|
سنڌي بحيثيت هڪ قوم چين وانگر عالمي طاقت بڻجي سگهن ٿا |
|
پروفيسر انجنيئر محمد صالح شيخ
موڪليندڙ: سعيد احمد سومرو، جيڪب آباد |
سنڌين کي اهو طعنو ته اهي گهر کان ٻاهر نه نڪرندا آهن يعني ”سفر کي وسيلئه ظفر“ نه
سمجهندا آهن، به غلط ۽ بد نيتيءَ تي ٻڌل ثابت ٿيو آهي. بک انسان کان ڇا ڇا نه ٿي
ڪرائي؟ اهو ته توهان کي ڪجهه تفصيل سان پوءِ ٿو ٻڌايان ته اڄ به دنيا جو ڪو ٽڪرو
ڪونهي جتي سنڌي نه پهتا هجن. بلڪه صدين کان رهن پيا ۽ فقط اسان جو پاڻ ۾ رابطو نه
رهيو آهي. پر هينئر رابطي جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسان به دنيا ۾ هڪ محض قوم نه،
پر هڪ طاقتور قوم بڻجڻ لاءِ ۽ فقط پاڪستان ۾ نه پر دنيا ۾ پنهنجي ”قومي حق بحال ڪرڻ
لاءِ“ عالمي پيماني تي هڪ ”طاقتور تحريڪ“ جو بنياد وجهي سگهون. اڄ اسان اڃا ذهني
طرح فقط اتي پهتا آهيون، جو اڪثر قوم جو نالو وٺڻ کي به معبوب ۽ پاپ جو ڪم ٿا
سمجهون، بلڪه معتبر معتبر به ٿا چون ته ”قومپرستي اسلام ۾ حرام آهي“. مان نٿو سمجهان
ته ڪنهن سنڌي عالم اهڙي ڪا فتوىٰ
جاري ڪئي آهي، اڄ توڙي ماضيءَ ۾ به ڪڏهن، ڇو ته دنيا ۾ اسلام جيترو ٻيا سمجهن ٿا،
اوترو اسان به سمجهون ٿا ۽ سنڌ ۾ تاريخي طور ته انتهائي اعليٰ پائي جا وڏا وڏا جيد
عالم ٿي گذريا آهن، جو ”اسلامي خلافتن“ جي اموي ۽ عباسي دور ۾ به پاڻ ملهائي چڪا
آهن. پر هندستان ۾ جيڪو به دين آهي، سو ته پکڙيو ئي سنڌ مان ۽ سنڌين کان. اهو هڪ
جدا ۽ وڏو ڊگهو بحث ٿي ويندو ته ”دين صوفي فقيرن پکيڙيو يا عالمن؟“ مختصر ته ”دين“
علم جو نالو آهي، جنهن جي ابتدائي ”اقراءَ“ کان ٿي ۽ علي هجويري رحمت الله عليه به
بنيادي طور تي پهريائين عالم هو، پوءِ پير، رڳو گوڙ ايڏو مچايو ٿو وڃي جو ڪا ڪم جي
ڳالهه ڪن تي پوڻ نٿا ڏين.
