|
|
ڪالم ڪهاڻي خُراساني گڏهه ـــــــــــــــــــ ڊاڪٽر شاهمراد مستوئي خراساني گڏهه کي ڏسي ۽ ان تي سوچي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آ ڇاڪاڻ ته سائين پريشان پروفيسر مون کي ٻڌايو ته خراساني گڏهه تي جيترو بار رکو، هو برداشت ڪندو آ. آءُ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي خراساني گڏهه سمجهندو آهيان. خراسان ــــ بلوچستان سان منهنجو واسطو آ، ابا ڏاڏا خراسان جا آهن. اتان منزلن ۽ مقصدن جو بار ڪلهي تي کڻي سنڌ اچي نڪتا. اڄ ڪلهه سکر سنڌ ۾ سکيا آهن ۽ آباد آهن. آءُ پنهنجي وڏن جي خواهشن جو احترام ڪندڙ انسان آهيان. هر قسم جو بار کڻي زندگي گذاري رهيو آهيان. خراساني گڏهه آهيان. سوچ ايندي اٿم ته سوچيندو به آهيان، نه ايندي اٿم ته نه سوچيندو آهيان. خراساني گڏهه آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفين جي بار کي ڪلهي تان لاهي هيٺ رکندو آهيان. سڄڻ سنڌيءَ کي ٻڌندو آهيان:
هلو هلو سنڀالي هلو، لتاڙجي نه
وڃو مون بيوقوف کي سنڀالي قدم کڻڻ جا گُر نه آيا ان ڪري آءُ مڪارن جي منهن ۾ آهيان. خراساني گڏهه جو آهيان. منهنجي ڪائي منزل نه آهي پر آءُ منزل جي تلاش ۾ آهيان. الائي ته ڪهڙي قهريءَ فلسفيءَ چيو هو ته منزل به معمو (ڳجهارت) آهي. منزل ماڻڻ جو ڪو فڪس فارمولو به ڪونهي. اهو ته منزل جوڳ پنهنجو ڪمال آ ته اها پاڻ پير وڌائي مسافرن جي حضور پيش پوندي آ. منزل پاڻ ئي سفر ڪندي آ ۽ پاڻ ئي همسفري جو فرض ادا ڪندي آ ۽ ڪنهن به وقت مسافر سامهون جي بيهندي آ، کلندي آ ۽ نظرن کان پري ٿي ويندي آ. کيل ئي خلاس! اها ڳالهه انساني سمجهه کان مٿانهين آ ته انسان هارائي وڃي ۽ منزل/ مقصد به ماڻي وڃي. اڪثر هارائيندڙن کي مون منزل ماڻيندي مشاهدو ڪيو آ. منهنجو ڪچو نه پر پڪو ايمان آ ته ميدانِ ڪربلا ۾ جنگ هارائي وئي ۽ مقصد ماڻيو ويو. امام حسين عه قربان ٿيو ۽ اسلام زندهه ٿي ويو. هونئن به منزلن تي پهچڻ وارا وڏن انتظامي امورن جا قائل نه هوندا آهن. هڪ صاحبِ منزل ڪچي مٽيءَ جي گهڙي تي تري محبوب جي منزل ڏانهن وڌيو. ڪچي مٽيءَ جي گهڙي سندس بار نه سٺو ۽ مسافر ٻڏي مئو. پر . . . . پر . . . . پر ان ٻڏندڙ گهڙي اهو رنگ ڏيکاريو جو اڄ ڏينهن تائين درياءِ چناب جون لهرون ان منظر کي ياد ڪري روئنديون آهن، دانهينديون آهن ۽ دل وارا محبت ڪندڙ ان مرندڙ مسافر کي پيشرو چوندا آهن. |
|
|