مان اڳيان هوندو آهيان ۽ افواهه منهنجي پويان پوليس سان گڏ هوندا آهن. جڏهن پوليس منهنجي پويان گشت ڪندي آهي تڏهن افواهه به پوليس سان گڏ گشت ڪندا آهن. جيئن پوليس وارن کي گشتي سفر خرچ ملندو آهي. تيئن افواهن کي به سفر خرچ ملندو آهي، ڪي افواهه ته اهڙا آهن جو ٽي اي ۽ ڊي اي الائونس به وٺيو وڃن. هڪڙي افواهه ته پوليس وارن جي دوستيءَ ۾ رشوت به وٺي ڏيکاري.

ست ڏينهن

                                                            ـــــــــــــ حليم بروهي

۽ هڪڙي دوست لاءِ ٻڌم ته منهنجو نالو ٻڌندي ئي گهر ۾ هوندي به گهر مان ئي انڊرگرائونڊ ٿي ويو.

     علم نجوم هڪ لاجواب علم آهي، ۽ اسان کي هن علم تي مهارت به حاصل آهي. اسان چاهيون ٿا ته هر هڪ هفتي اسان اوهان کي ايندڙ ستن ڏينهن بابت ٻڌائيندا ڪريون ته ڪهڙو ڏينهن اوهان جو ڪيئن گذرندو. هي ڪم تمام سولو آهي. فقط هڪ طوطو پالڻو پوندو آهي.

علم نجوم جو ذرو به تعلق اوهان جي نالي جي پهرئين اکر سان ڪونهي. اسان کي اوهان جي امڙ جي نالي جي پهرئين اکر جي به ضرورت ناهي. اسان عام نجومي نه آهيون. اسان خاص نجومي آهيون. اسان جو طوطو به خاص قسم جو طوطو آهي. هيٺ ڏنل ستن ڏينهن جو حال اکر به اکر صحيح ۽ درست ثابت ٿيندو.

سومر:    نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ بابت سوچڻ لاءِ اڄوڪو ڏينهن مفيد آهي. پر اهو نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ايندڙ اربع جو انتظار ڪريو. اڄ ئي فيصلو ڪريو ته ايندڙ خميس تي جمعي واري ڏينهن لاءِ سئنيما ۾ ٻن سيٽن لاءِ بڪنگ ڪرائڻي آهي. سفر ڪرڻ اجايو آهي. سڀاڻي اوهان کي پيارو نياپو ملندو.

اڱارو:  اڄ سڀاڻي آهي ۽ اڄ اوهان کي پيارو نياپو ملندو. هلندڙ ڪاروبار ۾ ڀائيوار شريڪ ڪرڻ لاءِاڄ سڀاڳو ڏينهن آهي. سفر ناڪام ثابت ٿيندو. پيارو نياپو جمعي ڏينهن گڏجي فلم ڏسڻ متعلق هوندو.

اربع:    جنهن نئين ڪاروبار شروع ڪرڻ بابت اوهان سومر ڏينهن سوچيو هو، سو اڄ شروع ڪرڻ مفيد ٿيندو. سفر مان نقصان جو انديشو آهي. جمعي ڏينهن گڏجي فلم ڏسڻ واري ڳالهه اوهان کي جهومرهڻي نچڻ تي مجبور ڪندي، پر اوهان نچڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

خميس: اڄ اوهان کي تمام گهڻي ويسر رهندي. سفر خراب ثابت ٿيندو. نزلي، زڪام، ۽ کنگھ جي شڪايت رهندي. سڀاڻي جمعو آهي وارو خيال اوهان جي ذهن تي سوار رهندو. پيٽ خراب رهندو. سڀاڻي هن سان ملڻ وارو خيال اوهان کي اڄ به نچڻ تي مجبور ڪندو جنهن تي اوهان حاوي ته ٿي ويندا پر نتيجي ۾ اوهان پيچس جو شڪار به ٿي ويندا. سفر خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ اوهان کي خوار خراب ڪندو.

