جي صحبت ڪندا هئا. پاڻ جيڪو به جلالي عالم ۾ ڪلام چوندا هئا تنهن کي سندس ڀاڻيجو سيد قادر شاه ، قاضي عبدالرحيم لکندا هئا. ٽنڊوالهيار ۾ ڪلام چوڻ وقت حافظ محمد ولد حاجي جمع پاٽولي لکندوهو. پاڻ هر سومر رات ٽنڊو الهيار ۾ پير محمد زمان شاهه جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ويندا هئا. سفر ۾ ٻه چار فقير گڏ هوندا هئا . يڪتارو بيراڳڻ گڏ هوندي هئي. پاڻ نصرپور ناڪي وٽ لهي اڳتي پير پنڌ ويندا هئا. مصري شاهه سان گڏ مائي ليلان گڏ رهي. هن جو ڪم گادي وڇائڻ هوندو هو. مصري شاهه جي وافات کان پوءِ اوطاري تي مجاور بڻجي ويٺي. سندس مزار مصري شاهه جي پيراندي کان آهي. مائي ليلان حيدرآباد جي ماڙيچن قوم مان هئي سندس هڪ پٽ بولو هو جنهن مرشد بابت چيو ته

سائين سدائين هجين نصرپور ۾ نر
ڏسي تو ڏاتار کي کامي مرن کر

        مصري شاه جي شاعري سنڌي صنف، ڪافي نج سنڌي آهي. سندس شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه چئجي ٿو. ڪليات مصري شاهه جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن پهريون ڇاپو 1961 ع ۾ ڇپيو جيڪو مقبول احمد ڀٽي مرتب ڪيو ٻيو ڇاپو 1985ع ۾ زير نگراني سيد غلام قادر شاهه رضوي جي ڇپيو جيڪو مصري شاهه ميموريل ڪميٽي نصرپور جي صدر سيد عاشق حسين شاهه رضوي مرتب ڪيو ٽيون ڇاپو 2005ع ۾ زير نگراني سيد مريد علي شاهه رضوي جي شايع ٿيو. جيڪو مصري شاهه ميموريل ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عرس فقير بهراڻي تربيت ۽ اشاعت ڪئي. ڪليات مصري شاهه ۾ ٻه سو چاليهه ڪافيون 24 وايون، 175 بيت آهن. 164 سنڌي 25 سرائيڪي 3 هندي ، هڪ فارسي هڪ اردو ڪافي آهي. 164 سنڌي بيت 11 سرائيڪي بيت آهن. ڪليات مصري شاهه ۾ ٻه اهڙيون به ڪافيون آهن. جن ۾ هڪ به نقطو نه آهي. مصري شاهه جي شاعري تي پارسي شاعري جو اثر آهي.سندس شاعري ۾ صلاصت ، فصاعت ۽ بلاغت آهي. 1900 ع ۾ جڏهن نصرپور ۾ هڪ وبا ڦهلجي وئي ته کين چيو ويو ته هتان لڏي هلون پر پاڻ چيائون ته هتان هلڻ کان پوءِ بچي پئجي پر مرشد جي نيلن جي ڇانو ڪٿي به نصيب نه ٿيندي. چار ۽ پنج صفر 1235 هجري بمطابق 1906ع رات جو کيس علالت ٿي. حڪيم طبيب آيا ڪجهه به نه ٿيو. آخري ڪافي “ ڏاگها جيئن ڏينهن نه اڀري پنڌ پراهون منزل ڏور “ چيائون. سندن روح جو پکي اڏامي ويو کين درگاهه محمود شاهه جي اتر طرف دفن ڪيو ويو جتي سندن درگاهه آهي. سندن روزو ڳاڙهي پٿر سان ٺهيل آهي. جيڪو سندن ڀائيٽي سيد علي غلام شاهه ولد سيد فتح محمد شاهه (وفات 1928ع) تعمير ڪرايو هر سال چوٿين، پنجين، ڇهين ستين صفر تي سندس ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ پري پري کان سندس مريد ڪيهي ايندا آهن.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net