غلام محمد لغاري

ماڻهو ميگھ ملهار ـــ عبدالواحد آريسر.

    هندستان، پاڪستان جي وچ ۾ پکڙيل وسيع ٿر واري علائقي ۾ وسڪاري جي مند ۾ جڏهن ساوڻ ساٺ ڪري وسڻ جا ويس ڪندو آهي، ڪنواريءَ ڌرتيءَ تي گاهن جي گلزاري جوڀن جو ڏيک ڏيندي آهي. مٽيءَ جي ذري ذري مان ڪنهن البيليءَ جي اڻ ڇُهيل جسم جي پگھر جھڙي خوشبوءَ دل ۽ دماغ کي سرهاڻ سان مهڪائي ڇڏيندي آهي. سمورو ٿر کٿوريءَ جي کاڻ بڻجي ويندو آهي. زندگيءَ جي رڻ ۾ ڪيئي رابيل ڦٽي پوندا آهن. سمورو ساڻيهه سرهي سيج بنجي پوندو آهي. پرِينءَ پاسي ۾ اچي ويندا آهن. ڪيئي گيت ۽ لوڪ گيت جنم وٺندا آهن. ان وقت ڪو ڌاريو، ڪو ڦورو ڪو رهزن، ڪو ڌاڙيل ۽ لٽيرو مدد خان جي روپ م ديس جي سونهن لٽڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هن مارئيءَ جي ملير ۾ ڪو غلام محمد لغاري جنم وٺندو آهي جيڪو ڀالواجي ڀٽ تي آزادي ۽ انقلاب جو جھنڊو هميشه لاءِ کوڙي ڇڏيندو آهي ۽ ان جھنڊي جي حفاظت لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي زهر جا ڍڪ پئيندو آهي. دشمن طرفان اڇلايل تير پنهنجي سيني تي سهندو آهي ۽ آخري هچڪيءَ وقت به اميد ۽ آس جي مشعل هٿان ناهي ڇڏيندو.

    لغاري قبيلو سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪئين آباد ٿيو، ان سان منهنجو واسطو ناهي البته سنڌ جي تاريخ پڙهندي مون کي خليفي نبي بخش لغاري جي ڪيڏاري، امر ڪوٽ جي قلعدار غلام الله لغاري جي مدد خان جي مقابلي ۾ بهادري، غلام محمد لغاري کهنڙي واري جي هنن لفظن ته ”سرزمين سنڌ اسان جي ماءُ آهي“، ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ان قبيلي جي وطن دوستيءَ کي دائمي حثيت ڏيئي ڇڏي آهي، جيڪا تاريخ جي هر دور ۾ زنده ۽ پاپند رهندي ۽ ڪي به سياسي يا قبائلي تضاد يا مخالفت انهيءَ قبيلي جي وطن دوستيءَ جي قلعي ۾ ڏار نه ٿا وجھي سگھن.

    1977ع ۾ مولابخش لغاري ۽ آءُ ڪراچي سينٽرل جيل م هئاسين. اتي مولابخش لغاري کي هڪ ڏينهن سردار شير باز مزاري چيو ته لغاري ته غدار هوندا آهن تون ڪئين وطن دوست ٿي جيل ۾ آيو آهين؟ مولابخش جي جواب کان اڳ مون چيو ته پنجاب جا مزاري تاريخ جي صفحن ۾ ڀڳت سنگھ جي دشمنن جي صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. جڏهن ته سنڌ جا لغاري هوشو شيدي، حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد سان گڏ رهيا آهن هر دور ۾. مزاري صاحب وڌيڪ ڪڇيو ڪونه نه ته آءُ مزارين جا ڪجھ تفصيل ۽ لغارين جو تذڪرو ڪريان ها.

    انهيءَ لغاري قبيلي مان نبي سر روڊ وارو غلام محمد لغاري به هڪ هو. جيڪو جوانيءَ کان وٺي زندگيءَ جي پوين پساهن تائين زندگيءَ جي عظيم جنگاهه ۾ مظلوم ۽ محڪوم عوام جي بالادستيءَ ۽ حاڪميت لاءَ، دنيا جي هر نفعي نقصان کان بي پرواهه، هر گلا تعريف کان بي نياز، وقت جي فرعوني طاقتن سان پنهنجي پوري طاقت سان ٽڪر کائيندو رهيو ۽ انهيءَ راهه حق ۾ هلندي ڪڏهن به پڇتاءُ جو ٿڌو شوڪارو نه ڀريائين. هر قسم جي لالچ، هر قسم جو نفعو، هر قسم جي آڇ، هر قسم جي ترغيب کي هي ٿاريليءَ جو وياء ۽ ٻارچو ٻار پير جي ٺوڪر سان ٺڪرائيندو رهيو ۽ زندگيءَ جي مصيبت جي زهر کي محبوب جي چپن جي ميٺاج سمجھي پئيندو رهيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. هر مصيبت کان پوءِ سندس اميد وڌيڪ جوان نظر ايندي هئي، حوصلو بلند ٿي ويندو هو. هر ايندڙ صبح جيڪو پڪ سان شاندار هوندو، تنهن تي سندس ويساهه ويتر وڌيڪ پڪو ٿي ويندو هو.

