|
|
سنڌ جي سياست تبديلي جي تلاش ۾!! ـــــــــــ مير اشفاق احمد ٽالپر ملڪ توڙي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار ۽ اختيار تي بظاهر مضبوط گرفت رکندڙ حڪومت پنهنجي مدت جو سال ڏيڍ خيرن سان اچي پورو ڪيو آهي. سنڌ جي عوام جنهن اليڪشن يا ووٽن وقت وڏيون اميديون وابسطه رکيون هيون ته پيپلز پارٽي کي ملندڙ يقيني ڪاميابي سان سندن تڪليفن ۽ اهنجن ۾ ڪجھه ٺاپر اچي سگھندي ۽ اُن وقت سنڌ جي ماڻهن جي خوشيءَ جا جذبات به ڏسڻ وٽان هئا جڏهن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ مان واضح اڪثريت سان چونڊ کٽي ۽ ملڪي ليول تي واحد اڪثريتي پارٽي طور اُڀري آئي. سنڌ جا ماڻهو اڃان انهي خوشيءَ ۾ ئي مگن هئا ته سندن اميدن تي پهريون راتاهو اهو هنيو ويو ته جنرل مشرف جي غير قانوني حڪمراني جي دور ۾ سندس جو ساٿ ڏيندڙ ڌُر ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ اهم حصيدار ڪري کنيو ويو، حالانڪه سنڌ مان اڪثريتي ووٽ کڻڻ تي پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هئي پر ان هوندي به مصلحتن آڏو مجبور ٿيندي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو ويو جيڪو فيصلو ڪنهن به ريت سنڌ جي عوام جي دلين وٽان نه هو. پيپلز پارٽي جي اهڙي فيصلي کان پوءِ اهو ڪنهن حد تائين واضح ٿي چڪو هو ته سندس حڪمراني جي مدت ۾ سنڌ کي ڪو ورلي سُک جو ساهه کڻڻ نصيب ۾ ملندو. ٿيو به ائين اڄ به سنڌ ۾ اهي ئي ماضي جيان انصاف جي لاءِ دانهون آهن اُهي ئي ماڻهن جا پاڻي جي لاءِ احتجاج آهن، سنڌ جا نوجوان اڄ به بيروزگاري جي وڌندڙ راڪاس جو کاڄ بنجي رهيا آهن. ماڻهو اڄ به ائين ئي پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن جهڙي طرح اهي اڳ ڪندا رهيا آهن. انتظامي حوالي سان سنڌ جو ماڻهو اڄ به پنهنجي صوبي ۾ وارثي جي احساس ۾ ناهي اچي سگھيو. حيدرآباد بورڊ ۾ ٿيل لساني بنياد جي ڀرتين، ڪراچي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ اندرونِ سنڌ جي شاگردن جي منع ٿيل داخلا ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جهِڙا ۽ ان نوعيت جا ٻيا ڪيترائي مسئلا اڄ به ائين ئي موجود آهن جهڙي طرح اڳ جنرل مشرف ۽ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ موجود هيا. نه سنڌ جي ماڻهن جا صوبائي ليول تي ڪي مسئلا حل ٿيا آهن ۽ نه ئي وري وفاقي ليول تي پاڻي، بجلي ۽ ناڻي ۾ حق جهڙن مسئلن ۾ نا انصافين جو ڪو سلسلو رڪيو آهي مرڳو حالتن جي انتها اها آهي ته اسان جي اقتداري ايوانن ۾ نمائيندگي اڪثريت سان غير سنڌين جي حوالي ڪئي ويئي آهي سنڌ جي 22 ميمبرن واري سينٽ جي نمائيندگي مان سنڌيءَ ڳالهائيندڙ صرف 7 ڄڻا آهن جڏهن باقي 13 ڄڻا غير سنڌيءَ آهن جڏهن چونڊيل نمائندن جو تعلق ان ڌرتي سان نه هوندو ۽ اتي جي ماڻهن سان ئي انهن جو لاڳاپو يا تعلق ئي نه هوندو ته اهي ڪهڙي طرح اتي جي مسئلن کي حل ڪري سگھندا ۽ ڪهڙي طرح ماڻهن جي تڪليفن ۽ اهنجن کي سمجھي سگھندا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن سان تعلق ۽ رابطي جو اهم ذريعو هم وطن ۽ هم زبان هئڻ ئي آهي. جهڙي