جمعو:  جنهن نئين ڪاروبار شروع ڪرڻ بابت اوهان سومر ڏينهن سوچيو هو ۽ پوءِ اهو نئون ڪاروبار اوهان اربع ڏينهن شروع به ڪيو هو، سو نئون ڪاروبار اڄ بند رهندو جو جمعي ڏينهن نوان پراڻا سڀيئي ڪاروبار بند رهندا آهن. سفر خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ اوهان کي چڱو خاصو خوار ڪندو. محبت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ جو ڏينهن آهي جو اڄ دنيا جو هڙيئي محبوبائون ساهڙين سان ملڻ جو بهانو ڪري سئنيمائن ۾ پنهنجي محبوبن سان فلمون ڏسنديون آهن، پر اوهان ۽ اوهان جي محبوبه سڄو ڏينهن راڻي باغ ۾ باندرن کي بوهي مڱ کارائيندي ۽ پاڻ پڪوڙا ۽ ڇولا کائيندي گذاريندا جو ڪالهوڪي ويسر واري ڏينهن ۾ اوهان سئنيما ۾ سيٽون بُڪ ڪرائڻ به وساري ڇڏيو هوندو. پيچش کي اڄ صبح جيڪو آرام مليو هوندو. تنهن جو خانو خراب شام تائين پڪوڙن ۽ ڇولن ڪري پاڻيهي پاڻ ٿي ويندو. هلندڙ ڪاروبار ۾ جنهن ڀائيوار کي اوهان آڱاري ڏينهن شريڪ ڪيو هو، سو ڀائيوار  اڄ پاڻ کي پاڻيهي ڦاهو ڏيئي ماريندو ۽ مرڻ کان اڳ  اوهان کي چڱي طرح پوليس وٽ ڦاسائيندو ويندو. اڄ پوليس جو فون ايندو، پر دلگير ٿيڻ لاءِ آچر جو ڏينهن مناسب رهندو.

ڇنڇر:   جنهن نئين ڪاروبار بابت اوهان سومر ڏينهن سوچيو هو ۽ پوءِ اهو ڪاروبار اوهان اربع ڏينهن شروع ڪيو هو، تنهن ڪاروبار جو اڄ کان خانو خراب ٿيڻ شروع ٿيندو جو اوهان هلندڙ ڪاروبارواري ڀائيوارجي قتل جي ڏوھه ۾ ڪالهوڪي جمعي کان پوليس لاڪ اپ ۾ هوندا. سفر تمام خوفناڪ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيندو. تنهن ڪري اوهان جو پوليس لاڪ اپ ۾ ئي هجڻ اوهان جي سلامتي جو ضامن ٿيندو. ٿاڻي وارا وندريل رهندا ۽ گهران ماني ايندي رهندي.

آچر:      دلگير ٿيڻ لاءِ اڄوڪو ڏينهن مناسب رهندو جو اڄ اوهان جي محبوبه اوهان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي ايندي جنهن کي ڏسي ٿاڻي جو انچارج صوبيدار پنهنجين مڇن کي تاءُ ڏيندو.

طارق اشرف ۽ مدد علي سنڌيءَ کان متاثر ٿي:

