|
اسان واقعي سنڌ سان
عشق ۾ مبتلا آهيون؟
اسحاق
سميجو
سنڌ فورم جي ٿورن سان
هڪ زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ شاعريءَ کان
وٺي سياست تائين ۽ فڪر کان وٺي فن تائين، هر شيءَ کي پرکڻ ۽ ماپڻ جو معيار ”سنڌ“
هئي. سنڌ جي فنڪارن ۽ شاعرن ئي نه، سياستدانن به ان کي هڪ ديومالائي ڌرتي ڪري پيش
پئي ڪيو ۽ ان سان تعلق کي به هڪ عجيب رومانوي انداز ۾ ڏٺو ويندو رهيو. ان محبت ۽
اندازِ نظر ئي سنڌ کي هڪ ڏند ڪٿائي وطن بڻائي رکيو. هاڻ اها ڏند ڪٿائي ڌرتي، جنهن
مان وهندڙ مقدس نديءَ جي ٻنهي ڪنڌين کي ”جنت الفردوس“ سڏيو ويو، سا پنهنجي حقيقت ۾
هڪ چڪندڙ زخم ۽ ڀڳل هڏ جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، تڏهن به اسان جي ماڻهن جي
اڪثريت ان جي تصوراتي حسناڪيءَ ۾ ايتري ته گرفتار آهي، جو ان کي خبر ئي نٿي پوي ته
هن جو اهو عشق هن جي وطن کي ڪيترو نه مهانگو پيو پوي. ڇو ته محبت سکڻين خبرن چارن
جو نالو ته ڪونهي، اهو هڪ عمل آهي ۽ عمل به اهڙو جيڪو مسلسل ۽ زندگي ڀر جاري رکڻو
آهي.ڇو ته هر ڀيري اهو ڪنهن نئين روپ ۾، نئين ذميواريءَ سان سامهون اچي ٿو. پر اسان
جو پيار فقط ڳالهين وسيلي دل وندرائڻ، وقت ۽ دور جي چئلينجن کان اکيون چورائڻ ۽
تخيلاتي جهان ۾ ئي وقت گذارڻ تي ٻڌل سرگرمي آهي. ان صورت ۾ اها تبديلي، جنهن سان
مختلف مرضن جي انبوهه ۾ دٻجي ويل سماج ٻيهر پنهنجي روشن ۽ صحتمند صورت سان سامهون
اچي سگهي، ڪيئن اچڻ ممڪن آهي؟
سنڌ يا ڪنهن به وطن سان ان جي
رهواسيءَ جي محبت جي سچي هجڻ تي شڪ اٿاري نٿو سگهجي. ڇو ته اهو هڪڙو فطري بلڪ اڃا
به جبلي معاملو آهي ۽ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ان کي ڪي ”اڻاسي“ ئي وساري سگهندا آهن، پر
اها ڳالهه به ته ڏسڻ کپي ته پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي حقيقي يادگيري ڇا ۽ ڪيئن ٿي
سگهي ٿي؟ ڇا سکڻو ”وطن وطن“ يا ”سنڌ سنڌ“ ڪرڻ سان اسين ان جو اهو حق ادا ڪري ڇڏيون
ٿا، جيڪو اسان کي لازمي طور ڪرڻو هوندو آهي؟ اسان جا شاعر، اسان جا سياستدان، ويندي
ڪامورڪو لڏو توڙي غير سرڪاري ادارن جا اڳواڻ به، جن جي ذميواري نج پروفيشنل
آهي،”سنڌ“ جي نالي تان فدا ٿيندي نظر پيا ايندا آهن ۽ جڏهن ڪو فنڪار سنڌ جي ذڪر تي
ٻڌل ڪو ”قومي گيت“ ڳائيندو آهي ته نه فقط هزارين روپيا گهور ڏئي، پنهنجي ”محبت جو
ثبوت“ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جذبات مان بي قابو ٿيندي، يونيورسٽيءَ جي شاگردن
وانگر سر محفل ناچ کي به خراب ناهن سمجهندا، پر جيڪڏهن عملي طور ڏسبو ته انهن جا
اهڙا جذبا سنڌ جون خراب ۽ ايذائيندڙ حالتون ۽ تقدير سنوارڻ ۾ ڪو معمولي ڪردار به
ادا ڪري ناهن سگهيا. ڇاڪاڻ ته عملي طور ساڳين ماڻهن جا رويا ۽ فعل پنهنجن ماڻهن
لاءِ تڪليفن جو ڪارڻ هوندا آهن. سنڌ پنهنجن رهواسين کان سواءِ ته فقط ڌرتيءَ جو هڪ
ٽڪرو ئي آهي، جهڙا زمين جا ٽڪرا سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن. ان
ڪري سنڌ جو مطلب سنڌ جا رهواسي ئي آهن، جن کي نظرانداز ڪري، پٺتي ڌڪي، پوليس هٿان
ڪٽرائي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي، برادري تڪرارن وسيلي ويڙهائي، معاشي طور چيچلائي، کين
ورهائيندڙ، ويڙهائيندڙ، ڦريندڙ ۽ استحصال ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڪردارن ۽ روين کي هٿي
وٺائي، اسان ”سنڌ“ سان محبت نٿا ڪري سگهون. سنڌ سان محبت جو مطلب آهي، سنڌ جي ماڻهن
سان محبت، سنڌ جي وڻن، ٽڻن، درياهن، ڍنڍن ۽ ويڙهن جي وارثي. انهن جي تحفظ ۽ مالڪيءَ
لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي اسان سنڌ سان محبت جا دعويدار بڻجي سگهون
ٿا.