فقط اها ڳالهه ناهي ته سنڌ ”باب الاسلام“ آهي
پر ”شاهه ولي الله“ ۽ ان کان به اڳ ”اورنگزيب“ جا به استاد سنڌ جا عالم هئا. هڪ
دفعي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شعبي تصنيف ۽ تاليف ۾ ذڪر ڪيم ته وڏا وڏا پروفيسر (۽
سندن اسلاميات سان وابسته به) وائڙا ٿي ويا ۽ پوءِ اتي ”شيخ جيوڻ“ جي باري ۾ ڪو
سيمينار به ڪرايائون پر شيخ جيوڻ کي ”السندي“ چوڻ کين ٻرو پئي ورتو ۽ کليو کلايو ان
اعتراف کان به لنوايائون پئي ته اورنگزيب ٺٽي جي ملان شيخ جيوڻ جي هٿان مولوي ٿيو
هو. ان وٽ گوڏو ڀڃي ويٺو هو ۽ ”بخاري شريف“ ان کان پڙهي هئائين. ان ئي آخر ۾
دستاربندي ڪرائي هئي ۽ (58-1644ع) دهلي ۾ جامع مسجد سان گڏ ٺٽي ۾ ”شاهجهان مسجد“
شاهجهان ان تشڪر ۾ ٺهرائي هئي. ان ساڳئي شاهجهان جنهن آگري ۾ ”تاج محل“ جوڙايو هو ۽
لاهور ۾ شالامار باغ ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر، نه فقط ايترو پر
اورنگزيب پنهنجي ڌيءُ (زيب النساءِ) کي به سنڌي عالم ملان شيخ جيوڻ کان ”عالمه“
بڻايو هو ۽ ”فتاوى عالمگيري“ جيڪو اڄ به نه فقط فتوائن جو
پر فتوائن جاري ڪرڻ جي اصولن جي نهايت وڏي ۽ معتبر ترين ڪتابن ۾ شامل آهي، تنهن ۾
به شڪ ناهي ته سنڌي عالمن جو وڏو رت ست ڏنل هجي ۽ تيار ئي ”ملان شيخ جيوڻ“ جي تحريڪ
تي ٿي هجي. انهن ڳالهين جي تحقيقات ٿيڻ گهربي هئي. شاهه ولي الله اڪيڊميءَ بدران
سنڌ ۾ ”ملان شيخ جيوڻ اڪيڊمي“ کلڻ گهربي هئي، اِهو
ڪم ”سُڪن ٽڪرن“ تي پليل مولوي نٿا ڪري سگهن، جن کي ”پُڇ ٻڌي
مهري“ ڪيو ويو هجي ۽ قحط الرجالي هئي جو راشدي ڀائرن جي ٻيگهي مچي وئي. مولانا
قاسمي منهنجو ڳوٺائي هو ۽ مولانا محمد قاسم مشوريءَ جو هم مڪتب، ساڳئي سوني جتوئيءَ
واري مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽان ڀي فارغ التحصيل ٿيل
آهن. انهن سنڌ جي مدرسن جا حال منهنجا ڏٺل آهن ۽ وڏي ڳالهه ته مان پاڻ به 55-1954ع
۾ سوني جتوئيءَ جي ڀر ۾ پراڻي آباد ۾ ”مولوي نور محمد دائي“ وٽ پڙهيو آهيان. سو سنڌ
جي مولوين مسڪينن ۾ اُهو ايترو حوصلو ڇڏيو ئي ڪونه ويو، جو ان طرف توجهه وڃي ته
جڏهن پاڻ وٽ ۽ پهريائين برتر اڳواٽ موجود هجي ته ان تي پرائي سو به ڪم تر سان نه
مٽائبو آهي. مولانا قاسمي سان مون کي گڏ سفر جو به موقعو مليو ۽ اڍائي ٽي ڪلاڪ ساڻس
نويڪلي گفتگوءَ جو به. جڏهن مولانا محمد صادق کڏي واري کي (1953-1884ع) پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ سنڌ ۾ ديرو ڄمائي ان ڪراچيءَ جي نيو ٽائون ۾ پٺاڻ مولوي محمد يوسف بنوريءَ
وارن پاڻ وٽ دعوت ڏئي مٿس چڙهي چيو ته ”تم ڪو هماري پيڇي چلنا پڙي گا!“ ۽ ان کان اڳ
نانڪ واڙي يعني کڏي جي ڀر ۾ ديوبند کان جدا مولوي محمد شفيع گهرائي ويهاريو ويو.
جنهن فتوى ڏني ته ”سنڌ ۾ هندن جون ملڪيتون مالِ
غنيمت آهن“ ۽ شبير عثماني کي ٻاهران گُهرائي ”قرار دادي
مقاصد“ ٺهرائي ٿاڦي وئي. اتي ظاهر ٿي چڪو ته اسان جي ۽ انهن جي اسلام ۾ ئي فرق آهي.
اهي به ”دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا“ ۾ شمار ”دين ۽ قرآن فروش“ آهن. ۽ سازش جو
شڪار ٿي ويا. جيڪا ڪنهن وقت ثابت ڪندس ته وڏي عالمي سازش آهي ۽ اڄ تائين جاري آهي.