       ”مان اڳيان ۽ پوليس وارا منهنجي پويان. مان هڪڙو صوبو ڇڏي ٻئي صوبي ۾ داخل ٿيس، ٻئيصوبي مان نڪري ٽئين صوبي ۾ داخل ٿيس، ٽيون صوبو لتاڙي چوٿين صوبي ۾ داخل ٿيس، ۽ چوٿين صوبي ۾ پهچي مان ٽرين مان لهي، ريلوي لائين وٺي، پنڌ ئي پنڌ پهرئين صوبي ڏانهن روانو ٿيس. جيڪو منهنجو پنهنجو صوبو هو، جيڪو ڄڻ ته مون کي بابي کان ورثي ۾ مليو هو! سڄي ملڪ جي پوليس منهنجي پويان هئي ڇو ته مان سڄي ملڪ جي پوليس جي اڳيان هوس. مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته سينٽرل انٽيليجنس وارا به پوليس ۾ شامل ٿي رهيا هئا. مون وک تکي ڪئي ۽ اچي پهرئين صوبي ۾ داخل ٿيس، جيڪو صوبو مون کي بابي کان ورثي ۾ مليو هو. بابي وٽ چوٿين صوبي ۾ پيدا ٿيڻ جو آپشن هو پر بابو هروڀرو ۽ خوامخواهه پهرين صوبي ۾ ڄائو. خير، هاڻي مان پهرين صوبي جو رهاڪو هوس ۽ سڄي ملڪ جي پوليس منهنجي پويان هئي. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو. هاڻي اها خبر باهه وانگر ڦهلجي چڪي هئي ته مون تي وارنٽ آهن. سڄي جهان جي پوليس منهنجي پويان آهي، ۽ مان انڊر گرائونڊ ٿي چڪو آهيان. سو مان جنهن به دوست يا ساٿي وٽ اجهي يا پناهه لاءِ پهچان ٿو سو منهنجي پهچڻ کان ذرڙو اڳ انڊر گرائونڊ ٿيندو ٿي ويو. هڪڙو ساٿي ته صفا منهنجي اکين اڳيان انڊر گرائونڊ ٿي ويو. ۽ هڪڙي دوست لاءِ ٻڌم ته منهنجو نالو ٻڌندي ئي گهر ۾ هوندي به گهر مان ئي انڊر گرائونڊ ٿي ويو. هڪڙي دوست جي خبر پيم ته منهنجو نالو ٻڌندي ئي وچ بازار مان ئي بيٺي بيٺي انڊر گرائونڊ ٿي ويندو هو ۽ منهنجو نالو وٺندڙن جي وڃڻ کان پوءِ هڪدم انڊر گرائونڊ مان وري نڪري وچ بازار ۾ ائين نروار ٿيندو هو ڄڻ ته ڪڏهن انڊر گرائونڊ ٿيو ئي نه هو. مان ته اڳيئي انڊر گرائونڊ هوس، سو مان وڌيڪ انڊر گرائونڊ ٿي ويس، ڇو ته سڄي ملڪ جي پوليس منهنجي پويان هئي جو مان سڄي ملڪ جي پوليس اڳيان هوس. هاڻي ٽپال کاتي وارا به پوليس سان شامل ٿي ويا هئا جو مون هڪڙي ٽپالي کي سڃاتو جيڪو خط ورهائڻ جي بهاني سان گهر جا چڪر هڻي رهيو هو. مان ته اڳيئي وڌيڪ انڊر گرائونڊ ٿي ويل هوس، سو مان ويتر وڌيڪ انڊر گرائونڊ ٿي ويس. ڇو ته هاڻي تار کاتي وارا به پوليس سان شامل ٿي چڪا هئا. پوءِ الائجي ڪهڙو ٽرڙوهو، جنهن ٽرڙائپ ڪري حڪومت کان اخبارن ۾ بيان ڇپرايو ته منهنجي خلاف وارنٽ وغيره جا هڙيئي افواهه غلط ۽ ڪوڙا هئا. مان هڪدم انڊر گرائونڊ مان نڪري زمين جي مٿاڇري تي آيس، هوڏانهن سڄي ملڪجي پوليس اهڙي ته تڙ تڪڙ ۾ انڊر گرائونڊ ٿي ويئي جو مون هڪڙي ٽپالي کي انڊر گرائونڊ ٿيندو باقاعدي ڏسي ورتو جو هو گهر گهر وڃي خط ائين ورهائي رهيو هو، ڄڻ ته پوليس سان سندس ڪو به واسطو نه هو. اهو چوڻ غير ضروري آهي ته منهنجا دوست ساٿي به هڙيئي انڊر گرائونڊ مان نڪري آيا جن ٻڌايو ته هنن مان ڪو به ڪڏهن به فقط پنجن منٽن لاءِ به انڊر گرائونڊ نه ٿيو هو. ڪمال آهي! هاڻي اوهان بلاشڪ سوال وغيره پڇيو. مان به ڏسان ته اوهان ڪهڙا ٿا سوال پڇو. ڪم آن. گو اهيڊ.“