حقيقت اها به آهي ته اسان ماضيءَ جي
سحر ۾ جڪڙيل اهڙي قوم آهيون، جنهن حال کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو. ماضي ڪنهن نشي
وانگر اسان کي پياريو ويندو رهيو ۽ حال ۾ ٿيندڙ تباهين تان ڌيان هٽايو ويندو رهيو.
اسان جي اهڙي روش اسان کي اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ گهڻو پٺتي ڌڪي ڇڏيو. اسان وٽ نظر
ايندڙ سياسي توڙي غير سياسي ايڪٽوزم ان سنڌ کي به جيئن جو تيئن بحال ۽ برقرار نه
رکي سگهيو، جيڪا سنڌ اسان جي اڳئين نسل اسان کي ورثي ۾ ڏني هئي. اها به حقيقت آهي
ته سنڌ کي ڏند ڪٿا بڻائڻ ۾ به ان ئي نسل جو ڪردار هيو، پوءِ اها اياز جي شاعري هجي،
جي ايم سيد جا ڪتاب هجن يا رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جون تقريرون- پر ان
نسل جي اڪثريتي ماڻهن وري به پنهنجي حصي جي ذميواري ۽ فرضن جي ادائگيءَ طور گهڻو
ڪجهه ڪيو. انهن پنهنجي اهڙي فرض جي ادائگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو ۽ وڃائيو به. انهن
رڳو ڳالهين جا ڳوٺ نه ٻڌا، پر پنهنجي وطن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري وڃڻ جي خيال کان
پنهنجي زندگيءَ جي ڪئين خوشين ۽ خواهشن جو ٻليدان به ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي جو
ان نسل جا اڪثريتي ماڻهو ڪنهن به طوفان ۾ ”ڊهي پوڻ“ کان محفوظ رهيا. جيڪڏهن ڪي ڊهي
به پيا، ته انهن کي ڪافي وقت لڳو. پر اها ڪيڏي نه عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي
ته بعد واري نسل جا اڪثريتي ماڻهو، جن ”سنڌ سنڌ“ ڪري پنهنجون نڙيون ويهاري ڇڏيون
هيون ۽ جن جي تقريرن توڙي ڪالمن جي ٻولي پنهنجن ماڻهن جي درد ۾ ٻارهوئي ڀريل ڪڪر جو
ڏيک ڏيندي هئي، سي ايئن بدلجي ويا، جو پنهنجي وطن سان ٿيندڙ وڏا وڏا هاڃا به سندن
اکين ۾ لڙڪ آڻي نه سگهيا. حرفن کي وڪڻي، معمولي ڪرسيون خريد ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ
سنڌ جا سور به ڄڻ ته هڪڙو وکر ئي هئا، جيڪو وڪڻي انهن پنهنجي ڪم جو سامان خريد ڪري
ورتو. عمل ته ڪٿي هيو ڪونه، سکڻيون ڳالهيون هيون، جيڪي اڳتي وڌي آيون هيون. لفظي
جادوگري ئي ڪل فن ۽ ڪاريگري بڻجي پئي هئي، سو پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان وابستگي ۽ ان
جي ذميداري قبول ڪرڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو. نوحا مقتول جا پڙهيا ويندا رهيا، انعام
قاتل کان وصول ٿيندا رهيا. نالو ”عوام“ جو استعمال ٿيندو رهيو، گهر اڳواڻن جا ڀربا
رهيا. درد ماڻهو ڀوڳيندا رهيا، ان جو بدلو ۽ وهه وا ڪالم نگارن ۽ شاعرن کي ملندي
رهي. جهالت، مفلسي، بيماريون ۽ سهولتن جي کوٽ ماڻهن کي کائيندي رهي، ته انهن جي
بحاليءَ لاءِ ملندڙ ڪروڙين روپين جي پراجيڪٽن جو فائدو ”سول سوسائٽي“ جي نمائندن کي
پوندو رهيو. ”ڳالهه“ ۽ ”ڪردار“ ٻه جدا شيون بڻايون ويون ته سمورو سماجي ڍانچو ۽
”تبديليءَ جو طلسماتي تصور“ به اچي پٽ پيو.