    مون کي خبر ناهي ته ساڻس منهنجي پهرين واقفيت واري ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي پر ايترو ڄاڻان ٿو ته جڏهن به ملياسين تڏهن ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ صدين جا واقف هئاسين. الست جي روز کان هڪ ٻئي کي ڄاتو سڃاتوسين ٿي. ڄڻ هڪ ئي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هئي سين. ۽ هڪڙي پيهي تي بيهي حسن عشق ۽ وطن جي ويرن جي ويرتا جا ڪيڏارا ڳائيندا رهيا هئاسين.

    مون لغاري کي پهريون ڀيرو تقرير ڪندي مرڪزي زردو بورڊ ۾ ڏٺو. سنڌي شاگردياڻين ون يونٽ خلاف ڪارو ڏينهن بورڊ جي آڊيٽوريم ۾ ملهايو پئي. انهيءَ جلسي ۾ سنڌ جو ممتاز عالم ۽ مئورخ سيد حسام الدين راشدي چوٽيءَ جا شاعر نياز ۽ اياز، مشهور ليکڪ ۽ مقرر رسول بخش پليجو، جادو بيان خطيب حفيظ قريشي موجود هئا. اتي ٿر جو هي اڌ پڙهيل پر مڪمل عملي انسان غلام محمد لغاري ڳالهائي رهيو هو. ڳالهائي ڇا رهيو هو ڄڻ ماڻهن جي جھنگل ۾ شينهن گجي رهيو هجي. لفظن جو آبشار ڪارونجھر جي ڪنارن تان وهي رهيو هو. يحى شاهي جي اگھاڙي فوجي آمريت ملڪ تي مسلط هئي ۽ لغاري جا لفط انجي سُري کاڌل قلعي تي گولي باري ڪري رهيا هئا.

    ان جلسي ۾ لغاري جي تقرير جي پڄاڻي هن ريت هئي،

        ”هي اوندهه انڌوڪار ختم ٿيندو. ڏڪاريا ڏيهه ۾ موذي سڀ مرندا. ساڻيهه ۾ سُڪار ٿيندو. وڏڦڙو وسندو. ٻانهاريون ٻانهه لوڏي هلنديون گاهن جون گلزاريون ٿينديون. سانگيئڙا ۽ جھانگيئڙا سُکيا ٿيندا. ڦوڳ مرندا. کيت خوش ٿي مارويون ماڻيندا. همت هارڻ جي ڪابه ضرور نه آهي. حاڪمن اسان کي ڪمزور سمجھيو آهي پر اسان سنڌ واسي اهي آهيون جڏهن ڪنهن مقصد جي حاصلات لاءِ نڪرندا آهيون ته آزاديءَ جي لال ڪنوار وٺي ايندا آهيون. يا پنهنجي سيني جو رت هن ماتر ڀوميءَ جي اوڙ اوڙ ۾ هاري ايندا آهيون.“

    اي حاڪمو! ٻڌو! جڏهن اسان مان ڀاڙيو ڪو ڀڄي ايندو آهي ته اسان جون زالون اسان جي سلامت موٽڻ تي خدا جا شڪر مڃڻ بدران اسان کي هئين چونديون آهن.

جي تون ڀڄي آئين ڀڄڻا، ته ڪانڌ مون مَ ڪڇ،
ويهه ڪوڙائي ڪو ڏسين، مادر جھوليءَ مڇ،
هيءَ ڏاڙهي پکيءَ پڇ، کونڌ ته کاڏي اجري.

ـــــــــــــــــــ

جي تون ڀڄي آئين ڀڄڻا ته آءُ تنهنجي ڀيڻ،
نٿ تنهنجي نڪ ۾ وجھان ڏيئي ويڻ،
جي تون ڏي کڻان نيڻ ته پسان پنهنجي پٽ کي.

    انهيءَ تقرير کان پوءِ آءُ سندس نيازمندن ۾ شامل رهيس ۽ انيڪ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون جن ۾ هو زندگيءَ جا تجربا، سياسي سبق ۽ سماجي لطيفا ٻڌائيندو رهيو.