”اوهان وٽ انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سبب هئا؟“

”هي به ڪو سوال آهي؟ انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ مون وٽ هڪڙو سبب هي هو ته مان اڳي ڪڏهن به انڊر گرائونڊ نه ٿيو هوس. هن ملڪ ۾ هر ڪو ننڍو وڏو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور انڊر گرائونڊ ٿيو آهي، سو مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو مان انڊر گرائونڊ نه ٿيان؟ هتي ته چرچو لڳو پيو آهي جو جنهن کي ڏسان سو انڊر گرائونڊ! پوءِ آخر مان ڇو نه انڊر گرائونڊ ٿيان؟ سو مان انڊر گرائونڊ ٿي ويس. ٻيو سبب انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ هي هو ته گهڻو وقت ٿيويو هو جو مون فارن سگريٽ نه ڇڪيا هئا ۽ بيئر به نه پيتو هوم. مون کي خبر آهي ته جيڪو به انڊر گرائونڊ ٿيندو آهي تنهن کي دوست دڙا فارن سگريٽ ۽ بيئر وغيره هٿ ڪري ڏيندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ هتي ته اهو رواج عام آهي. ٽيون سبب انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ هي هو ته انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ ڪي به ٻه سبب ڪافي آهن. پوءِ هونئن به انڊر گرائونڊ ٿيڻ لاءِ ڪنهن سبب جو هئڻ ضرور ڪونهي. ڪي ماڻهو وارنٽ نڪرڻ کان پوءِ انڊر گرائونڊ ٿيندا آهن. ڪي ماڻهو وارنٽ نڪرڻ جو افواهه ٻڌي انڊر گرائونڊ ٿي ويندا آهن، ڪي ماڻهو ڪنهن به قسم جو ڪو به افواهه ٻڌي انڊر گرائونڊٿيويندا آهن. ۽ مان افواهه کان به اڳ انڊر گرائونڊ ٿي ويندو آهيان. مان اڳيان هوندو آهيان۽ افواهه منهنجي پويان پوليس سان گڏ گشت ڪندا آهن. جيئن پوليس وارن کي گشتي سفر خرچ ملندو آهي، تيئن افواهن کي به سفر خرچ ملندو آهي. ڪي افواهه ته اهڙا آهن جو ٽي اي ۽ ڊي اي الائونس به وٺيو وڃن. هڪڙي افواهه تي پوليسوارن جي دوستي ۾ رشوت به وٺي ڏيکاري. آهي ڪو ٻيو ذليل سوال ته اهڙو ئي ڪو ذليل جواب ڏيان.“

”اوهان انڊر گرائونڊ هوندي ضرور چمڙا پوش ٿي رهندا هوندا.“

”هي هوندا ڇا آهي؟ اوهان جي سوال جي پڇاڙي ۾ سوال جي نشاني به ڪانهي جو مان سمجهان ته سوال آهي. چمڙا پوش ٿي رهندو هوس جو منهنجي بابي جي بادشاهي آهي. چمڙي جو اگهه آهي آسمان تي، سو چمڙا پوش ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هاڻي چمرا پوش وڃي اهي جانور پاڻ ٿين جن وٽ سندن پنهنجي کل آهي. اوهان جو سوال ته سچ پچ اهڙو ذليل هوجو منهنجو سڄو مزو ئي ڪرڪرو ٿي ويو.“