ايم ڪيو ايم ان جو شاخسانو آهي. پر اهي سڀ اسان جا ناخلف ئي سهي، آهن اسان جا
شاگرد، يعني سنڌ هندستان جي مسلمانن جو استاد ۽ مرشد گهر آهي ۽ ان کي به سازش ڪري
علي ڳڙهه جي آءِ سي ايس ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڀارت کان آيل بڙيل مسلمان آفيسرن انگريز جي
سازش ۾ اچي ڪري ڦرڪو ڦيريو. ان جي ابتدا خيرپور رياست ۾ وزير مرزا صادق علي کان ٿي
۽ هاشم رضا، علمدار رضا، الائي ڪيترن رضوين ۽ زيدين ۽ نقوين ويندي اڄ تائين سلسلو
جاري آهي. موجوده پير پاڳاري ۽ سندس ڀاءُ کي انگريزن طرفان هتان وٺي علي ڳڙهه حوالي
ڪرڻ به، نه فقط ساڳي سلسلي جي ڪڙي پر ”سنڌ خلاف انگريز جي سازشن“ ۾ شموليت جي ٺوس
ثبوتن مان هڪ آهي. سو سنڌي گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ ۽ سڏ پنڌ کي پرديس ڪوٺڻ جو طعنو ان
بدنيتيءَ تحت ڏنو پئي ويو ته سنڌ هن پوري ننڍي کنڊ ۾ عجيب ٽڪرو آ، جنهن وٽ اجگر
جهڙو نويڪلو درياهه به آ ته قديم عرصي کان ورسيل سامونڊي ڪنارو به ۽ پنهنجي سنڌ ۾
زوريءَ داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جو جواز ۽ Justification پئي پيدا ڪيائون ته هي به اسان
وانگر دربدر خاڪ بسر ٿين جيئن هاڻي مسقط! جڏهن رب گهر ويٺي سڀ نعمتون عطا ڪري ته در
در ڌڪا کائڻ ڪهڙي خوش بختي آهي. اهو ئي سبب هو جو سنڌين کي ڪڏهن ٻين جي مال ۾ اک
وجهڻ ۽ ڪنهن به ملڪ تي حملي ڪرڻ جي اصل کان ضرورت ئي نه پئي هئي نه ته مون 1980ع جي
آدمشماري جا انگ اکر کڻي ڏٺا ته سنڌي ڳالهائيندڙ گهر سرحد جي قبائلي علائقن ۾ به
آباد آهن ۽ دريائن جي ڪنارن تي ته سڄي پاڪستان ۾ جتي ڪٿي ملي ويندا، جن کي هاڻي فشر
فوڪ وارن به وڃي ڳولي لڌو آهي جو نه فقط مڇي مارڻ پر ريل ۽ روڊ کان اڳ ۾ نقل ۽ حمل
يا ٽرانسپورٽ هئي ئي پاڻيءَ جي ذريعي. سنڌي هندو ته توهان کي هانگ ڪانگ، سينگارپور
جا واسماترا ويندي فلپائين نيوزيلينڊ ۾ به بيٺل ملي ويندا
پر لکن جي تعداد ۾ يورپ ۾ الائي ڪهڙن ظلمن تان صديون اڳ هتان ويل سنڌي، ڪو ملڪ
ڪونهي اسڪينڊي نيويا کان وٺي بلغراد ۽ رومانيا تائين، خانه بدوش (Gypsies) وانگر
زندگي ٿا گذارن ۽ اڄ به اتي سنٽي (Sinti) ٿا ڪوٺجن ۽ مٿن وڏا وڏا ظلم ٿيندا ٿا رهن.
يهودين سان گڏ هزارن ۾ هٽلر جرمن هنن کي به Concentration ۾ مارايو ۽ اها به خبر
ڪانهي ته سندن Camps تعلق مسلمان گهراڻن سان آيا غير مسلم، پر آهن سنڌي، تازو جيڪا
سنڌي هندو ڪائونسل ٺهي آهي ۽ کين ان ڪمزوريءَ طرف هاڻي توجهه ويو آهي ”هريجن“ کي به
ساڻ کڻي هلجي، تڏهن سنڌي هڪ مضبوط قوم ٿي اڀرندي. اهو سلسلو اڳتي وڌڻ گهرجي نه فقط
جيڪي سنڌي صدين کان ڀيل، باگڙي، بازيگرن وانگر، جيڪي پوري سنڌ ۾ پکڙيل آهن انهن جي
پرگهور لهڻ گهرجي پر اهڙا جيڪي سنڌي دنيا ۾ لاطيني آمريڪا تائين هليا ويا آهن، جي
سرپرستي ڪرڻ گهرجي.
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|