قسط نمبر : 1

ريگستاني راڄ جي، ڳالهه ڪريان ڪيهي،
ڪن پچارون پاڻ ۾، سي واري تي ويهي،
ته ”ايندي ماروئين مارئي، شل پکن ۾ پيهي“
اڪنڊ مون ميلاپ جي، آهي جهانگين کي جيهي
منهن جي تن تيهي، آهي سڪ سنگهارن جي (سچل)

          ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڪنهن ڀوميءَ کي وارو ملندو آهي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو هو ته راولپنڊيءَ جي مرگلا جهڙين بنجر پهاڙين تي به دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٺهندو؟ پر جيئن اسلام آباد انهن پهاڙين جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي تيئن ”ٿر“ ڪنهن زماني ۾ قدرتي نظارن سان مالا مال هوندو هو، جڏهن هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون، پارينگر، ڪيرٽي ۽ نوهٽو جهڙا بندرگاهه هوندا هئا. پر درياهه جي رخ بدلائڻ ڪري ٿر هڪ ريگستان جي صورت اختيار ڪئي ۽ غلط اکر جيان دنيا وارن جي حافظي جي سليٽ تان ميسارجي ويو! پر ڌرتيءَ ان کي پنهنجي پيٽ، تخم وانگر پالڻ شروع ڪيو ۽ صدين تائين هن جي ٻار وانگر پرورش ڪئي. اڄ وري ٿر دنيا جي نظرن ۾ اهميت حاصل ڪئي آهي. جڏهن ”پٽاڻي اولاد“ وانگر ڪارو سونو (Back Gold) يعني ڪوئلو ان جي ڪک مان ڄائو آهي. جنهن جو ڪاٿو ماهرن موجب پاڪستان ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي 90 سيڪڙو جي برابر چيو وڃي ٿو. اهو خزانو ٿر جي اڃايل ريتيءَ جي پيٽ ۾ سمايل هو. حالانڪه هن کان اڳ ٿر جي ڌرتي کي هڪ ”پٽ“ گرينائيٽ جي صورت ۾ ۽ هڪ ”ڌيءَ“  چيني مٽي (China clay) جي صورت ۾ قدرت اڳ ۾ ئي عطا ڪيا آهن. پر انهن جي اهميت تڏهن ٿي جڏهن ڪوئلي ملڻ جو پتو پيو ۽ ٻاهر ملڪن جي ماهرن جو خيال آهي ته هتي ٻين معدنيات جا به ذخيرا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته سون، موتي، تيل ۽ گئس به هتان لڀي پون. ٿر ۾ هر ڪنهن ڳالهه جي لاءِ پنهنجو منفرد انداز آهي جيڪڏهن ٿر تي لکجي ته گمنام سڄاڻ ماڻهن جو ذڪر به ضرور ڪرڻ گهرجي جيئن لطف به اچي. ٿري لوڪ ڪاغذ تي لکڻ پڙهڻ جي متعلق هڪ ڳجهارت جي نموني دوهو چوندا آهن.

”هر هر ڀونءِ پاتڙي، هاريءَ چتر سڃاڻ،
هٿن واهي ٻاجهريءَ، نين ڪڍان ليڏا

(هر معنى قلم، ڀون پاتڙي= ڪاغذ، هاري= لکندڙ، هٿن وهائي ٻاجهري= هٿن سان لکبو آهي، نين ڪڍان ليڏاڻ= اکين سان پڙهبو آهي) ڀڃڻي: قلم سان ڪاغذ تي لکندڙ هٿن سان لکيو آهي ۽ پڙهڻ وارن اکين سان پڙهيو آهي.

          تواريخ ۽ جاگرافي سڳين ڀينرن مثل آهن، ڪنهن به هنڌ جي تواريخ سمجهڻ لاءِ جاگرافي جي ڄاڻ ضروري آهي. هر ڪنهن ماڳ جي، رهائش، ذاتيون، سڀا، قدبت، تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ ويچار مختلف هوندا آهن. انهن جو اثر به الڳ الڳ پوي ٿو. انهيءَ لاءِ اسين ٿر ڏانهن اسهڻ کان اڳ، هن جي متعلق مختلف ماڻهن جا رايا ۽ ٿر جي متعلق محققن جي تحقيق ۽ ڄاڻ مان لاڀ حاصل ڪندا هلون ته اڳتي هلي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ سير جو لطف به ڪجهه وڌيڪ ايندو.