    حقيقت هي آهي ته غلام محمد لغاري جڏهن جيل کان ٻاهر هوندو هو ته سندس ”سچائي منزل“ سياسي ڪارڪنن، اديبن، دوستن، ڪامريڊن ۽ مظلوم هارين لاءِ هڪ تربيت گاهه يا مڪتب هوندي هئي. هونءَ گھڻو ڪري غلام محمد لغاري جي زندگيءَ جيل ۾ ئي گذري هئي. هو سنڌ يا پاڪستان جو اڪيلو سياسي ڪارڪن هو جنهن زندگيءَ جا پورا اوڻيهه سال جيل جي سي ڪلاس ۾ گذاريا. ۽ سي ڪلاس جي جيل هڻي سندس صحت کي جھوري ۽ ڀوري ڇڏيو. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات، انگريز سامراج جي خلاف جدوجھد سان ڪئي هئي. اها سامراج دشمني ۽ عوام دوستي سندس زندگيءَ جو مقدس نغمو ۽ دل ڪش گيت بنجي ويئي. جنهن جي ڌن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي هو جدوجھد جي ميدان ۾ ڪڏهن ڪونه ٿڪو پر اڳتي وڌندو رهيو.

    ٿر پارڪر ضلعو بد قسمتيءَ سان سنڌ جي ڀارت سان ملندڙ سرحدن جي ڪري مختلف ايجنسين جي رپورٽ جو شڪار هوندو آهي.

    مهاتما گانڌيءَ هڪ ڀيرو چيو هو ته پنجاب سمورو سي ــ آءِ ــ ڊي سان ڀريو پيو آهي. ساڳئي حالت سنڌ جي هن ضلعي سان آهي ۽ هر ٻيو ماڻهو سرڪار جو جاسوس هوندو آهي.

    انگريز جيڪو بدترين وڏيرا شاهيءَ جو نظام ننڍي کنڊ ۾ جاري ڪيو هو سو سنڌ جي هن سرحدي ضلعي ۾ وڌيڪ جابرانه، وڌيڪ ظالمانه، وڌيڪ ڪميڻپ ۽ ڪنورتا سان ڀريل پئي رهيو آهي. هتي جو وڏيرو، مير، پير ۽ ٺاڪر، خدا رسول ۽ ڀڳوان کان وڌيڪ سامراجيت جي هڪ رت پياڪ رهزن پرزي ”تروٽ“ جي واکاڻ ڪندو آهي. تروٽ اهو ماڻهو هو جنهن جا هٿ ننگر پارڪر جي آزاديءَ جي سورمن جي رت سان رنڱيل هئا. جنهن هن ضلعي ۾ غدارن، مفاد پرستن، چمچن ۽ سامراج جي روحاني اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سون اُپائيندڙ زمين مفت ۾ ورهائي، غدار ۽ جاسوس وڏيرن جي لوڌ پيدا ڪئي، جنهن هتي سامراج جا پير مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

     اهڙي ضلعي ۾ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيل نوجوان غلام محمد لغاري، پيڙهيل ۽ ڪچليل طبقن کي آمريت ۽ وڏيرا شاهيءَ جي بدمعاشين ۽ ڪميڻن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياست ۾ آيو. ڇو ته کيس ان وقت جي ڏاهن ماڻهن جي تجربن ۽ ڳالهين مان پروڙ پيئي هئي ته احتجاجي مظلومي يا اجتماعي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو رڳو گڏيل جدوجھد، گڏيل محنت ۽ گڏيل پورهئي سان ئي ممڪن آهي ۽ اها گڏيل جوجھد گڏيل محنت ۽ گڏيل پورهيو جيسيتائين ظالم طبقن، ڦورو قومن ۽ غاضب ٽولن کان ظلم، ڏاڍ ۽ پرماريت جا هٿيار ڦُري پنهنجي هٿ وس نه ٿو ڪري يعني رياستي ادارن تي قبضو نٿو ڪري، ان وقت تائين انفرادي چڱائي، انفرادي خيرات ۽ انفرادي عمل ڪائي حثيت نه ٿا رکن. اهو آهي عوامي انقلاب جو سادو مفهوم. اهو انقلابي عمل دنيا جي مڃيل سچائي موجب رڳو سياسي ميدان ۾ جدو جھد سان ئي ممڪن آهي.

    غلام محمد لغاري انهيءَ معنى ۾ پهريون محب وطن، سامراج دشمن، انسان دوست انقلابي هو جيڪو انقلاب لاءِ زندهه رهيو، انقلاب لاءِ وڙهيو ۽ انقلاب لاءِ وڙهندي مري ويو، پر نه آس جي روشنيءَ کي جھڪو ٿيڻ ڏنائين نه وري همت جي لاٽ وسامڻ ڏنائين. سندس وفات کان ڪجھ ڏينهن اڳ جي لکيل ڊائري جو مفهوم سندس آس ۽ همت واري جذبي جي اپٽاري ڪري ٿو.

