يادن جا جزيرا

                         نياز همايوني 

 

چوڏهين آگسٽ اڻويهه سو ستيتاليهن تي آءُ شڪارپور ۾ هوس، مونکي اها رات اڃان تائين ياد آهي. جڏهين ورهاڱي جي خوشيءَ ۾ ساري شهر ڏياريءَ جو ڏيک پئي ڏنو ۽ ماڻهن جي الڇلان لڳي پئي هئي.

تماشائين وانگي گھمندي ڦرندي لکي در کان ٿي جماڻي هال وٽ آيس ته اچانڪ منهنجون نگاهون انهن بتين ڏانهن کڄي ويون جن جي هيٺان اوندهه وراڪا پئي ڏنا. مسلم ليگ جي سياست جا پرڪار ته اڳئي پڌرا هئا، انڪري اها پرولي سليندي ڪا اچرج نه ٿيم، البت سنڌي مسلمانن جي حال تي رحم اچي ويو، جن کان پاڪستان جي عشق ۾ سنڌ وسري چڪي هئي.

ويچارن جي وهڪري ۾ اڳتي وڌيس ته برباد ٿيل لائبريريءَ وٽ ٻه ملسم ليگي رضاڪار ملي ويا، هنن کي خبر هئي ته مان ڪانگريس جو حامي هوس، سو جئين مون کي ڏٺائون ته ٽوڪن ۽ ٽهڪڙن ۾ پئجي ويا. اوڏيءَ مهل ائين پئي محسوس ڪيم ڄڻ ڪتابن جي قبرستان ۾ پهچي ويو آهيان ۽ اهي ٻئي منڪر نڪير جي صورت ۾ نروار ٿيا آهن.

هڪڙي پڇيو: پاڪستان ٺهي ويو، هاڻ توهان جو ڇا ٿيندو، هتي رهڻ جو ارادو آهي يا............؟

منهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ پيو چوڻ لڳو: برابر هنن ويچارن سان ته نسورو ناحق ٿي ويو.

مون چيو: ترسو! حق ناحق جو پتو تڏهن پوندو، جڏهن سنڌي هندن جون جايون ٻاهريان ماڻهو والاريندا ۽ توهان جو وٽي تي نالو به نه هوندو، اڃا ته ڳالهه اڌ ۾ آهي.

هڪڙي چيو؛ مسلمان مڙئي پاڻ ۾ ڀائر آهن.

ٻئي ڊاڙ هنئي: اسان به مڙس ماڻهو آهيون.

مون چيو: برابر، هيلتائين اوهان نه علم ڏانهن پورو ڌيان ڏنو، نه وري ڪنهن ڌنڌي جو خيال ڪيو، اها قوم جنهن وٽ ڪابه تعليم يا ڪو هنر نه آهي، سا آئيندي جيڪا سورهيائي ڏيکاريندي تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

هڪڙي چيو؛ افسوس! تون اڃا ڪافر آهين.

ٻيو چوڻ لڳو: ميان هيڏين قربانين کان پوءِ مسلمان ملڪ ورتو آهي، اڃا به تون ايمان نٿو آڻين. مونکي قربانيءَ لفظ تي کِل اچي ويئي ۽ کين وراڻي ڏنم ته مولانا آزاد چواڻي؛ مُسلم ليگ جا اڳواڻ رڳو اسلام جي نالي نعرا هڻي ڄاڻن ۽ وقت اچڻ تي عمل کان مُنهن موڙڻ سندن ڪرڻو آهي، توهان ٻڌايو ته ليگي ليڊرن ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن؟

مون چيو اها ته اوهان جي ٽريننگ هئي، جنهن ۾ سڀ ڪنهن کي اهو سيکاريو پئي ويو ته الله اڪبر جا نعرا هڻي مفت جا مال ڪئين هٿ ڪيا وڃن. ائين ڪندي چار پنجابي پوليس وارا فوجداري روڊ تان لنگھيا ۽ رضاڪارن انهن کي ڏسي پاڪستان زنده باد جو نعرو هنيو!

مون ڪتابن جي قبرستان يعني برباد ٿيل لائبريريءَ جي سنڌي بورڊ ڏانهن نهاريو، جو ڦاسيءَ تي لڙڪيل لاش وانگي سانت ۾ هو. ٿڌو شوڪارو ڀري صدر ڏانهن روانو ٿيس.

