اي ڪاش اهو تُون ڄاڻين ها

ماڻڪ ملاح

    سنڌ جي جديد دؤر جي ترقي پسند شاعريءَ جي بانيڪار ڪشنچند بيوس، کانپوءِ سنڌ، سنڌي شاعريءَ جي اِن ترقي پسند سُجاڳي کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ، ٻن مُهان شاعرن ”نارائڻ شيام“ ۽ ”شيخ اياز“ کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو.

    نارائڻ شيام ته سنڌ جي سنڌي هندن جيان مذهبي ڪٽرپڻي جو زهريلو پيالو ڳڙڪائي ورتو. شيام کي پنهنجي ديس جي وڇوڙي، ورهاڱي جي درد ۽ مذهبي جنونيت جي تيز خنجر سان سنڌي قوم کي گدري ڦار جيان ٻه اڌ ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇِني جلاوطن ڪيو ويو. ۽ پوءِ هُو دهليءَ ۾ جلاوطني جا ڏينهن ڳڻيندي، ڀٽائي جي ڀُونٰءِ لاءِ لُڇندو ۽ تڙپندو رهيو. راتيون جاڳي گھر جي ڇِت تي ليٽي، آسمان ۾ تارن کي تڪي، خيالن جي کنوڻين ۽ سوچن جي انڊلٺ سان، من ئي من ۾ سنڌؤ جي وهڪري جا عڪس ۽ سنڌ جي نقشي جا اُهڃاڻ جوڙيندو، پاڻ اوچتو ديهانت ڪري اسان سڀني کان تمام دور دور هليو ويو. شيام سنڌ ۽ سنڌين سان ٻيهر ملڻ ۽ ڏسڻ لاءِ راتيون جاڳي ڇا سوچيندو هو، اُها تڙپ هن شعر ۾ موجود آهي.

اَلائي ڪهڙي گھڙي اُن مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿيو.

    سنڌي ٻولي جو مهان قومي شاعر شيخ اياز به شيام جيان راتيون جاڳي سنڌ دُک درد تي لکندو آهي ۽ هن ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ تڙپندو آهي.

    اياز  پنهنجي هم اثر شاعر نارائڻ شيام جي ديهانت تي خاص ”سُر نارائڻ شيام“ لکيو. سندس ان پيڙا ۽ وياڪلتا ۾ اسان کي ڳوڙهن جون ڳانيون ۽ نارائڻ سان جيئري ته ڇا، پر ديهانت تي به نه ملي سگھڻ ڪري جيڪي اندر مچ مچيا ۽ سِڪ جا ٻنڀ ٻريا، سي يادن جا چِٽا عڪس ۽ اُهڃاڻن سان پوئيل بيت آهن، جن ۾ سنڌيت آهي، سنڌ جي سُنڌرتا آهي. اياز چوي ٿو:

تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون
سنڌؤ اٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گھڻيون


لُڏي پئي لام، اُڏري ڏور هليو وئين،
ڪٿي ملبو شيام، پکيئڙا پرڏيھ جا

    هنن ٻنهي مهان شاعرن، هڪ ٻئي جي شاعراڻي مرتبي ۽ فڪري دين کي مڃيو آهي. اياز لاءِ شيام چوي ٿو:

”آهي شعر ”اياز“ جو، پونم اوجل رات“

۽ اياز وري نارائڻ شيام لاءِ هينئن ٿو چويۡ:

”هوڪو تاجوڪاڪ ڌڻي، پر منهنجا رنگ رتول به ساڳيا“

    شيخ اياز، راتيون جاڳي، سنڌي ٻوليءَ جي جھول ۾، جيڪي ڏات جا ڦول نِکاري، جيڪا ادبي لاٽ ٻاري آهي، اُن اوجاڳي ۽ جاڳ جي پرک سندس هيءَ لکڻي آهي:
    رات جو چار لڳا آهن، منهنجي ننڍڙي ڌيءَ ننڊ مان ڪَر موڙي پاڻي پيئڻ لاءِ اُٿي آهي، ۽ مون کي لِکندو ڏسي چوي ٿي، ”بابا، اڃا، تائين ڇو ٿو لکين؟ بَتي ٻاري اسان جي ننڊ ڦِٽائي اٿئي“، هن کي ڪهڙي خبر ته هن جو بابا بتي ٻاري سڄي سنڌ جي پُوري نئين نسل جي ننڊ ڦِٽائي آهي.