    اڌ عمر جيل ۾ گذري ۽ اڌ ريل ۾. قدرت طرفان مورثي طرح ڪابه دولت يا نعمت نصيب نه ٿي هئي. رڳو صحت واري نعمت مليل هئي سابه کسجي ويئي آهي. سمجھان ٿو هاڻي وقت پورو ٿيڻ تي آهي. سڄي عمر وڙهندي گذري ويئي. آزاديءَ ۽ انقلاب نصيب نه ٿيا. پوءِ به نا اميد ناهيان. آزاديءَ جي ڳاڙهي ڪنوار ايندي، انقلاب جو جھنڊو هٿ ۾ کڻي. منهنجا سانگي جھانگي ضرور اٿندا ۽ سوڀارا ٿيندا اها پڪ اٿم.

.........................................................

    ڪامريڊ جي آس ۽ همت سان ڀرپور اها عظيم جدوجھد ئي هئي جنهن کيس ٿرپارڪر جھڙي سياسي طرح يتيم ضلعي ۾ جتي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي سدائين هڪ هِٽي قائم آهي ۽ جيڪي هن ضلعي جا فرعون بنيا ويٺا آهن، سياسي طرح بلند مقام تي پهچايو ۽ هو پاڪستان جي پهرين صف جي ليڊرن ۾ ليکجڻ لڳو. ميرپور خاص ۾ سندس رهائشگاهه ”سچائي منزل“ تي سموري پاڪستان جا سياسي ليڊر ايندا ويندا هئا ۽ رٻ پڇ پي ويندا هئا.

    پاڪستان ۾ جھموريت يا انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ليڊر جڏهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل ٿيندا هئا ته سرڪاري مشينري جي ڊپ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي روايتي بزدليءَ جي ڪري کين ڪٿي به تقرير لاءِ جڳهه نه ملندي هئي. ان وقت سچائي منزل واحد جڳهه هئي جنهن جا دروازا سڀني حڪومت مخالف ليڊرن لاءِ کليل رهندا هئا. انهيءَ منزل تي ڀاشاني، ولي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ــ ايم ــ سيد، سهروردي ۽ ٻيا آيا ۽ عوام جي هجومن کي پنهنجو پروگرام ٻڌائي ويا. اهڙي ئي هڪڙي پروگرام جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي چوٽيءَ جو ليڊر حسين سهروردي ٿرپارڪر ۾ آيو ۽ کيس سچائي منزل کان سواءِ ڪٿي به جاءِ پناهه نه ملي. سچائي منزل تي ترسڻ کان پوءِ جڏهن ڪراچي واپس پهتو. تڏهن هڪ خط غلام محمد لغاري کي لکيائين، سو هيٺ ڏجي ٿو.

ڪلفٽن ڪراچي:
10 جولاءَ 1956ع
                              منهنجا پيارا لغاري صاحب!
    آءُ سچ پچ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان ته اوهان ميرپور خاص ۾ ڪهڙو نه بهترين ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ آءُ ميٽنگ جي ڪاميابيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان. پر ان کان به وڌيڪ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اوهان غير معمولي ڪم ڪيو آهي ۽ اوهان اسان جي عوام جي هيٺين طبقن جون سچيون خدمتون ڪيون آهن، جن طبقن کي اوهان جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ سموري بندوبست لاءِ جيڪو اوهان ڪيو هو اوهان جي وڏي مهرباني: آءُ اوهان جي روشن مستقبل جو خواهشمند آهيان.
                                                                    اوهان جو مخلص حسين شهيد سهروردي.