هندن جي لڏپلاڻ شروع هئي، مسلمانن انهن جي ملڪيتن ۾ هٿ ڳنڍي جاوا ڪرڻ لڳا، صبح کان شام تائين پراوا ٻوهر ڍوئي هر ڪنهن کڻي گھر ڀريا، اک ڇنڀ ۾ جهوپڙين جا رهاڪو وڃي محلاتن جا مالڪ ٿيا. بس پوءِ ته بورچيخاني کان وٺي ڪاڪوس تائين پئي پڙتال هلي. انهيءَ لالچ ۾، ته متان ڪا ميراث رهجي وئي هجي. شهرين هڻي ماري دنگ ڪيو ته ٻاهراڙين وارا اچي ٽُٽا. شودن سان گڏ شريف به ميدان ۾ لهي آيا. آخر حالت وڃي اها ٿي، جو ڀريا تڙيا ڀاڻُ ڀڙڀانگ ٿي ويا.

منهنجو دوست محمد صالح عاجز ڪراچيءَ ۾ رهندو هو. مون کي خط لکيائين ته ڪئين به ڪري هتي پهچي وڃ. اڪيلائيءَ اداس ڪري ڇڏيو هو. تنهن ڪري اجڙيل شڪارپور کي الوداع چئي ڪوچ ڪيم. واٽ تي جيڪا به اسٽيشن ٿي آئي تنهن تي پناهگير سٿيا پيا هئا. زالون برقعن ۽ چادرن جا تنبو ٺاهي انهن جي ڇانوَ ۾ ويٺيون هيون. ٻارن جو ڄڻ ڪو اوهي واهي ڪونه هيو. مرد آئي وئي کي پنهنجي مظلوميت جا نقلي داستان ٻڌائي، اوڇنگارن ۾ پئجي ٿي ويا، ڪِن پئي چيو ته اسان جي منهن تي ڪافرن، اسان جي مائن ڀينرن جون عصمتون لُٽيون آهن. ڪن وٽ اها پچار ته اسان اُتي نواب هياسي، هتي اچي منگتا ٿي ويا آهيون، ته ڪن اگھاڙو پيٽ ڏيکاري پاڪستان جي قربانين جا ڪيترن پئي ڳايا.

مون هڪڙي هندستانيءَ کان پُڇيو: جاءِ ۽ جوءِ مڙس ته ڪون ڇڏيندا آهن. اوهان جيڪڏهن واقعي اهڙا بهادر آهيو ته واپس وڃي پنهنجا حق ورايو. اسلام ته غازي يا شهيد ٿيڻ جو سبق ڏنو آهي، ڀاڄوڪڙ ٿيڻ اوهان لاءِ مناسب نه هيو. هن کان ته ڪو جواب نه پڳو، پر منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ سنڌي مسلمان خاموش نه رهي سگھيو. مون کي چيائين، تون مسلمانن جي توهين ڪري رهيو آهين.

مون چيو: تو شايد اعرابيءَ جي اٺ جو قصو ڪونه پڙهيو آهي. جواب ڏيڻ جي بدران پريان ايندڙ ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائين. مون ڏٺو ته ديڳين پُٺيان ديڳيون اچي رهيون هيون. وڏيرن مُڇ ڪڪڙي ڪري اوسي پاسي اکيون سيڪي پئي لامارا ڏنا ته ننڍيرا ڀت ورهائڻ ۾ رُڌل هئا ۽ ڪامورا چندو ڪيل ڪپڙا کنيو پئي رُليا، جتي ڪا سلوڻي صورت پئي ڏٺائون ، اُتي حاتم طائي فلم جو پارٽ پئي ادا ڪيائون.
اها آهي مسلماني! مون پاسي ۾ ويٺل سنڌيءَ مسلمان ڏانهن منهن ورائي چيو. هن وراڻيو بابا وڏيرن ۽ ڪامورن جي ڳالهه کي ڇڏي ڏي، اهي هميشه ائين هوندا آهن.

مون چيو اهيئي ته اڇي ڪاري جا ملڪ آهن، تو پارن کي رڳو اسلام جي نالي بيوقوف بنايو پيو وڃي ۽ اڄ جيڪي بلائون اسان تي نازل ٿي رهيون آهن. تن کي هيڪر هتي پير کوڙڻ ڏي پوءِ ڏسجانءِ ته اسان ڪئين ٿا اعرابيءَ وانگي.........