”پوءِ ڀلا اوهان ماڻهن جي نظرن کان ڪيئن غائب رهندا هئا؟“

”هي ڀلا ڀلا ڇا آهي؟ ماڻهن جي نظرن کان غائب ٿيڻ جا ٽي طريقا آهن. ڏاڙهي رکي غائب ٿي وڃڻ يا ڏاڙهي ڪوڙائي غائب  ٿي وڃڻ، يا ڏاڙهي لڳائي غائب ٿي وڃڻ. ڏاڙهي رکائي غائب ٿي وڃڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين اوهان جي ڏاڙهي ڪوڙيل هجي. ڏاڙهي ڪوڙائي غائب ٿي وڃڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان جي اڳيئي ڏاڙهيهجي، ۽ ڏاڙهي لڳائي غائب ٿي وڃڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان کي کاڏي هجي. مان پيشه ور انڊر گرائونڊر آهيان. تنهن ڪري مان پاڻ وٽ هر وقت ڏهه ٻارنهن مختلف قسمن جون ڏاڙهيون هٿيڪيون رکندو آهيان. پوليس وارو فقط نظر ڦيرائي وري کڻيڏسي ته اڇي بدران ڳاڙهي ڏاڙهي ڏسي. انڊر گرائونڊ ٿيڻ جو پهريون اصول ئي هي آهي. انڊر گرائونڊ ٿيڻ واري کي سيڪنڊ ۾ ڏاڙهي مٽائڻ جي مهارت هجي. پوليس وارا اوهان سان ڳالهائيندو رهي ۽اوهان هڪڙي هڪڙي اکر تي ڏاڙهي مٽائيندا هلو. يا ته پوليس وارو چريو ٿي ڀڄي ويندو، يا اوهان چريا ٿي انڊر گرائونڊ ٿي ويندا. انڊر گرائونڊ ٿيڻ واري کي انڊر گرائونڊر چئبو آهي ۽ هر ڪنهن انڊر گرائونڊرجي کيسن ۾ مختلف قسمن جون ۽ مختلف رنگن جون ڏهه ٻارنهن ڏاڙهيون هر وقت رهنديون آهن. مان ٻڌايان ٿو ته مون لاءِ ماڻهن  جي نظرن کان غائب ٿيڻ ڪڏهنبه مسئلو نه هو، ڇو ته مون تي نظر پوندي ئي ماڻهو پاڻ غائب ٿي ويندا هئا. آهي ڪو ٻيو واهيات سوال ته مان  به ڪو واهيات جواب ڏيان؟“

”اوهان ڪڏهن جيل ويا آهيو؟“

”هي ڪڏهن ڪڏهن ڇا آهي؟ مان ننڍپڻ کان ئي جيل ۾ هوس جو مان ڄائو ئي جيل ۾ هوس ڇو ته بابو جيل ۾ جيلر هو. هاڻي اوهان مان ئي ڪو ٽرڙو ٽرڙائپ ڪندو ته جيلر جو گهر جيل کان ٻاهر هوندو آهي.“

