ڪالم ڪهاڻي

خُراساني گڏهه

                ـــــــــــــــــــ ڊاڪٽر شاهمراد مستوئي

    خراساني گڏهه کي ڏسي ۽ ان تي سوچي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آ ڇاڪاڻ ته سائين پريشان پروفيسر مون کي ٻڌايو ته خراساني گڏهه تي جيترو بار رکو، هو برداشت ڪندو آ. آءُ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي خراساني گڏهه سمجهندو آهيان. خراسان ــــ بلوچستان سان منهنجو واسطو آ، ابا ڏاڏا خراسان جا آهن. اتان منزلن ۽ مقصدن جو بار ڪلهي تي کڻي سنڌ اچي نڪتا. اڄ ڪلهه سکر سنڌ ۾ سکيا آهن ۽ آباد آهن. آءُ پنهنجي وڏن جي خواهشن جو احترام ڪندڙ انسان آهيان. هر قسم جو بار کڻي زندگي گذاري رهيو آهيان. خراساني گڏهه آهيان. سوچ ايندي اٿم ته سوچيندو به آهيان، نه ايندي اٿم ته نه سوچيندو آهيان. خراساني گڏهه آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفين جي بار کي ڪلهي تان لاهي هيٺ رکندو آهيان. سڄڻ سنڌيءَ کي ٻڌندو آهيان:

هلو هلو سنڀالي هلو، لتاڙجي نه وڃو
اچي مڪار جي مُنهن ۾ چٻاڙجي نه وڃو

    مون بيوقوف کي سنڀالي قدم کڻڻ جا گُر نه آيا ان ڪري آءُ مڪارن جي منهن ۾ آهيان. خراساني گڏهه جو آهيان. منهنجي ڪائي منزل نه آهي پر آءُ منزل جي تلاش ۾ آهيان. الائي ته ڪهڙي قهريءَ فلسفيءَ چيو هو ته منزل به معمو (ڳجهارت) آهي. منزل ماڻڻ جو ڪو فڪس فارمولو به ڪونهي. اهو ته منزل جوڳ پنهنجو ڪمال آ ته اها پاڻ پير وڌائي مسافرن جي حضور پيش پوندي آ. منزل پاڻ ئي سفر ڪندي آ ۽ پاڻ ئي همسفري جو فرض ادا ڪندي آ ۽ ڪنهن به وقت مسافر سامهون جي بيهندي آ، کلندي آ ۽ نظرن کان پري ٿي ويندي آ. کيل ئي خلاس!

    اها ڳالهه انساني سمجهه کان مٿانهين آ ته انسان هارائي وڃي ۽ منزل/ مقصد به ماڻي وڃي. اڪثر هارائيندڙن کي مون منزل ماڻيندي مشاهدو ڪيو آ. منهنجو ڪچو نه پر پڪو ايمان آ ته ميدانِ ڪربلا ۾ جنگ هارائي وئي ۽ مقصد ماڻيو ويو. امام حسين عه قربان ٿيو ۽ اسلام زندهه ٿي ويو.

    هونئن به منزلن تي پهچڻ وارا وڏن انتظامي امورن جا قائل نه هوندا آهن. هڪ صاحبِ منزل ڪچي مٽيءَ جي گهڙي تي تري محبوب جي منزل ڏانهن وڌيو. ڪچي مٽيءَ جي گهڙي سندس بار نه سٺو ۽ مسافر ٻڏي مئو. پر . . . . پر . . . . پر ان ٻڏندڙ گهڙي اهو رنگ ڏيکاريو جو اڄ ڏينهن تائين درياءِ چناب جون لهرون ان منظر کي ياد ڪري روئنديون آهن، دانهينديون آهن ۽ دل وارا محبت ڪندڙ ان مرندڙ مسافر کي پيشرو چوندا آهن.


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com