طرح ڪنهن ڊاڪٽر جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو بيماري جي بهتر ۽ ڪامياب علاج جي لاءِ مرض جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ ان جي پيدا ٿيڻ جي سببن کان واقفيت رکندڙ هجي ته اهڙي طرح معاشرتي ۽ سماجي مسئلن جي حل جي ذميوار ميمبر جي لاءِ به ضروي آهي ته هو ان علائقي جو رهواسي هجي اتي جي مقامي رسم و رواجن مان واقفيت رکندڙ هجي ته جئين اُتي جي مسئلن کي بهتر نموني ڄاڻي سگھي ۽ ان علائقي جي بهتر نمائندگي جو حق ادا ڪري سگھي پر هتي ته گنگا ئي اُبتي لڳي پئي آهي هڪ ته سنڌي ميمبرن جي مسئلن کان ئي ڪن لاٽار لڳي پيئي آهي ٻيو ته جيڪڏهن وري به ڪو علائقي جو ئي ميمبر آهي ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن واسطي سان اُن تائين پهچيو به وڃن پر هاڻ ته مورڳو اهڙن کي سنڌ مان ميمبر ۽ سينيٽر چونڊيو پيو وڃي جيڪي اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ شايد وري ڪي ڀُلجي سنڌ ڏانهن اچڻ جي زحمت به گوارا ڪن ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪوبه تڪ ناهي ۽ نه ئي انهن جي سياست جو ڪو بڻ بنياد آهي ائين پيو محسوس ٿئي ته هڪ جمهوريت جي دعويدار حڪومت اچڻ جي باوجود سنڌ جي لاءِ ڄڻ پرويز مشرف ۽ ارباب غلام رحيم واري دور ويو ئي ناهي پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي عوام کي اليڪشن جي موٽ ۾ ڇا مليو آهي؟ ايوان صدر ۾ هڪ سنڌي جي پهچڻ تي سنڌ کي ڪهرو رليف مليو آهي؟ 18 فيبروري تي جيڪو ووٽ انهن کان ”جمهوريت هڪ بهترين انتقام آهي“ جي تحت ورتو ويو ان ووٽ جي پلئه ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڇا نصيب ۾ آيو آهي؟ اڄ جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سال ڏيڍ اچي ٿيو آهي تڏهن سنڌ جي ماڻهن وٽ حساب ڪتاب ۽ ليکي چوڪي مهل پنهنجي پاڻ کان پُڇيل ان سوال جي جواب ۾ صرف ٻيڻا ٿي ويل سور ئي بچن ٿا. سنڌ جي ماڻهن يقينن وڏيون اميديون رکيون هيون، نظام جي تبديلي جي نعرن سان کائن ووٽ ورتا ويا هئا ۽ اڄ صرف چهرن ۽ نالي جي تبديليءَ سان سنڌ جي عوام سان دوکو ٿي رهيو آهي. سال ڏيڍ جي ان ڪارگذاري کي ڏسندي باقي حڪمراني جي عرصي لاءِ به ڪا اميد جي ڪرن نظر نٿي اچي، هوئن به ته سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ”جنهن اُڀرندي سوجهرو نه ڪيو سو لهندي ڇا ڪندو“ پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي معاملن ۽ مسئلن تي به مصلحتن جو شڪار نظر اچي ٿي. جنهن جو تازو مثال اهو آهي ته جڏهن سنڌ ۾ سوات جي پناهگيرن جي آمد تي سڄي سنڌ ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل هئي ته تڏهن وري پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي قيادت ۽ سنڌ حڪومت انهن پناهگيرن جي آجيان لاءِ وڏي واڪي اعلان ڪري رهي هئي ۽ انهي تي سنڌ جي قومپرست حلقن جنن سان ماضي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي اشوز تي گڏ جدوجھد به ڪندي رهي آهي. تن جڏهن انهن معاملن تي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت طاقت ۽ تشدد سان ان احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مقصد ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام ۾ وڇوٽين جو جيڪو آغاز حڪومت جي جوڙجڪ جي مرحلن کان شروع ٿيو هو تنهن ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو ۽ هاڻ. سنڌ ۾ انهي سوال تي نهايت ئي سنجيندگي سان سوچيو پيو وڃي ته جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن سان خود کي نٿي سلهاڙي ته پوءِ ان جو متبادل ڇو نه تلاش ڪجي؟ سنڌ جي سياست هن وقت متبادل جي تلاش لاءِ متحرڪ ٿي چڪي آهي ۽ اهو هڪ فطرتي عمل آهي جيڪو اميدين جي موٽ ۾ مايوسين ملڻ کان پوءِ پاڻ مرادو شروع ٿي ويندو آهي. مسلسل هڪ طريقي سان ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي نصيب ٿيڻ تي انساني ذهن پاڻمرادو انهي ڪم جي ڪنهن ٻئي ممڪن طريقي جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪري ڏيندو آهي سو سنڌ جي سماج ۾ به فطرت جو اهو اصول سرگرم ٿي رهيو آهي. باربار جي ووٽن ڏيئڻ جي باوجود پيپلز پارٽي پاران ملندڙ مايوسين ماڻهن کي هاڻ ڪنهن ٻي متبادل جي لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو متبادل ڪٿان اچي؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪرندڙ ساک کي ڏسي هڪ دفعو ٻيهر ڪجهه اقتداري وڏيرا ۽ موقعه پرست سياستدان جنن پنهنجي اقتدار ۾ هئڻ دوران ڪڏهن به سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن جي پچار ڪرڻ به گوارا نه ڪئي سي سنڌ نيشنل الائنس جي طرز تي ڪو نئون اتحاد ٺاهڻ جي لاءِ سرگرم ٿيڻ جون ڪوشسون ڪري رهيا آهن. پر پنهنجي سياسي واڳ جو وارث ڳولڻ جي لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي هن وقت هوشياري کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇوته 21 صدي جي هن دور ۾ سنڌ هڪ نهايت ئي نازڪ دور مان گذري رهي آهي جتي سنڌ جي وجود سان سنجيده چئلينج درپيش آهن ته اُتي وري سنڌ جي شاهه رڳ سمجھي ويندڙ سنڌو درياءَ جي بقا تي به سواليه نشان اچي چڪا آهن ان نازڪ دور جي تقاضا آهي ته سنڌ جي سياسي واڳ اهڙي قيادت جي هٿ ۾ هجي جيڪا سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي حاڪميت اعليٰ کي تسليم ڪندڙ هجي. اها سنڌ جي قيادت سنڌ جي قومي تقاضن کي سمجھندڙ قومي شعور رکندڙ ۽ سنڌ جي لاءِ سنڌو دريا جي اهميت کان واقفيت رکندڙ هئڻ ضروري آهي سنڌ جي ماڻهن گذريل 60 سالن کان وفاق پرست سياستدانن جي حڪمراني کي آزمايو آهي جنن سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي سندن مسئلن ۽ مشڪلاتن کان لاتعلق بنجي سدائين اسلام آباد جي، جي حضوري ۾ ئي پنهنجي اقتدار جا ڏينهن پورا ڪيا آهن اهڙن سياستدانن جي اهڙي رويي اڄ سنڌي سماج کي نهايت ئي پسماندگي واري صورتحال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي نتيجن ٻين ڳالهين کي ڇڏجي رڳو بنيادي ضرورتن وارين سهولتن کي ڏسجي ته تڏهن به اسان وٽ بنيادي ضرورت وارين سهولتن تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روڊ رستي ۽ بجلي انتهائي ابتر صورتحال ۾ آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ بهتر مستقبل اڄ به هڪ خواب مثل ئي آهي. سنڌ جيڪا هوئن ته وفاق کي اربين روپيه تيل، گئس ۽ ٽئڪس جي صورت ۾ ڪمائي ڏئي ٿي پر موٽ ۾ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن جي اها رپورٽ ئي ڪافي آهي ته ”سنڌ ورهاڱي کان پوءِ شديد غربت جو شڪار آهي ۽ اُتي جي ماڻهو جو معيار زندگي گھڻو گھٽجي ويو آهي. في ڪس آمدني ۾ واڌارو اچڻ جي بجاءِ گھٽتائي آئي آهي“ سنڌ ۾ اهڙي صورتحال ان ڪري جنم ورتو آهي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ نٿا ڪيا وڃن سنڌ جي وسيلن مان اسلام آباد ۽ لاهور ۾ موٽر وي ته ٺهي سگھن ٿا پر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال جي لاءِ بلڊنگ نٿي ٺهي سگھي. هڪ ته وسيلن جي ڦرمار ٿيندي رهي آهي ٻيو ته اسان جنن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان چونڊي پنهنجو چڱومڙس ڪري ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليون ٿا سي اُتي پهچڻ کان پوءِ اسان جي مسئلن بابت نشاندهي ڪرڻ يا آواز اُٿارڻ کان نابري واريندا رهيا آهن. سنڌي ميمبرن جي انهي لاتعلقي واري روش سنڌ جي سماج کي مسئلن جي گھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان سنڌين جو حال به عجيب آهي هڪ ته سدائين غير نمائنده حڪومت سان پالو پوندو رهيو آهي جنن سدائين سنڌ جي مفادن تي لت هنئي آهي ٻيو ته جڏهن پارليامينٽ ۾ ڪي سنڌي چونڊجي پهچن ٿا سي به سنڌ جي مفادن ۾ ڪي اکر ڪڇڻ کان لاچار آهن. پارليامينٽ ۾ لساني طور تي اي اين پي پٺاڻن جي جڏهن متحده قومي موومينٽ مهاجر ووٽرن جي مفادن جي سپورٽ ڪنديون ۽ انهن جي فائدي جي لاءِ سرگرم رهن ٿيون جڏهن ان حوالي سان سنڌي بلڪل لاوارث بڻيل آهن قومي هم آهنگي ۽ قومي مفاد جي نالي تي سنڌي وڏيرو سنڌ جي مفادن جي ڪهڙي به ڀينگ ٿئي سدائين خاموشي جي روزي سان ئي رهيو آهي. ڪير به سنڌ جي مفادن خاطر سوچڻ جي لاءِ تيار نه آهي. شايد اهڙن ئي وطن وساريندڙ ڪردارن جي نالي ڀٽائي سرڪار هي بيت چيو هو
سڄڻ ۽ ساڻيهه
ڪنهن اڻاسيءَ وسري
سنڌ هميشه مسئلن
کان ڪن لاٽار واري ان وڏيرڪي روش واري سياست ۾ وڃايو ۽ لٽايو آهي. قطع نظر ان جي ته
وڏيري جو تعلق ڪهڙي پارٽي سان آهي هو چاهي پيپلز پارٽي جو هجي يا مسلم ليگ جو
بنيادي طور تي هو وري به هڪ ئي ذهنيت جي پيداوار هوندا آهن کين ڌرتي ۽ قوم کان وڌيڪ
فڪر پنهنجي اقتدار جي حصول جي ۽ ان جي بقا جي هوندي آهي. باقي ٻه چار سفارشي ماڻهن
کي نوڪريون ڏيئي اسان جا وڏيري ٽائيپ ليڊر عوام کي وڏي واڪي ٻڌائيندا آهن ته اسان
غريبن کي روزگار ڏيئي رهيا آهيون. هن وقت حالت اها آهي جو صوبي جي عوام ته هئن
بگھڙن وات آهي پر خود پيپلز پارٽي ۾ عهدا رکندڙ به پارٽي حڪومت جي ڪارگذاري تي ڪاوڙ
۾ آهن. وزير ڪٿي کلي ڪچهري ڪن ٿا ته عام ماڻهو کان وڌيڪ دانهون پارٽي جي ماڻهن جون
ٻڌڻ ۾ اينديون آهن جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ ۾ هيٺئين ليول
تي ڪجھه وجود رکي ٿي ان جو حڪومت ۾ اچي پنهنجي ورڪرز کي وساري ڇڏڻ ڪارڪنن کي دانهون
ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. |
|
|