    غلام محمد جي سياست بنيادي طرح هارين جي تنظيم ۽ طبقاتي شعور پيدا ڪري وڏيري شاهيءَ جو تختِ فرعوني اونڌو ڪرڻ تي ٻڌل هئي. انهيءَ سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ه پاڪستان جي هر هر ترقي پسند ۽ جھموريت دوست تنطيم ۽ تحريڪ ۾ شامل ٿيندو رهيو. پر هن جڏهن به ڏٺو ته ڪابه آل پاڪستان نام نهاد ترقي پسند جماعت سندس مقصد ۽ بنيادي سياست جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي ته هو هڪدم انهيءَ تنظيم ۽ تحريڪ کي ڇڏي پنهنجي هاري پليٽ فارم تي موٽي ايندو رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ هو نعپ، عوامي ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پر هڪڙي ڳالهه هر حالت ۾ مڃيل هئي ته هو پهرين قوم پرست سنڌي هو ۽ سندس قوم پرستيءَ سراسر انقلابي نوعيت جي ترقي پسندانه هئي، جنهن جو آخري مقصد هن ديس ۾ پرماريت کان آجو هارين ۽ پورهيتن جو راڄ قائم ڪرڻ هو. سندس خيال هو ته هتي هاريءَ تحريڪ جي ناڪامي جو وڏو سبب سنڌ جي وطن دوست سياست سان ڳنڍجڻ بدران انقلابي لفاظيءَ تي مشيني انداز ۾ عمل ڪندي، اهڙي پورهيت جو، پڇ لٽڪائو ڪرڻ آهي. جيڪو سنڌ ۾ رڳو معاشي مفادن جي بنياد تي ڪمائي ٿو ۽ رڳو معاشي مفاد انقلاب لاءِ نه صرف ڪاگر ناهن پر اٽلو ان جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب يا آزاديءَ واري عمل جي تڪميل ان ملڪ جو هيٺيون طبقو ۽ ٻيون محب وطن قوتون ڪنديون آهن جن جا ثقافتي، اقتصادي، ۽ تاريخي رشتا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ۽ ڳنڍيل هوندا آهن. بلوچستان ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سندس انهيءَ نظرئي کي هيڪاري هٿي ملي ٿي جڏهن نعپ جي هڪ ميٽنگ ۾ ڪامريڊ لغاي، ولي خان کي چيو ته ”آءُ جيل جي اسپتال ۾ اهي بلوچ نوجوان ڏسي آيو آهيان جن جو سَنڌ سَنڌ چيري منجھن لوڻ ٻُرڪيو ويو آهي. بلوچ عورتن سان جيڪي ڪجھ وهيو واپريو آهي تنهنجي اوهان کي چڱي طرح خبر آهي. مون کي اهو ٻڌايو ته بلوچستان جي تحريڪ ۾ پٺاڻ اڃان تائين ڇو شريڪ ڪونه ٿيو.“ ولي خان انتهائي ڪاوڙ جي چيو ته ”مون ڪڏهن ٻروچن جي پيرن تي ٽوپي اڇلائي هئي ته اوهان جبلن تي چڙهي تحريڪ هلايو، جو اڄ اوهان مون کي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ جو مهڻو ڏيئي رهيا آهيو.“ ولي خان جو جواب ٻڌي ڪامريڊ لغاري نعپ جي ميٽنگ مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. پوءِ هن پنهنجي سموري قوت بلوچستان جي قومي تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان وقت سچائي اخبار ڪوئيٽا مان ٻن صفحن تي نڪرندي هئي ۽ ڪوئيٽا شهر ۾ هٿو هٿ کپي ويندي هئي. اخبار جي وڪري مان جيڪي ڪجھ حاصل ٿيندو هو تنهن مان اخبار به ڇاپيندو هو ته گھر جو خرچ به هلائيندو هو. ان وقت سندس دوست نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو گورنر هو، پر ڪامريڊ لغاري بلوچستان جي قومي تحريڪ جي حمايت ڪانه ڇڏي نه وري بگٽي صاحب ڪامريڊ جي انهيءَ روش تي ناراض ئي ٿيو. ڪامريڊ، بگٽيءَ سان ذاتي لاڳاپا ڪونه ٽوڙيا. ۽ پاڻ انهن لاڳاپن آڌار تي هو قومي تحريڪ جي ڪنهن نه ڪنهن صورت مدد ڪندو رهيو. ان وقت سڀ ڪجھ هوندي به هن، بگٽيءَ جي گورنري قبول ڪرڻ واري عمل کي ڪڏهن ساراهيو ڪونه ۽ نه وري ڪو مالي فائدو ئي ورتائين.

    نواب اڪبر بگٽيءَ جي گورنريءَ واري وقت ۾ سندس صلاحڪار ملڪ عثمان ڪانسي ٻڌايو ته : ”آءُ نعپ ۾ هوندو هوس پر دوستن کان ڪن ذاتي ناراضگين جي ڪري آءُ نواب بگٽيءَ جي گورنريءَ ۾ سندس صلاحڪار بڻيس ۽ منهنجي ڪار تي جھنڊو لڳي ويو. هزارين ماڻهو مبارڪون ڏيڻ لڳا. هڪ ڏينهن انهي مبارڪي ماڻهن ۾ شامل ڪامريڊ  اوچتو منهنجي جاءِ ۾ داخل ٿيو ۽ سندس مون تي نظر پوندي شرط وڏي اوڇنگار  ڏيئي روئڻ لڳو. آءُ ڏانهيس وڌيس کيس گلي لڳائي چيم ”ڪامريڊ خير آهي ته آهي روئين ڇو ٿو؟ چوڻ لڳو ”تون ّذهني ۽ روحاني طور مري وئين. عثمان ڪانسي جيڪو منهنجو انقلابي دوست هو، سو مري ويو هي ڪار تي لڳل جھنڊو ان جو ثبوت آهي.“ چيم ڪامريڊ هي منهنجي ڪار تي جھنڊو پختونستان جي علامت آهي. تون في الحال ماٺ ٿي اسان ان طريقي سان بلوچستان جي خدمت ڪرڻ ٿا چاهيون.“ ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو ”هڪ ته ّذهني طرح پنهنجي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ جي پرواني تي صحيح ڪئي اٿئي! مٿان وري بلوچستان تي احسان ڪرڻ جي وچي ڦيرڻ ٿو چاهين. جيڪڏهن اهڙي نموني عوام جي خدمت ٿئي ها ته لينن سڀ کان پهرين زار جي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي ها ۽ گانڌي ساري عمر جيلن ۾ ڪونه سڙي ها. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سرڪار ناراض ٿي توکان اهو جھنڊو ڦري ڇڏيندي. پختونستان اچي پٽ تي ڪرندو. اهڙا ديس اسان کي ڪونه کپن جيڪي جلدي ٺهن ۽  سرڪاري ناراضگيءَ تي جلدي ڊهن.“