پر توکي اعرابيءَ جي ڇو لڳي آهي. اها صحيح حديث ناهي. هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي مون تي پنهنجي عالم هئڻ جو رعب ويهاريو.
مون چيو هيءَ حقيقت آهي ته سڀاڻي کان پوءِ وڏيرو ۽ ڪامورو ٻئي پاڻ ۾ ملي سنڌ کي پناهگيرن جي حوالي ڪندا.

هن چيو: اها خام خيالي آهي. مسلمان ڪڏهن به ٻئي مسلمان کي دوکو ڏيئي نٿو سگھي.

مان خاموش ٿي ويس

سنڌي مسلمانن جي ساڃهه تي پوچي ڦري وئي هئي. نوڪرين تي اڳ ۾ هندن سان گڏ پنجابين جو به قبضو هو. شهرن کان ٻهراڙين تائين جيڪي به ڌنڌا ڌاڙي هئا، تن تي به هندن جي ڌاڪ هئي. هتي جا مسلمان رڳو ميلن ملاکڙن، چورين، ڌاڙن ۽ هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ پورا هئا. جن مان هڪ طرف وڏيرن خوب فائدو ورتو ته ٻئي پاسي ٻاهريان ڪامورا جاوا ڪري رهيا هئا.

سنڌ جي سياست فقط اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون صرف پئي ڪيون، ڪنهن کي به تعليم يا تعميري ڳالهين جو فڪر ڪونه هو.

ڪراچيءَ ۾ پهتس ته هر شيءَ اجنبي بڻجي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن مان ۽ محمد صالح گڏجي سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر کهڙي جي تقرير ٻڌڻ وياسين. جنهن هندن کي لڏپلاڻ کان باز اچڻ لاءِ زور پئي ڀريو ۽ کين حفاظت ڏيڻ جي ضمانت پئي پيش ڪئي. مون مُرڪندي محمد صالح ڏانهن نهاريو، هن کِلي پارسي شعر پڙهيو.

اي باد صبا اين همه آورده است!
(باد صبا! هي مڙئي تنهنجي ڀلائي آهي!)

وقت گذرندو رهيو، سنڌ جا سياستدان وزارتن جي چڪر ۾ سنڌ کي تين وال ڪندا رهيا ته، عوام وري مذهب جي نشيءَ ۾ پِنڪيون کائيندو رهيو.

هيڏانهن جناح صاحب ڪراچيءَ سنڌ کان ڌار ڪئي ته، هوڏانهن لياقت علي خان سڄي سيڪريٽريٽ تي ڌاڪو ڄمائي، ٻاهران آيل قافلن جي قسمت چمڪائي ڇڏي. اسان اهيئي رُڃ وانگر رڙندا رهياسي:

سنڌ سنڌين لاءِ آهي ۽ نه ٻيو حقدار آهه!

سياڻن اڳي پئي سوچيو ته سنڌ مان ويندڙ ڏهن لکن هندن جي بجاءِ ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو جيڪو وڌندڙ انداز ڏينهون ڏينهن ڪارونڀار ٿي سنڌ تي ڪڙڪي رهيو آهي، سو پڇاڙي هڻي وڃي هنڌ ڪندو، پر انهيءَ سوچ وارن کي هر ڪنهن ڪافر ۽ ڪانگريسي ڇاڙتو پئي ڪوٺيو!

هوريان ڏاڍيان اهي قافلا سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٽِڙندا پکڙندا ويا، ڪٿي ڪامورا ته ڪٿي سنڌي وڏيرا لٺ کڻي اچي سنڌي مسلمانن جي پٺـيان پيا. مٿان حڪومت جي ڊپ ته هيٺان هنن جو دٻاءُ! سنڌ جو عوام سرنهن جيئان گھاڻي ۾ پيڙجڻ لڳو. ڪن ته پهرين سَٽ ۾ هندن جي ملڪيتن تان سوس پليو، ڪي وري ڪيسن ۽ ڪورٽن جي آئيءَ ۾ اچي ويا.

ملسم ليگ سانڊي وانگر رنگ بدلائيندي رهي. پهريائين ڪشمير جو مسئلو ته پويان هندستان سان جنگ جو نعرو، وچ ۾ جهوناڳڙهه پيو گھر ويٺي کٽيا کائي. ڪراچي سنڌ جي موڙي، گهمريون ڏئي وڏيري جي سريت وانگي ٻين سان سنمک ٿيندي رهي ته سنڌ جو وڏيرو پنجاب جا مجرا ڀرڻ لڳو. ڇا منجھان ڇا ٿي ويو!