حقيقت اها آهي ته ڪردار سنڀالڻ جي
ڪِري اسان جي ڪئين وڏن ماڻهن به نه ڪئي، نتيجي ۾ اسان جا ڪن حوالن سان ”وڏا ماڻهو“
پنهنجن ماڻهن لاءِ آئيڊيل به نه بڻجي سگهيا. مٿان وري باڪردار، نيڪ نيت ۽ ڪنهن به
ڪم کي زندگي ارپيندڙ ماڻهن کي نه رڳو اتساهيو نه ويو، سندن ڀرجهلائي نه ڪئي وئي، پر
ڪئين طرفن کان تير اندازي ڪري، سندن سينه چاڪ ڪيا ويا. ادب کان وٺي سياست تائين
ڪئين معتبر ۽ قابل عزت ماڻهن کي لوئڻ جو ڪم ڪيو ويو ۽ اهو ڪم اڃا به مختلف فورمن
تان مختلف صورتن ۾ سڌي اڻ سڌي نموني ٿي رهيو آهي ته پنهنجن ماڻهن کي لوئي، ٻين جي
عظمتن جا ڳيچ ڳاتا وڃن. اهڙو ڪارو ڪاروبار ڪڏهن ڪتابن جي روپ ۾، ڪڏهن مضمونن جي روپ
۾ ته ڪڏهن تقريرن جي روپ ۾ روزانو نظر ايندو رهي ٿو. افسوس ته اهو ڪم چالاڪيءَ يا
سادگيءَ وچان ڊرامن ۽ گانن کان به ورتو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اسين اها سنڌ
تيزيءَ سان وڃائڻ لڳا آهيون، جيڪا سنڌ اسان جي تصور ۾ڪنهن ديومالائي ديس وانگر رهي
آهي.
اها حقيقت تلخ سهي، پر حقيقت ئي آهي
ته اسين سنڌ جو حسين تصور ئي نه، پر اها اصلوڪي سنڌ به نه بچائي سگهيا آهيون، جيڪا
اسان کي ورثي ۾ ملي هئي. اسين مالڪ هجڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهيون ۽ سنڌ جي
مالڪيءَ جون دعوائون الائي ڪٿان ڪٿان پيون ٻڌجن. هاڻ ڪڏهن 47ع ۾ هندستان مان آيل
ماڻهو ”نون سنڌين“ جي حيثيت ۾ ان جا وارث ٿي سامهون اچن ٿا ته ڪڏهن قابل، قنڌار ۽
پشاور وارا ان تي مالڪيءَ جي دعويداري ڪندي ڏسجن ٿا. وسيلن ۽ زمين جو ته وڏو حصو
اسان ايئن وڃائي چڪا آهيون، جو خبر ئي نه پئجي سگهي ته اهو سڀ ڪيئن ٿي ويو. اسين
حسين ڳالهين جي ڳهر ۽ تخيل جي سحر ۾ ئي ڦاٿل رهياسين، جو ڪڏهن تيل ۽ گئس ويندو
رهيو، ٻيٽ ۽ بندر ويندا رهيا، ڪڏهن شهر ۽ انهن جا انتظام کسڪندا رهيا ته ڪڏهن
پنهنجا قديم ڳوٺ ۽ وسنديون به وينديون رهيون. ڳالهين جو ڳهر اڃا به نه لٿو آهي. سنڌ
سان ”عشق“ جي دعويَ اڃا به نه مئي آهي. سنڌ جي نعري تي رت جو اڀامڻ ۽ سنڌ جي گيت تي
پيرن جو وجد مان نچڻ اڃا به جاري آهي. پر سنڌ ڪٿي آهي؟ سنڌ ڪنهن جي آهي؟ ۽ سنڌ ڪنهن
وٽ وڃي چڪي آهي؟ اسان لاءِ اهي سمورا سوال ايترا اهم نه آهن. صحيح چوندا آهن ته
”عشق انڌو ٿيندو آهي“... عاشق کي ايترو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي ته جنهن سان هو پيار
ڪري ٿو، اهو ڪهڙي تباهيءَ جي منهن ۾ آهي.
عشق جا به آداب ٿيندا آهن، عشق جا به
ڪي فرض ٿيندا آهن ۽ عشق جون به ڪي تقاضائون ٿينديون آهن. لطيف چيو هو”محبوبن منٿون
ڪري، سڪڻ سيکاريوم.“ جڏهن سڪ به سکڻ جي شيءَ آهي ته پوءِ عشق ته پڪ سان سکڻ جي شيءَ
هوندو. پر اسان ٻيو ڇا سکي سگهيا آهيون، جو وطن سان عشق ۽ ان جا آداب سکنداسين؟!
|