    ڪانسي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن کان پوءِ آءُ استيعفى ڏيئي آيس ته منهنجي ڪار تان جھنڊو لهي ويو ته ڪامريڊ ٽهڪ ڏيئي مليو چيائين ته ”ڪيڏانهن ويو تو وارو پختونستان“ وراڻيم ”جيڏانهن تو وارو سنڌو ديش ويو.“ 

ڪامريڊ وڏو زنده دل ۽ بهادر ماڻهو به هڪڙوئي هو. سندس زنده دلي ۽ بهادريءَ جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.

           هڪ ڀري ڪنهن فيصلي جي سلسلي ۾ ڪجھ عورتون ڪامريڊ وٽ آيون ۽ کيس ڏاڍو تنگ ڪيائون، پر ڪامريڊ کي اهو فيصلو ڪرڻو ئي ڪونه هو. سو نٽائيندو رهيو نيٺ هڪ مائي چيو. ”ڪامريڊ! آءُ تو وٽ نياڻيون ميڙ وٺي آئي آهيان. نياڻي ست قرآن آهي.“ ڪامريڊ جي ڀوڳائي طبيعت اڌمو کاڌو. چيائين ته ”مائي نياڻي واقعي ست قرآن آهي، پر مرد سان گڏ سمهڻ کان پوءِ سيپارو به نه لهي.“ اهو ٻڌي مايون ڪامريڊ کي گاريون ڏينديون هليون ويون ۽ هن سُک جو ساهه کينو.

    هڪ ڀيري ڪامريڊ نبي سر روڊ کان ريل گاڏيءَ ۾ ميرپورخاص اچي رهيو هو. ساڳئي گاڏي ۾ هڪ قادياني مبلغ به ويٺو هو. مبلغ، ڪامريڊ سان ڪچهري ڪندي اچي مرزا غلام محمد قاديانيءَ جي نبوت ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪيا. ڪامريڊ خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. مبلغ دليل ختم ڪري ڪامريڊ کي چوڻ لڳو ته اوهان مهرباني ڪري قادياني فرقي ۾ اچي مرزا صاحب تي ايمان آڻيو. ڪامريڊ ٺهه ڦهه جواب ڏنو ته : ”جڏهن آءُ سچي نبيءَ جو آندل دين ڪونه ٿو مڃان، ته پوءِ تو واري ڪوڙي نبيءَ جو دين ڪئين قبول ڪندس.“ قادياني مبلغ حيرن ٿي ڪامريڊ جي منهن ۾ ڏسندو رهجي ويو.

    هڪ ڀيري ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جي زال پير غلام شاهه جيلانيءَ جو هڪ مئنيجر زوري کڻائي ويو ۽ ميرپورخاص جي هڪ بنگلي تي سريت وانگر رهائڻ لڳو. غريب ماڻهو، پير غلام شاهه وٽ دانهين ويو، پر پير صاحب سندس ڪوبه داد فرياد ڪونه ڪيو اتان مايوس ٿي هو پوليس، ڪورٽن، تر جي ننڍن وڏن زميدارن، پيرن ميرن وٽ ويو، پر هر جڳهه تان کيس مايوس ۽ نامراد واپس ورڻو پيو. ڇو ته پير غلام شاهه جڳ اثر رسوخ هر جڳهه تي پنهنجي مئنيجر کي بچائيندو رهيو. نيٺ ان غريب ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻڌايو ته ”سچائي منزل“ تي غلام محمد نانگو رهي ٿو ان وٽ وڃ. ڪامريڊ همراهه جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ٻه چار همراهه ساڻ ڪري سڌو ان بنگلي تي وڃي بيٺو. همراهه کي چيائين. ”آءُ دروازي تي بيٺو آهيان تون وڃي اندران پنهنجي زال وٺي اچ ڇو ته منهنجي خيال ۾ هن وقت بنگلي ۾ تنهنجي زال کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو موجود ڪونهي.“ هن غريب شخص اندر وڃي پنهنجي زال کي هلڻ لاءِ چيو پر مائي انڪار ڪيو ته ”تون منهنجو مڙس ئي ڪونه آهين.“ اهو جواب ٻڌي همراهه موٽي اچي ڪامريڊ کي سموري ماجرا ٻڌائي. ڪامريڊ اهو ٻڌي ڌوڪيندو سڌو بنگلي اندر هليو ويو ۽ مائيءَ کي چوٽيءَ مان جھلي ٻه ٽي نيٽ هڻي چوڻ لڳو ته ”هلين ٿي يانه؟“ ماني وڌيڪ موچڙن جي ڊپ کان هڪدم هلڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. جڏهن سڀئي همراهه ماين کي وٺي ٽانگي ۾ چڙهي هلڻ لڳا ته اوچتو ماين رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته اسان کي بچايو اسان کي اغوا ڪيو پيو وڄي. بازار ۾ بيٺل پنجابي ۽ پناهگير اسلامي جوش ۾ ٽانگي کي وڪوڙي ويا. ان وقت تائين مئنيجر به سهڪندو اچي پهتو، چئي منهنجي زال ڪامريڊ زوري کڻايو ٿو وڃي. ڪامريڊ هڪل ڪري چيو: ”سڀ بيهي رهو ٻي صورت ۾ سڀني کي شوٽ ڪندس. اڄ منهنجو رت تتل آهي.“ مئنيجر سميت سڀ ماڻهو بيهي رهيا. ڪامريڊ مايون وٺي سچائي منزل تي آيو. جتان زال مڙس کي ڪنهن ڊيهي تي ڇڏي آيو. جتان اڄ ڏينهن تائين مائي واپس مئنيجر وٽ نه پهتي آهي.