    سنڌي ٻوليءَ جو نقاد ۽ شاعر سائين تاج جويو، هنن ٻنهي مهان شاعرن بابت لکي ٿو ته شاعريءَ جا هيءُ ٻئي سڀاءُ ٻئي رخ فطري آهن. اياز جي شاعريءَ ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ جون اڙبنگايون ۽ ارڏايون، آزاديءَ جون ويڙهون ۽ للڪارون، پوري جوش، جذبي، جلال ۽ ولولي سان موجود ڏسڻ ۾ اينديون، ته نارائڻ شيام جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو فلسفياڻو، ماٺيڻو ۽ پريم وارو مزاج جھلڪا ڏيندو نظر ايندو. سنڌ جا ماڻهو ـــ سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي تاريخ انهن ٻنهي مزاجن ۽ ڌارائڻ جو حَسين سنگم آهي. ساڳيءَ طرح اياز ۽ شيام جي شاعريءَ جو رنگ ۽ رُوپ به سنڌ جي تاريخ جو سڀاءُ، رنگ ۽ روپ آهي.“

    سنڌ جي وڏي نقاد ۽ شاعر ”سڳن آهوجا بيوس کي سنڌ جي جديد شاعرن جو باني ۽ شيخ اياز کي جديد سنڌي شاعري جو باني ڪري سڏيو آهي.

    اياز جي شاعري سچ جو فلسفو آهي، سچل واري نعري اناالحق جو پڙاڏو آهي، سونهن *۽ سوڀيا جو هڪ گُلدستو آهي، جنهن مان سنڌ جي ساهت ۽ سڀيتا جو سڀاءٌ *۽ سُرهاڻ ملي ٿي.    اياز جي شاعري انهن ماڻهن لاءِسبق آهي. جن ڪائنات جي فطري حقيقتن کي رُوحاني رنگ ۾ ڀِيٽيو آهي.

    اياز پنهنجي ڏاهپ ۽ مادياتي سوچ جا ڪرڻا ڦهلائي، مت ڀيدي ۽ مُدي خارج ڳالهين کي اُڳهاڙو ڪري، ڪائنتا جي سموري خوبين سان ٽمٽار جماليات کي پنهنجي قلم جي ڪِلڪ سان، حقيقتن جو روپ ڏئي، سنڌي شاعريءَ جي ترقي پسند لاڙي ۾ نه رڳو جدت پر تيزي پڻ آندي آهي. سندس هيٺيان شعر اونداهي ۾ ٻاريل ڏات جا ڏيئا ۽ روشني جي علامت آهن:

ڇا سُر راڻو مِٽي آهي؟
ڇا ڪوهياري مِٽي آهي؟
آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پڇان ٿو.
ڀٽ ته ساري مِٽي آهي.
مَٺُ ته مِٽي آهي مُوڙها،
ڏيئي لاٽ ته مٽي ناهي،
درشن جيڪو دُور نئين ٿو.
تنهن جي واٽ ته مٽي ناهي!
ساري جاٽ ته مٽي ناهي.

    شيخ اياز موهن جي ڀني ڀني مٽيءَ جي سُرهاڻ ۽ سندرتا جي مهانتا جو شاعر آهي. اياز، سنڌ جي ساهت ۽ سڀيتا جو نئون نڪو سچ آهي.

    اياز جي شاعري سنڌي گج تي ڀريل ڀرت ۽ مڙهيل شيشن جي جرڪ جي اُهڃاڻي اولڙو آهي. اياز، جي شاعري سنڌ جي ڌرتي کيڙيندڙ هاريءَ جي پگھر پور هيئي جي تاريخ آهي.

    اياز جي شاعري محبوبي ماڻن ۽ چيٽ جي چانڊاڻ جو چِٽو عڪس آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي واهڻ واهڻ جو حُسن جھلڪا ڏيندو نظر اچي ٿو. جنهن مان سنڌ جي سُونهن جي نه رڳو انفرادي سُڃاڻ پوي ٿي. پر سنڌي سُونهن جو هڪ عظيم مقام پڻ جنم وٺي ٿو.

    اهڙي ئي سُندرتا جي بادشاھ شيخ اياز جا هي بيت پڙهو، جنهن ۾ ٻن دلين جي پيار جي ڌڙڪن ۽ چاهت جا سر کنڊ اوتار اوتيل آهن:

جئن واهوندي واءُ ۾، پپر پن ڏڪن،
ڇاتيءَ ائين لڳن، مون سان منهنجا سپرين.
مون سان منهنجا سُپرين، چَپ چَپُن آڻي،
تن سڄو تاڻي، هر هر ساھ سمائيا.

