|
پهرئين قسط ۾
اوهان ڪجهه ٿر متعلق پڙهيو اهو سلسلو هلندو رهندو، هاڻي ٿرپارڪر جي ٻئي حصي پارڪر
متعلق ڪجهه ڄاڻ وٺڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي:
”ڍٽ ڍري پٽ
پيئون، پاسي پارڪر، پارڪر، ٿر کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي ۽ هيءُ خطو هر ڳالهه ۾ ٿر کان نرالو آهي. پارڪر ۽ ڪڇ جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. جيڪو هن وقت سڪل آهي، برسات جو پاڻي يا عربي سمنڊ مان وڏي وير جو پاڻي ايندو آهي. پر ڪنهن زماني ۾ رڻ عربي سمنڊ جي چاڙهه هوندو هو، جنهن کي ”کاريءَ“ چوندا هئا. ڪڇ سان آمدرفت لاءِ کاريءَ پار ڪرڻي پوندي هئي تنهن ڪري چوندا هئا ”پار اڪر“ ۽ آهستي آهستي ٿيو ”پارڪر“ جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪتاب پارڪر ۾ به ساڳئي نموني ڄاڻايو آهي. ٻيو سبب ته، ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر نالي ٽڪري آهي، يعني پاهڻ يا پٿر جو ملڪ پارڪر معنيٰ پٿر يا پهڻ جو ملڪ، انهي ڪري نالو پيو ”پارڪر“. ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان اولهندي 80 ڪوه، اتر ڏکڻ 37ڪوه، ڊيگهه 150 ميل ويڪر، ڀڃ کان ٻلهياري 80 ميل، پکيڙ ڏهه هزار چورس ميل آهي. ٿر ۽ پارڪر ٻنهي کي ملائي 1834ع ڌاري تعلقو ٺاهيو ويو، پر اهو ڪڇ رياست جي عملداري هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ رکيو ويو. 1906ع ۾ ان جو هيڊ ڪواٽر ميرپور خاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ ٿر نالي ضلعو ڪري ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت انهن جو پراڻو نالو ”ٿرپارڪر“ ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدود ۾ صرف چار ريگستاني تعلقا آهن. مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو، اوهان کي تعجب ٿيندو ته ڇاڇرو تعلقو پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو آهي. ٿر جون ڪئي منفرد ڳالهيون اڳتي هلي ڇرڪائينديون، پر انهن کي ڪڏهن به ڪنهن سطح تي اجاگر نه ڪيو ويو آهي. ٿرپارڪر ضلعو ڪل 8500 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي، 1995ع ڌاري آبادي 9 لکن تي هئي ڇاڪاڻ جو آدمشماري 1981ع کان آباديءَ جو ڪاٿو، واڌ جي شرح جي حساب سان ئي لڳايو پيو وڃي. آبادي جو انگ اکر 1884ع جي ڪيپٽن ريڪس جي حوالي مطابق 41535 ۽ 1856ع جي آدمشماري وقت 51,073 هو ۽ انگريزن جو خيال هو ته ماڻهو جڏهن تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ترقي ڪندا آهن يا غريب طبقو سماجي طور تي ترقي ڪندو آهي ته آدمشماري جو انگ وڌي ويندو آهي. ٿر ۾ آدمشماري ۾واڌ برطانيا سرڪار جي امن ۽ آشتيءَ واري دور کان پوءِ ٿي آهي. معاشري ۾ اهڙيون بهتر ڳالهيون موجود هيون جن جي ڪري آدمشماريءَ ۾ واڌ آئي. جيڪڏهن آدمشماري انهي رفتار سان وڌندي رهي ته 20 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي. انهي جي ڀيٽ ۾ انگلينڊ جي آدمشماري 52 سالن ۾ يوريشيا جي 26 سالن ۾، آسٽريا جي 69 سالن ۾ ۽ فرانس جي 105 سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. اڳي ٿر جي آباديءَ جي صورتحال مختلف سالن ۾ هينئن آهي. 1881ع ۾ 13,394، 1891ع ۾ 15,349، 1941ع ۾ 68,151، 1951ع ۾ 2,49,280 ، 1961ع ۾ 2,95,969، 1993ع ۾ 10 لک هاڻي 12 لک جي برابر. ٿر ضلعي۾ 166 ديهون آهن، هر ديهه ۾ پنج ڇهه مڪان آهن، ضلعو 45 تپن ۽ 18 سرڪلن ۾ ورهايل آهي. تعلقا اهي ئي پراڻا چار آهن، انهن جي ايراضي گهٽ وڌ ڪانه ٿيندي آهي، پکيڙ هيٺينءَ ريت آهي. ڇاڇرو 3814 چورس ميل، ننگرپارڪر 1617، مٺي 1562، ڏيپلو 1503 چورس ميل ڪل ايراضي 8496 چورس ميل، ٿرپارڪر ايراضي جي لحاظ کان سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي. جي ڊبليو سمٿ جي سنڌ گزيٽيئر ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ 1919ع موجب به ايتري ايراضي آهي. قدرت جا رنگ به عجيب آهن، جتي جر جاري وهندو هو، سو اڄ پاڻيءَ جي بوند لاءِ محتاج آهي، چوطرف سڃ لڳي پئي آهي. اڇي واري اڏاميو اچي منهن ۾پوي. وڏيون ڀٽون ۽ سڪل ڏهر پيا ڊيڄارين، نه اهي نديون، نه بندر، نه واهه نه ساوڪ! نه سرسوتيءَ، نه هاڪڙو نه مهراڻ!! ماڻهو ۽ مرون پيا پاڻيءَ لاءِ واجهائين، پوءِ به ٿري ڌڻيءَ جو شڪر ڪيو ويٺا آهن، هيترن ڏکن هوندي به پنهنجا پکا نه ڇڏيندا آهن. جهڙ ڦڙ مارئين،
جت چيها چلڙ چڪ، اوهان ڪراچي کان اسلام آباد ته چند ڪلاڪن ۾ پهچي ٿا سگهو پر 2000ع کان اڳ اسلام ڪوٽ پهچڻ لاءِ اسلام آباد کان آمريڪا پهچڻ جيترو ٽائيم لڳندو، هو سڌا ويندا ته اوتروئي وقت اڳتي ڪارونجهر پهچڻ ۾ لڳندو. پر جي ڪنهن رولوءَ جي ور چڙهيا ته قلم سان گڏ هلندا رهندا ته شايد وڌيڪ مشڪلاتون، رنڊڪون، ڪشالا، لڪون، جهڪون، جهولا، ڏک ڏولا ڏسڻا پوندا، پر ماڳ تي پهچڻ سان بقول طالب الموليٰ: ”جهڪ جهولا ويندا لهي، ٿيندا لايا سجايا“ جي اوهان کي لگن آهي ته آسان محسوس ٿيندو. هن ۾ اوهان کي هڪ نه پر چئن پنجن نه پر شايد صدين جو احوال ملندو، معنيٰ زمان حال، ماضي ۽ مستقبل ٽنهي کي يڪجاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ”ٿر سيمينار 1992ع“ ۾ آيل مهمانن کي ٿر جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر جناب عبدالقادر منگي ٿر ۽ پارڪر جيئن فور ويل گاڏين ۾ گهمايو، سو مون مسڪين لاءِ محال آهي پر قلم سان گهمائڻ جي ڪوشش ڪندس! اميد ته اوهان گهر ويٺي پيا ياد ڪندا ۽ ٿي سگهي ته اوهان جي به دل ۾ اڄوڪو ٿر جنهن ۾ بجلي ۽ روڊن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، گهمڻ جي چاهه ۽ ڏسڻ جو شوق جاڳي پوي. ”شنده ڪي بود مانند، ديده!“ معنيٰ: سڻيل ڪو ڏسڻ جهڙو ٿي سگهندو؟ سو اوهان کي به سڪ ٿئي ۽ شاهه جا اهي وٿاڻ ڏسڻ جي طلب ٿئي ته ٿري مهمان نواز آهن ئي، شاهه صاحب انهي جي تصديق هينئن ڪري ٿو: ”مون گهر اچي
جي ٿئي، مينڌرو مهمان، جيڪڏهن ٿر وسيل هجي ته هڪ طرف ڪشمير جي جبلن جي چوٽين وانگر ڀٽون سائي چادر پهري نئين نويلي لاڏيءَ جيان گهونگهٽ ڪڍيو ڪر اوچو ڪري دل کي نڀائيندڙ نظارو ڪرڻ جي دعوت ڏينديون آهن ته ٻئي طرف سڌي زمين پنهنجي سيني تي مختلف فصلن جي سنگن سان ساهه کڻندي، اڇن، پيلن ۽ گلابي گلن سان اکين کي ٺار پيئي ڏيندي، شايد شيخ اياز اتي اچي نظارا پسي ٿر کي ”سرڳ“ (بهشت) سڏيو آهي. ساٿي مون دنيا