سنڌي مسلمانن کي، مسلم ليگ هندن جي ملڪيتن ڦٻائڻ جا آسرا ڏئي پنهنجي ليڊري ته چمڪائي، پر هنن ۾ ڪوبه سياسي ۽ سماجي شعور پيدا نه ڪيو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي تعليم ۾ پوئتي پوندا ويا ۽ دنياداريءَ کان بلڪل غافل رهيا. ايتري تائين جو ڪانگريسي ورڪر جڏهن جڏهن ٻهراڙين ۾ وڃي انهن کي سڌارڻ جي ڪوششن ڪندا هيا ته هي کين ڪافر ڪوٺي ساڻن وڙهڻ پيا ايندا هئا.

پاڪستان ٿيڻ کان ڪجھه عرصو پوءِ سنڌين ٿاٻا ڌڪا کائي تعيلم ۽ ٻين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏنو ته نوڪرين جي گنجائش ڪانه رهي ۽ ڌنڌا ڌارين جي قبضي ۾ اچي چڪا هئا. بکيو ماڻهو خدا سان لڙي پوندو آهي. سنڌين تحريڪون هلايون، هلنديون رهيون، آواز اٿاريائون، اٿندو رهيو، ڪراچي وئي ته سنڌ به ون يونٽ جي ڏاگهه چڙهي. سنڌين اک پٽي ته ايوب خان وڏيرن کي سبزباغ ۽ ڪالاباغ ڏيکارڻ شروع ڪيا. وزارتن جي لائين لڳي وئي، عوام اهو ئي اوڙاهه ۾ پوندو رهيو ۽ نيلام جي مال تي ووٽ جي ورکا ڪندو رهيو. نيٺ ايوب خان کي اچي گھر مان، پاڻ ته انگريزن وانگي ٽپڙ گول ڪري ويو پر پويان حالتون ساڳيون رهيون.

ملسم ليگ، جو پنهنجو جنازو نڪرندي ڏٺو، ته جان عالم جي طوطي وانگي ٻئي جسم ۾ حلول ڪري وئي، وري اهيئي لاٽون اهيئي چگهه!

سازشون هلنديون رهيون، حالتون بگڙنديون ويون. هڪڙن جا حق ماربا رهيا ته ٻين جا گھر ڀربا رهيا، انت پاڪستان جي چيلهه ڀڄي پئي! وقت پاسا بدلايا، پر سنڌي اُهيئي آرس ۾!! هڪ طرف سرمايه داري نظام پنهنجي بچاءَ ۾ غير سنڌين کي ورسائي سنڌين خلاف مضبوط ڪيو ته ٻئي پاسي خود سنڌي جاگيرداري نظام جي نقاليءَ ۾ پنهنجو شعور ۽ شرم وڃائي پنهنجن کي دغا ڏئي ويا. مسلم ليگ جو طوطو سنڌ مان اڏري وڃي پنجاب جي پڃري ۾ پيو. سنڌ جو چچريل وکر وڻن ۾ ئي ڌپ هڻي، ڪنو ٿي ڀڳڙن مُٺ تي وڪامي ويو.

پنهنجي قسمت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! بنگال جا ماڪوڙن جهڙا ماڻهو اٿنديئي جبلن کي جھڪائي ويا، پختونستان جا نسواري پٺاڻ به سرها ٿي پيا ته بلوچستان جي چرين کي به مت اچي وئي، پر ............. پنهنجا سنڌي! سڄاڻ سنڌي ۽ بهادر سنڌي اڃا تائين مجبور ۽ بيوس آهن.

پر سال شڪارپور ويس، شام جو چڪر ڏيندي جماڻي هال جي سامهون آيس، ته اهي ئي بتيون اکين اڳيان اچي ويون، جيڪي آگسٽ اڻويهه سئو ستيتاليهن ۾ ڏٺيون هئم. جن جي هيٺان اها ئي اوندهه وراڪا ڏيئي رهي هئي ائين پيو سمجهان ڄڻ انهيءَ اوندهه تي به ڪنهن سنڌيءَ جو پاڇو پيل آهي!

ڪنهن پُڇيو: خير ته آهي، روشني ڇڏي اوندهه ۾ ڇا پيو نهارين؟

مون وراڻيو: مسلم جي سياست ۽ سنڌين جي جهالت، جي ٻئي اڃا اتيئي آهن جتي ڪنهن ڇڏيون هيون.
 

_(ماهوار امرتا ڊسمبر 2006ع مان ورتل)


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com