          ٿر جي اڳوڻي سڄاڻ ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر منگيءَ مٺيءَ ۾ ”ٿر سيمينار 1992ع“ جي موقعي تي چيو هو: ”ٿر سنڌ صوبي جو پٺتي پيل علائقو آهي، هتان جي ماڻهن ۾ وڏيون خوبيون آهن، هو بهادر، ايماندار، قناعت پسند، محب وطن ۽ مهمان نواز آهن. ٿر ۾ وسڪارو ٿيو ته اهو سال ٿر واسين لاءِ سڀاڳو چئبو پر جيڪڏهن نه ته پوءِ ڏاڍي ڏکن ۽ سورن واري زندگي گذارين، پر ڪڏهن به همٿ نه هارين“. ٿر معدني دولت سان مالا مال آهي، تاريخي لحاظ کان به ان کي وڏي اهميت حاصل آهي. هتان جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ قديم آثار پنهنجي بي زبانيءَ سان محققن کي لکڻ جي دعوت ڏيئي رهيا آهن.

                محبوب علي چنا صاحب ساڻيهه ۾ لکيو ته سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ واري عجيب و غريب خطي ”ٿر“ جي هن نموني جي تشريح ڪئي آهي: ”قدرت جي هٿ وڏي هندي رڻ پٽ حدون چٽن اهڃاڻن ۾ چٽيون آهن ۽ اسان کي فقط حدبندي ڪرڻي آهي. پوري سمجهڻ لاءِ اسان ”مرو سٿلي“ لفظ جي ترتيب ڪرڻ چاهيون ٿا جو زوردار نموني ۾ هن ”موت جي خطي“ لاءِ موزون وجيه تسميه آهي. هي لفظ ٻن سنسڪرتي لفظن جوڙڻ سان ٺهيو آهي. مري= مرڻ ۽ سٿالي= خشڪ ۽ بي برگ و گياه زمين. مڪاني کريل اچارن جي ڪري سٿالي مان ”ٿل“ ٿيو، جو يوناني لفظ (Oasis) نخلستان جي مترادف آهي. پوکيل ٽڪرا واريءَ جي دڙن جي مقابلي ۾ تعداد خواهه ججهائي ۾ ”ڪين“ پر برابر آهن. جو مان هن قديم رومن تشبيه (آفريڪا ۽ نخلستان چيتي جي قسم پلنگ جي نوار جي پٽن وانگر آهن) جي بدران ائين چوندس ته هندي وڏي رڻ پٽ جي شڪل چيتي جي کل جي پٽن وانگر آهي، جنهن جا ڊگها ڪارا پٽا واريءَ جي وڏن ۽ ويڪرن پٽن وانگر ڏيکائي ڏين ٿا ۽ گهٽ واريءَ واري ميدانن تي چڙهيل ويٺا آهن، انهن جي سطح تي ڪيترا ٿوري آبادي وارا ڳوٺ، وانڍ پکڙيل آهن. هن جي اولهين سرحد جي تشبيح جي ساڳي طرح شروع ڪئي ويئي آهي، ڪوبه انگريز سياح سنڌ جي ماٿريءَ ۾ قدم رکندو ته هن کي لبيا جي رڻ پٽ تي نيپولين بوٽا پارٽ جا چيل هي لفظ ياد ايندا ته: ”سمنڊ سان قريب ۽ قريب، رڻ پٽ مشابهت ڪري سگهي ٿو ته ”ڪنارا ڄڻ نيل جي ماٿري آهن“ محبوب علي چنا اڳتي لکي ٿو ته نيل جي ندي ”سنڌو“ ۾ جيڪڏهن حيدرآباد کان اچ طرف اوڀاري مسافري ڪبي ته نظر جي حد اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن سان گهيرجي ويندي، جيڪي نديءَ جي سطح کان ٻه سئو فٽ کن مٿي ڪر کنيون بيٺيون آهن. انسان کي ڌيان ڌرڻ تي مجبور ڪنديون ته هي جيڪا خلا هن سر سبز ماٿري جي شڪل ۾ نموندار ٿئي ٿي سا ضرور ڪوه قاف جي وهندڙ برف جي ڇپن مان ڳري نڪتي هوندي. هن جي گڏيل پاڻي ”مروسٿالي“ جي تسلسل ۾ رخنو وڌو آهي نه ته رڻ ارٿڪو شيا (Arachosia) جي بيابانن سان وڃي ڳنڍجي ها. (هي بيابان ايران جي اتر اوڀر ۽ افغانستان جي اتر طرف روس ۾ واقع آهن).

                ”شري رائچند هريجن“ پنهنجي تصنيف ”تاريخ ريگستان“ ۾ لکي ٿو ته ”ٿر“ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي ڪو درياهه نه هجي) انهي سٿ لفظ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“ يعني خشڪ، زمين (ضد جي معنى پاڻي) ۽ ٿل جو اچار ڦري ٿيو ”ٿر“.