    جڏهن جسم ۾ طاقت هئي ۽ سختين جسم کي هيڻو نه ڪيو هو تيسيتائين ڪامريڊ هميشهه ريل گاڏيءَ جي ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. پر ڪڏهن ريچڪ ۽ ڦڏو ڪري فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڪلاس م ضرور ويهندو هو. اهڙوئي هڪڙو واقعو ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي ڪري ڏيکاريائين. ڪامريڊ نبي سر روڊ وڃڻ لاءِ ٿرڊ ڪلاس جو ٽڪيٽ وٺيو پليٽ فارم تي بيٺو هو ته، سندس نظر هڪ واقفڪار تي پيئي، جيڪو پريشانيءَ جي حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر چڪر ڪاٽي رهيو هو. ڪامريڊ انکان پريشانيءَ جو سبب پڇيو . هن ٻڌايو ته مون فرسٽ ڪلاس جو ٽڪيٽ ورتو آهي. پر فرسٽ جي گاڏن ۾ ڪنهن طاقتور ايجنسيءَ جا ماڻهو ويٺا آهن جيڪي اسان کي ويهڻ نٿا ڏين. اها ڳالهه ٻڌي ڪامريڊ هڪدم ايس ــ ٽي ــ کي چيو ته مون کي فرسٽ جي ٽڪيٽ ٺاهي ڏي. فرسٽ جو ٽڪيٽ کڻي ڪامريڊ سڀني گاڏن ۾ ويو. پر ڪنهن به گاڏي ۾ کيس ويهڻ نه ڏنو ويو. هن ريلوي جي عملي کي چيو، پر عملي به پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪيو. جنهن تي ڪامريڊ ٻه چار همراهه وٺي ريلوي جي پٽڙيءَ تي ويهي رهيو ته جيستائين اسان کي فرسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويندو ۽ اهي طاقتور ماڻهو اسان کان معافي نه وٺندا ان وقت تائين اسان هتان نه اٿنداسون. وڏو گوڙ ٿيو. ڪامريڊ کي ڏسي ٻيا به ماڻهو پٽڙين تي اچي ويهي رهيا. نيٺ ڪامريڊ جا سڀ شرط مڃيا ويا، پوءِ ڪامريڊ ۽ سندس پوئلگ پٽڙين تان اٿيا.