”اوهان جو وقت جيل ۾ ڪيئن گذرندو هو؟“

”اهو ڪيئن ڪيئن وري ڇا آهي؟ وقت ڪيئن گذرندو هو جو سوال ئي ڪونهي. جيل ۾ لکبيون آهن لسٽون.ڪهڙن مون کي جيل ۾ خط لکيا. ڪهڙن کي مون  جيل مان خط لکيا. ڪير جيل ۾ ملڻ آيا. ڪهڙن سان مان ڪورٽن ۾ مليس، ڪهڙا ڪورٽن کان جيل ۽ جيل کان ڪورٽن ڏي ويندي رستن تي مليا، ڪهڙنکيڪاريو، ڪهڙن کنگهڪار ڪئي. ڪهڙن آخ ٿُو ڪئي، ڪهڙا آخ ڪري ٿُو ڪرڻ بدران ڳهي ويا. ڪهڙن مون سان چانههپيتي، ڪهڙن  سان وري مون چانهه پيتي. ڇا پيتم، ڪڏهن کاڌم ڪيڏيمهل کاڌم ۽ ڇو کاڌم. ڇو پيتم ۽ گهڻي لڳي ڪائين تاريخ پيتم، گهڻي لڳي ڪائي تاريخ ڇا ٿيو، ڇو ٿيو ۽ ڇا لاءِ ٿيو. ڪير ياد آيو، ڇو ياد آيو ۽ گهڻي لڳي ڪائين تاريخ ياد آيو. جيل ۾ اهڙيون پنجاهه کن لسٽون تيار ڪبيون آهن. ۽ سڄي جهان ڏانهن خط لکبا آهن ته جيڪي خط چٺيون  مان خط لکان سي سنڀالي رکجو. مان پنهنجي فالتو وقت ۾ ويهي انتظار ڪندو هوس ته مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ٿي عالمي تحريڪ شروع ٿئي ۽ ڪڏهن ٿو ملڪ ٿرٿلي ۾ اچي ۽ ڪڏهن ٿيون جيل جون ڀتيون ڊهن ۽ ڪڏهن ٿاجيل جا دروازا ڀڄن. جيل کان ٻاهر نڪرڻ تي مان حيران ٿيندو هوس ته ڇو ائين نه ٿيو.“

”جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“

”جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پهرين ته مان حيران ٿيندو آهيان ته منهنجي گرفتاريءَ خلاف عالمي تحريڪ ڇو نه هلي، ڇو ملڪ ٿرٿلي ۾ نه آيو، ڇو جيل جون ڀتيون نه ڊٺيون، ۽ ڇو جيل جا دروازا نه ڀڳا. پهرين ته مان ٿيندو آهيان حيران، ۽ پوءِ ٿيندو آهيان پيشمان ته هاءِ ڇو ائين نه ٿيو، ۽ پوءِ ڪندو آهيان افسوس ته هاءِ ڇو ائين نه ٿيو. پوءِ ڪندو آهيان عش عش ته هاءِ ڇو ائين نه ٿيو، ۽ پورو ٿورو هشت هشت ڪري ته ڪمال آهي جو ائين نه ٿيو. پوءِ باقاعدي فل فليجڊ ماتم ڪندو آهيان ته هاءِ گهوڙا ڇو ائين نه ٿيو. لعنت آهي اهڙي گرفتاري تي جو گرفتاريءَ خلاف احتجاج ۾ ٻاهر ڪو جلسو جلوس به نه ٿئي ۽ ڪا ڀت به ڪاري نه ٿئي. سو فل فليجڊ ماتم ڪرڻ کان پوءِ ته گهوڙا ڙي گهوڙا ڇو ائين نه ٿيو مان هڪدم گارگند تي لهي ايندو آهيان ته لعنت آهي جو ائين نه ٿيو. جيڪڏهن قوم پرستي جي معاملي ۾ جيل ويندو آهيان ته ٻاهر نڪري قوم کي پاراتا ڏيندو آهيان. جي سوشلزم جي سلسلي ۾ جيل ويندو آهيان ته ٻاهر نڪري عوام تي ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو آهيان. ۽ جي ڪميونزم جي چڪر ۾ جيل ويندو آهيان ته نڪري مزدورن ۽ ڪڙمين تي مچلندو آهيان. مذهب جي راهه ۾ جيل وڃڻ بس هونئن ئي راههِ نجات آهي جو فصل ان جو بس آخرت ۾ ئي لڻڻو آهي. مذهب جي راهه ۾ جيل وڃڻ مثل آهي بس ان رات جي جنهن کان پوءِ صبح صادق بس اڻٽر آهي. سببان لازم پويان بس ملزوم هئڻ جي ۽ ملزوم جي اڳيان بس لازم هئڻ جي.“

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com