    اياز جي مٿين بيتن کي پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالھکي هَٿي ملي ٿي ته اياز، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين رنگ ۽ رُوپ جا بحر ۽ وزن جا نه رڳو تجربا ڪيا آهن، پر ان سان گڏ اياز جي شاعريءَ  جمالياتي اظهار ملي ٿو. اهو به هڪ انفرادي پنهنجي تاريخ جوڙي ٿو. جنهن کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کانپوءِ اهو فيصلو يا راءِ ڏئي سگھجي ٿي ته:
    اياز جي شاعريءَ ۾ اسان کي فطرت جا سمورا رنگ ائين نکاريل نظر ايندا، جيئن پورهيت جي پيشانيءَ تي پگھر جا ڦڙا يا ڪارونجھر جي ڪَڇ ۾ کڙکٻيتن جي ٽم ٽم ۽ چلولي هٺيلي جوانيءَ جي اک ڀَڃَ جھڙا جھٽڪا لڳندا آهن ۽ ڪشش ڪري ڇڪي وٺندي آهي.

    پر اياز جي شاعريءَ ۾ سُونهن ۾ سُندرتا جو مرڪز رڳو ڳلن جي ڳاڙهاڻ، لڱن جي لالاڻ، گلڙن جي سُرهاڻ به ناهي، پر سندس شاعريءَ ۾ ڪنهن سوڍي جي ڇاتيءَ جا ڪرهاءَ ۾ قومي ويڙھ جون اُڇلون ۽ للڪارون به سُونهن جو مرڪز بڻيل آهي.

    اهوئي سبب آهي جو اياز جي شاڳريءَ ۾ کرڙيءَ جو ميدان ملهائيندڙ سنڌي پاونگن جي پچار به آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ تي نوجوان سنڌين جي هاريل رت جو سُواس به اياز جي شاعريءَ ۾ ائين ڀريل ۽ کنيل آهي، جيئن سنگتراش جي تيشي ڪائنات جي حُسن جي افاديت جي علامت بڻيل هُوندي آهي.

    جڏهن ڪو ديسواسي، پنهنجي ديس جي خاطر وقت جي آمر يا حملي آور سان ٽڪراءٌ کائي ٿو ته سندس اٽل ارادن ۾ جيڪو وچن هوندو آهي، ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان جيڪو قومي پيوند ڳنڍيل هوندو آهي، انهيءَ کي سلامت رکڻ لاءِ، جيڪڏهن سنڌ جو ڪو سرويچ هر حڪمران کي آمر کي چئي ته تون پنهنجي مڪروھ حڪمت عملين واسطي ڀلي مون کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏ، پر سنڌ جي مِٽيءَ ۾ هڪ خوبي آهي ته ان جو اولاد وري وري ٻي جُوڻ  مٽائي ٻيو جنم وٺي، ڪنهن سوڍي جي روپ ۾، تو آمر سان لڙندو رهندو. اها سڄي ڪٿا، اياز جي هن شعر مان به بکي ٿي:

تون مون کي ڦاهيءَ چاڙهيندين،
مان توکان مور نه مرڻو هان،
گُونجار ڪندي جا مون کان پوءِ،
تنهن جندڙي جو مان جھرڻو هان.

    پر هڪ شاعر قلمڪار جي هٿ ۾ جڏهن قلم ايندو آهي، تڏهن اُن قلم جي ترشي نوڪ مان جيڪو دل جو دُکندڙ درد اُٻڙڪا کائي، ڪنهن پني جي ڇاتيءَ تي پنهنجي حقيقي وجود جي صورت وٺندو آهي، تڏهن قلم جي قدرت، هٿيارن جي هر بازيءَ کي مروڙي، هر هٿيار جي ڪُنداق مٿان، پنهنجي ابدي فتح ۽ جيت جا مڌر مڌر گيت ڳائيندي آهي. اهڙي هڪ جھلڪ اياز جي هنن شعرن مان ملي ٿي:

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀَاري بُرج لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.

    جنهن سماج اندر پيار تي پهرا ۽ سوچون سنگرام تي چاڙهي ساڙيون وينديون آهن، جتي دل جو درد ٻُڌڻ ۽ اندر جو احوال اورڻ گناھ بڻيل هُوندو آهي، جتي بيگناھ انسانن کي پڃري جي پکيءَ وانگر واڙي، دنيا جي سُونهن ۽ محبت کان محروم ڪيو ويندو آهي، اُتي آزادي ڪهڙي حيثيت رکي ٿي. اُتي آزاديءَ جو مفهوم غلط ڪڍڻ وارن جي چالبازين کي، ننديندي، هڪ حساس دل رکندڙ ڇا سوچي ٿو. ان جو پورو احسان اياز جي شاعري ۾ آهي:

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ،
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
پرواھ بنا پر ڪيئن هوندا،
آزاد هوا ڇا ٿيندي آهي.

ماهوار سهڻي 1997

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net