    هڪ ڀيري مون کان پڇيائين، ”ڪڏهن تنهنجي پيءُ تنهنجي تقرير ٻڌي آهي“ وراڻيم ”نه“ چوڻ لڳو: منهنجي پيءُ هڪ ڀيرو منهنجي تقرير ٻڌي هئي. ٿيو هيئن جو آءُ گھڻو ڪري جيل ۾ ويندو رهندو هوس ۽ منهنجو پيءُ حڪومت ۽ حڪمرانن کي پِٽيون ۽ پاراتا ڏيندو رهندو هو. آءُ کيس چوندو هوس ته بابا! کهڙوو ۽ قاضي وڏا حرامي آهن، مون کي خواهه مخواهه جيل ۾ ٿا وجھن نه ته آءُ بنهه اشراف ماڻهو آهيان. سرڪار کي ڪجھ ڪونه چوندو آهيان. بابا چوندو هو، ”تقرير ۾ ڇا چوندو آهين؟“ ”اهو ته هارين سان ناحق آهي هارين کي حق ڏيو.“ ”اهو تون صحيح ٿو چوين. تون حق تي آهين کهڙو ۽ قاضي واقعي بدمعاش آهن.“ ڪامريڊ کلي چون لڳو: ته هڪ ڏينهن جو گھر اچان ته بابا مون تي ڪاوڙ ويٺو آهي ۽ چوي پيو کهڙو ۽ قاضي  وڏا اشراف ماڻهو آهن ”مون حيران ٿي پڇيو ته ”بابا، اهو وري ڪئين“ چوڻ لڳو پٽ، ”مون تنهنجي تقرير ٻڌي آهي، جيڪا تو کهڙي جي خلاف ڪئي آهي. سچ پچ جيڪڏهن آ_ءُ کهڙي جي جاءِ تي هجان ها ۽ تون اڄوڪي تقرير منهنجي خلاف ڪرين ها ته آءُ توکي ڦاسي تي لٽڪايان ها، کهڙو ته وري به جيل ۾ وجھيو ڇڏيو ڏيئي، اهو ته اشراف ماڻهو ٿيو. ڏاميچ ته تون ٿئين نه؟ هڪ ڀيري آءُ ڪامريڊ سان ملڻ ويس ته هو سياسي ورڪر کي سمجھائي رهيو هو. ورڪر کان ڪامريڊ پڇيو ته: ”ڪم ڪئين ٿا ڪريو“ هن چيو ته ”ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ويندا آهيون. ڳوٺن جي ماڻهن کي گڏ ڪري پنهنجو نظريو ٻڌائيندا آهيون؟ ڪامريڊ پچيو: تقريرون رڳو اوهين ڪندا آهيو يا ڳوٺاڻا به تقريرون ڪندا آهن. هن وراڻيو ”تقريرون رڳو اسان ڪندا آهيون.“ ”پوءِ اوهان کي ڪئن خبر پوندي آهي ته هن ڳوٺ جي ماڻهن سان ڪهڙي زيادتي آهي. ڇو ته جهڙيءَ ريت هر هڪ ملڪ جون حالتون ڌار ڌار ٿين ٿيون، بلڪ اهڙيءَ ريت سنڌ جي هر ڳوٺ جا مسئلا ۽ مصيبتون جدا جدا آهن. وڏيرن جي روش، پوليس جون حرڪتون، پاڻيءَ جا مسئلا هر ڳوٺ ۾ جدا جدا قسم جا آهن. انڪري ٻهراڙيءَ جي ڪچهرين ۾ اول اتي جي عام ماڻهن کي ٻڌو، ته هو پنهنجا  ڪهڙا سور اوهان سان سلين ٿا ۽ اوهان تي ڪيترو ڀروسو ڪري پنهنجا اندر جا اُڌما بيان ڪن ٿا. ان طريقي سان توهان هن علائقي جو سياسي ۽ سماجي تجزيو وڌيڪ سولائيءَ سان ڪري سگھندئو.“

    هڪ ڀيري آ۽ ڪامريڊ سان ملڻ سچائي منزل تي ويس ته مون کان اڳ هڪ مولانا به ڪامريڊ وٽ ويٺو هو. ٿوري دير کان پوءِ ڪامريڊ هڪ مائيءَ کي سڏي چيو ته: ”ڪڪڙ جھلي اچ ته عبدالواحد کي کارايون، گھڻن ڏينهن کان پوءِ ملڻ آيو آهي. مائي ڪڪڙ جھلي آئي ته انهيءَ ساڳي مائي کي چوڻ لڳو ته هي چاقون وٺ وڃي ڪهي اچ. اتي ويٺل مولانا رڙ ڪئي ته: ”مائي وري ڪڪڙ ڪئين ڪهندي، عورت جي ڪُٺي جائز ڪانهي!؟“ ڪامريڊ هڪدم چيو: ”قرآن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته جانور هرو ڀرو مرد ڪُهي؟“ مولانا لاجواب ٿي ويو. خير مون ڪڪڙ ڪهڻ نه ڏنو. دال روٽي کاڌيسين، پر ڪامريڊ وارو دليل منهنجي ذهن مان اڄ ڏينهن تائين نه نڪري سگھيو آهي.

    ڪامريڊ جي وفات سان سنڌ هڪ پُر بهار، بهادر، سرويچ، سياسي ۽ انقلابي تجربن سان مالامال شخصيت کان محروم ٿي ويئي.

    انسان جي پيدائش ۽ موت جو سلسلو اڻ کُٽ آهي. جيڪو سدائين جاري رهندو، پر ٿرپارڪر ضلعي جي ڪا نيڪ بخت ماءُ وري شايد ئي غلام محمد لغاري جھڙي عظيم ۽ لاکيڻي ٻچي کي جنم ڏئي.

    لک لهي ٿي اها مٽي، جنهن تي هئڙن انسانن جنم ورتو ۽ ان ماءُ جي ڪُک پدمئون پري آهي، جنهن غلام محمد جھڙي سدوري، سٻاجھي ۽ سلڇڻي انسان قرار ورتو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net