ڪالم ڪهاڻي

عورت، ٻار ۽ پيار

                ـــــــــــــــــــ ڊاڪٽر شاهمراد مستوئي

    تواريخ ۾ ظلم ٿيندو رهيو آهي، ٿيندو رهندو. سرمائيدار سياڻن کي سرمو پارائي انهن جي عورتن کي ڪم ڏيارڻ لاءِ ڪارخانن ۾ وٺي ويو. گھريلو زندگيءَ جو خاتمو اچي ويو. جئين جئين نين مشينن/ ڪارخانن جو سمنڊ ميدان ۾ آيو، عورت کي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، عورتن ۾ گھريلو سگھڙائپ سوڙهي ٿيڻ لڳي ۽ آهستي آهستي عورت کي پنهنجي قديمي قائدن ۽ فرضن کان آزادي ملي. عورت عورت نه رهي هو ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن جي غلام بنجي وئي ۽ ان عورت ان غلاميءَ کي ان ڪري قبول ڪيو ته جئين هو ڪم ڪري، پاڻ پئسا ڪمائي ۽ انهن پئسن کي پاڻ جئين وڻي تئين خرچ ڪري سگھي.

          گھر هاڻ گھر نه رهيو، ان ڪري مردن ۽ عورتن گڏجي هڪ نئين جاءِ ايجاد ڪئي. گڏجي رهڻ لاءِ فليٽ ٺاهيا ويا. هاڻ مرد ۽ عورت جي زندگي صبح ۽ شام گھر کان ٻاهر شور ۾ گذرڻ لڳي. هڪ گھر، هڪ ادارو جيڪو ڏهه هزار سالن کان آباد هو، هڪ ئي نسل جي نواڻ جي ور چڙهي ويو.

          اسانجا نفسياتي ماهر چون ٿا ته ادارا، رسم ۽ رواج اخلاق آهستي آهستي بدلبا آهن پر هي تاريخ تمدن جو انقلاب ڏسندي ڏسندي عروج تي آيو. اسانجي دانشورن مبلغن ۽ سياستدانن اسانکي ڊيڄاريو هو ته اشتراڪي (ڪميونسٽ) گھرن کي تباهه ڪري ڇڏيندا. پر........... پر........... انهن جي ڏسندي ڏسندي اقتصادي قوتن (سرمائيدارن) جي غير شخصي قوتن گھرن (ادارن) جي تباهي جي الميي کي ٿوري ئي عرصي ۾ مڪمل ڪري ڇڏيو.

          ماضيءَ ۾ عورت جو احترام ان جي ٻارن جي تعداد مطابق ڪيو ويندو هو. اڄ ماءُ نه بنجڻ يا هڪ ٻار ڄڻڻ عورتن جو مشغلو نه پر فيشن بڻجي ويو آهي. اهي نادان ۽ بيوقوف عورتون ان حقيقت کان بيخبر آهن  ته ٻارن تي خرچ رقص ۽ سرور جي محفلن جي خرچ کان گھڻو گھٽ آهي.

ماءُ جي تصوير اسان کي ايترو متاثر ڇو ڪندي آهي؟ ڇاڪاڻ ته ٻار فطرت جو عڪس آهن ۽ ٻارن جي تخليقار ماءُ آهي. اڄ جي شهرين کي نه ٻار جي ضرورت آهي ۽ نه ماءُ جي ان ڪري اهي عورتن جي دلين کي مامتا سان داغدار نه ڪندا آهن. عورتن جي ان نئين فطرت هنن جي مڙس حاصل ڪرڻ جي امڪانن کي گھٽائي ڇڏيو آهي.

          ٻڌو آهي ته رومن شهري تعليم يافته زال جي هئڻ تي سوچي ڏڪي ويندا هئا. حقيقت هي آهي ته هر مرد ماڻهو ان عورت جي صحبت ۾ خوش نه رهندو آهي جيڪا دماغي/ ذهني طور تي هن کان وڌيڪ سياڻي هجي ٿي. مرد فقط ان هستيءَ سان محبت ڪندو آهي جيڪا هن کان گھٽ سياڻي يا ڪمزور هجي. ان جي ابتڙ عورت پاڻ کان وڌيڪ سياڻي يا مضبوط هستي (مرد) سان محبت ڪرڻ چاهيندي آهي. ان ڪري اهڙي عورت جنهن جي تهذيب فطري ڪشش تي نه پر علم ۽ خيالن تي مشتمل هوندي آهي، مڙس حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ناڪام رهندي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي عورت اهڙن شعبن ۾ وڃي پاڻ کي اوچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جيڪي شعبا مردن جي زير طابع هوندا آهن. ان ڪري عورتن جي ڪاليجن جون 60 سيڪڙو عورتون غير شادي شده ئي رهجي وينديون آهن.

          عورت نون عقيدن جو احترام ڪندي آهي ۽ پراڻن عقيدن تان ايمان به نه کڻندي آهي. مرد مايوس ٿيندو ته خودڪشي ڪندو، پر عورت هر طرف کان نااميد ٿيندي آهي ته پنهنجو پاڻ کي آسماني طاقتن جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ خوش ٿيندي آهي. پنهنجي جذباتي پڻي جي ڪري عورت مذهب جي پُڪار جلدي ٻڌندي آهي. جنسي ڇڪتاڻ کي ڇڪيندي هو جڏهن ٿڪبي آهي ته خدا سان رابطو ڪندي آهي. قدرت هن لاءِ هڪ مقدس جادو جي حيثيت رکندي آهي. ۽ هو هر انهيءَ شيءِ جي پوڄا ڪندي آهي جنهن کي مرد تسخير ڪرڻ چاهيندو آهي

          عورت کي ته بس ٻار کپن ۽ انهن ٻارن جو سٺو سنڀاليندڙ (مڙس) کپي. ٻيو ڪجھه به کپي!!!


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com