گهمي، چونڊيو آهي ٿر، ٿر جي لنگهه نئون ڪوٽ کان نڪرندي اڳي ندي وهندي هئي جنهن کي هاڻي ”پراڻ ڍورو“ چون ٿا. شاهه صاحب به اتان لانگهائو ٿيو هو، تڏهن چيو هو:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي
ڪاماري، ڍورو پراڻ معنيٰ پراڻي درياهه، جنهن ۾ اڄ ڪلهه گهٽ پاڻي هوندو آهي، اڳي اها ندي وهندي هئي ”ٽاڊ راجستان“ ۾ ذڪر آيل آهي ته سنڌو نديءَ جي شاخ هاڪڙي نالي سان امرڪوٽ جي پاسي کان وهندي هئي، ٿي سگهي ٿو اها اهو ڍورو هجي. سڪي ڍورو ڍيون
ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو، (ڍورو سڪي ويو، ڪٿي ڪٿي پاڻي بيٺل آهي، ڪپر آڏا ڪنڊا ڏنل آهن، پٽيهل (ڳوٺ جو نالو) ۾ اڳيون پاڻي نه آيو. ماڻهن جو ميڙ ڪنهن ڪنهن هنڌ آهي) ڏيپلي تعلقي ۾ رحمڪي بازار جي ويجهو به ”پراڻ“ آهي، جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي 1947ع ۾ هڪ هنڌ آيل آهي ته : وڳهه ڪوٽ، ونگو (جنهن تان ارباب ونگي جا ڄام سڏجن ٿا) ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويرا واهه سامونڊي بندر هئا. انهيءَ مان محقق انومان لڳائين ٿا ته ”پراڻ“ سنڌونديءَ جي شاخ هئي. ڍورو ڍري، اسين ٿر جي آجيان ڪندڙ يا پهرين ايندڙ علائقي ۾ داخل ٿينداسين انهي متعلق تاريخ جي حوالي سان ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو. ”جيمس ٽاڊ“ لکيو آهي ته سنڌونديءَ جي هڪ شاخ لکپت ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي وارين ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي، هن کي مٺي ندي يا ”مهراڻ“ به چوندا آهن. ڀٽن ۽ بئراج جي ميلاپ ۽ دنگ واري حصي کي مهراڻو چوندا آهن ٿر کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي وٽ، ڍٽ، پارڪر ۽ مهراڻو. شري رائچند هريجن به پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان ڀاڱو 2“ ۾ لکي ٿو ته ”مهراڻو“ نديءَ جي وهڪري جي ڀر واري ڀاڱي کي چئجي ٿو. ڍورو اتان لنگهي ٿو جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هجي ته ڪڏهن سڪو پيو آهي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي ڏکڻ اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا، هتي ڀٽون هڪ ٻئي کي ويجهيون آهن. تنهن ڪري وڏا ڏهر نه آهن، ڀٽن جي وچ ۾ ٻنين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، وارياسي زمين هئڻ ڪري آبادي چڱي ٿئي وڻڪار گهاٽي، خاص ڪري ڪنڀٽ ۽ ٿوهر جام آهن. اڳتي هلي اتر اولهه طرف جتي ڀٽن دنگ ڪيو، اهي ان کي ”ڪس“ چوندا آهن. ”ڪس“، ”دنگ“ ۽ ”ڪنٺو“ ٽيئي لفظ مختلف سرن ۾ الڳ الڳ هنڌن تي شاهه صاحب استعمال ڪيا آهن پر معنيٰ ساڳي آهي جيئن ڇاڇري، مٺي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي سنگم کي ”ڪنٺو“ سڏيو ويندو آهي. مٿي هڪ هنڌ ”ڏهر“ لفظ آيو آهي. ٿري ڏهر انهي ٽڪري کي چوندا آهن جيڪو سڌو سنئون ڏاڍي زمين وارو، ٻن ڀٽن جي وچ وارو حصو هوندو آهي. جنهن ۾ پوک ڪري سگهجي، چراگاهه هجن يا کوه کڻي ڳوٺ آباد ڪري سگهجي، جي ننڍو ٽڪر هجي ته ”ڏهري“ چئبو آهي. ٿر ۾ زمين جي هر حصي لاءِ هڪ مخصوص نالو آهي، جيئن گوڇار، پوڇانڊو، پٽ، مڙهو، ڊاڳو، گئوچر وغيره وغيره، انهن مان هر هڪ جي معنيٰ اڳتي هلي سمجهه ۾ ايندي.(هلندڙ) |
|
|