          نيپولين بوٽا پارٽ اهڙي ڌرتيءَ کي ”ريتي جو سمنڊ“ سڏيو آهي، ساڳي ريت مسٽر پيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به پنهنجن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي: ٿر جا ماڻهو هيٺئين نموني سان تشريح ٿا ڏين (1) ٿر کي ريگستان به چون. ريگ= واري، آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ، (2) هن ڀاڳي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ يا ”ٿڙهي“ چوندا آهن، جنهن مان ٿيو ”ٿر“ (3) کير جي ملائي (Cream) کي به ٿر چوندا آهن. هڪ ته ريتي اڇي جهڙي کير، ٻيو ته جڏهن هتان هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون ته سڄي سنڌ جي دل (Cream) مٿاهون علائقو هو تنهن کي ”ٿر“ سڏيندا هئا. انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته اٺين صدي عيسوي ڌاري ٿر مان وهندڙ هڪڙو درياهه، اتر کان ڏکڻ طرف وهي ڪڇ جي ويجهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هن درياهه جي ڪري ٿر وارو علائقو تمام سر سبز ۽ شاداب هو. پر شايد چوڏهين صدي عيسوي ڌاري زبردست ٻوڏ جي ڪري پنجاب ۾ ندين ۽ نئين جي ڦير گهير ۽ سنڌو درياهه جي اولهه طرف رخ ڦيرائڻ ڪري هڪڙو درياهه ٻن دٻن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ لڳ ڀڳ 1790ع ڌاري بنهه سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ ماڻهن توڙي مال جي زندگي جو دارومدار برسات تي ٿي پيو ۽ اها چوڻي وجود ۾ آئي ته: ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“.

          ماڻهن جن ٿر نه ڏٺو آهي انهن جي ذهنن ۾ ٿر لاءِ مختلف ۽ عجيب خيالات، جذبات ۽ احساسات آهن، ڪي سمجهن ٿا ته ٿر صفا هڪ ريگستان آهي جتي وڻ ٽڻ، پاڻي، واهه، ڪجهه به نه آهي، ميلن جا ميل سفيد ريت ئي ريت آهي. پر سرڳواسي رائچند هريجن جي لکيل ”تاريخ ريگستان“ جنهن لاءِ هن صاحب محدود وسائل هوندي به جفاڪشي محنت ڪئي، ڏک ڏٺا ۽ ٽائيم ڏنو سو لک لهڻي، ٿرين تي هن ٿورا ڪيا.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
ڀلائي ڀير ڳڻي ڳڻيا ڪيترا؟ (شاهه)

          هن جنهن نموني ٿر تي جامع ۽ هر هڪ ڳالهه جي وضاحت مشاهدي جي بنياد تي ڪئي سا هميشه سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. انهيءَ جي لاءِ غلام محمد گرامي صاحب مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”ڪيئن صديون اڳي ٿر آباد ۽ شاداب هو، هاڪڙي ۽ مهراڻ جي واري جي دامن ۾ سوين ڀريل ۽ ڀڪليل شهر هئا. بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج ۽ واپار جا مرڪز هئا. ماڻهو سکيا ستابا هئا. هرڪو مڇي ماني وارو هو (اڄ ڪلهه راٻڙيو/ دال روٽي وارو آهي، ڇاڪاڻ جو مڇيءَ جي جڳهه، جهڻ (لسيءَ) ورتي آهي)زندگي پنهنجي حسن ۽ جمال سان جلوه گر هئي. اديبن، عالمن، سگهڙن ۽ شاعرن ڀٽن ۽ ڀانن جي سونهري ٻولن ۽ روپ ورنن قولن سان هن خطي جو هر هڪ حصو بهڪي رهيو هو. اوج ۽ عروج واري زماني ۾ هن زمين تي رومانوي داستانن، سورهيائي ۽ حب وطني جي عظيم ڪهاڻين جنم ورتو، مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياج، ڍولامارو، عمر مارئي، ليلا چنيسر، سڏونت ۽ سارنگا، مهر راڻيءَ ۽ راءِ لاکي، دودي ۽ علاوالدين جي تاريخ ۽ نيم تاريخي قصن جي پيدائش به هن سر زمين سان وابسته آهي هن کي سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن توڙي ساڃاهه ۽ سرت وارن شاعرن ۽ سگهڙ دل کولي ڳائي وڃائي سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت بخشي ڇڏي آهي ۽ اهي سمورا قصا سنڌي ادب لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي علامت بنجي چڪا آهن.

          هي اهوئي ٿر آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير سنڌ جي سرتاج شاعر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“ ڪيو هو ۽ اتي جي جهانگين، سانگين، ماروئن ۽ پنهوارن جي زندگي جي ترجماني ۽ عڪاسي پنهنجي بيتن ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور انداز ۾ ڪئي آهي، خاص ڪري ”سرمارئي“ ٿر جي حسين زندگي جو اهو عڪس آهي جنهن جي مثال عالمي ادب ۾ به مشڪل سان ملي سگهندو.

               دخل در محڪولات لاءِ معذرت، شاهه صاحب جي ذڪر تي موزون هڪ دوست جا خيال ذهن تي تري آيا آهن، اهي بيان ڪجن ٿا. ”الله تعاليٰ انسان کي ڪنول ٿيڻ جو گر به ڏسيو آهي ۽ کيس مذهب جي ٻيڙي به ڏني آهي، نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم جن انسان کي مذهب ۽ شريعت جي ٻيڙي ڏني ۽ فرمايو آهي ته ”منهنجي امت مان ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا جن مان خوشبوءِ ايندي رهندي ۽ هو دنيا بدبودار ٿيڻ نه ڏيندا“. دوست چوي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو.

          ها! گوسوامي صاحب سلسلو جاري رکندي لکن ٿا ته: ”هي اهائي ٿر جي سرزمين آهي جنهن جي برادري ۽ برابري اخوت ۽ انساني محبت، غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا جوهر پيدا ٿيا. هي اهائي سرزمين آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اڃا به ائين چوڻ جڳائي ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو هن ئي خطي جي پيداوار آهي ته وڌا نه ٿيندو، ڊاڪٽر شاهه نواز سوڍر جا ٿر جي باري ۾ تاثرات آهن ته: ”ٿر ۾ جڏهن وسوگ نه ٿيندو آهي، ته ان وقت پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ ويچارا انسان پريشان حال نظر ايندا آهن. وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا لوساٽجي ۽ ڪومائجي ويندا آهن، خشڪ ۽ بي رحم موسم جي لپيٽ ۾ هر زندگي لاچار ۽ مجبور ٿي پوندي آهي. ڍور ڍڳا ۽ ٻيا جانور هلندي هلندي ڪريو مريو پوندا آهن، پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري سوين ميلن ۾ وڇايل واريءَ جي ڀٽون باهه جا الا اڇلائڻ لڳنديون آهن. لڳندو آهي ته هن علائقي ۾ بي رحم فطرت زندگي جي خاتمي جو پڪو ارادو ڪيو ٿو ڏسجي. پر ان جي باوجود ٿري ماڻهو خالق ڪائنات جي رحمت مان مايوس ڪونه ٿيندو آهي. هو مرڻ گهڙي تائين رب جي ٻاجهه ۾ اميد رکيو ايندو آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻ ۾ جيڪو ٿري ماڻهو کي ڪرب محسوس ٿيندو آهي، اهڙي مرڻ ۾ کيس ڏکيائي ڪانه محسوس ٿيندي آهي. هزارن سالن جي تجربي ۾ ٿر جي ماڻهو ڏٺو آهي ته جڏهن چئني طرفن کان موت جو راڪاس رڙيون ڪندي زندگي کي هڙپ ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته اهڙي وقت ۾ ٿر جو ٻاٻيهو (پکي) اچي پرگهٽ ٿيندو آهي، لٽ لائي ڏيندو ڄڻ قدرت جي ستل رحمت کي جاڳائيندو هجي، ڄڻ انساني زندگي جي عيوض موسم جي بکايل راڪاس کي پنهنجي زندگيءَ جو ٻليدان آڇيندو هجي! حالانڪه پکي آهي موسم جي خشڪي کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي طرف اڏامي هليو وڃي ته وڃي به سگهي ٿو، پر ٿر جي ماڻهو ۽ هن پکي ۾ شايد اهائي هڪجهڙائي آهي جو ٻئي موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر پنهنجو وطن نه ڇڏيندا آهن“.

          هي اهوئي ٿر آهي جي وٺل هجي ته جنهن ۾ سفر ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب فرمايو ته: ”آءٌ پاڻ کي ٻي دنيا ۾ يا بئراج واري علائقي ۾ يا اسلام آباد کان ايبٽ آباد ڏانهن ويندي محسوس ڪندو آهيان“ سو جيڪڏهن ڪو ائين سمجهندو ته صحيح نموني سان لطف وٺي سگهندو:

جي پوي بارش، ته بس ڪشمير تون،
رشڪ جنت ارم جي تصوير تون،

تنهنجي واري سون ۽ اڪثير تون

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net