|
تخليق، تنقيد کان بهتر آهي!
|
|
صفي الله فياض سهندڙو
|
تخليق ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي،
جڏهن انسان ڌرتيءَ تي پير رکيو ته ان پنهنجي هٿن سان ڪجهه شيون ٺاهڻ شروع ڪيون،
يعني تخليق ڪئي، سو تخليق هر دؤر، هر زماني ۾ ٿيندي رهي ٿي ۽ ها بهتر تخليق اها
آهي، جيڪا ڪنهن انسان کي فائدو ڏئي. فون جي ايجاد ڪندڙ فون ايجاد ڪري انسانن کي پاڻ
۾ ملائڻ جو رستو ڏنو، يا وري بجليءَ جي تخليق، جيڪا سائنسي ترقي لاءِ ضروري آهي پر
ايستائين جو عام انسان جي ضرورت ٿي پئي آهي، انهيءَ مان انسان کي ڪيترو فائدو ملي
ٿو ۽ ڪيترو نقصان. سو ان ڪري چوڻو پوي ٿو ته تنقيد ڪيتري به خوبصورت ۽ مدلل ڇو نه
هجي پر تخليق کان مٿانهين ناهي، ڇو ته پهرين تخليق آهي، بعد ۾ تنقيد آهي نه ڪي ان
جي برعڪس. ائين ناهي ته تنقيد صفا خراب آهي ڇاڪاڻ ته تنقيد سان ته اصلاح ٿيندي آهي.
جڏهن به ڪو مؤجد ڪا شيءِ ايجاد ڪندو آهي ته ان جو هاڪاري ۽ ناڪاري پهلو جاچيندو آهي
ته ڪهڙو پاسو وڌيڪ فائدي وارو ۽ ڪهڙو نقصان وارو آهي. تڏهن ته وڃي ڪنهن نتيجي تي
پهچندو آهي. هن وقت اسان جا اديب جيڪا تخليق علم و ادب جي ميدان ۾ ڪري رهيا آهن سا
ساراهه جوڳي آهي. ان ڪري انهن جي همت افزائي ڪري انهن کي وڌيڪ اتساهڻ گھرجي. ها
جيڪڏهن تنقيد ڪرڻ گھرجي ته ناڪاري پهلوئن تي ڪري ان جي صلاح ڪئي وڃي، باقي هروڀرو
تنقيد ڪري ٻئي جي حوصله شڪني نه ڪرڻ گھرجي.
اڄ دنيا جو ادب ترقيءِ جي
راهه تي گامزن آهي. دنيا جا اديب پنهنجي قوم کي تمام سٺو ۽ معياري مواد ڏين ٿا ۽
انهن کي اصلاح ۽ ترقيءَ جا نوان گس ڏسين ٿا. باقي رهياسون اسان، سو اسان ته پنهنجي
وڏن اديبن کي به نٿا بخش ڪريون. نئون معياري ادب تخليق ڪرڻ بدران پاتال ڏانهن وڃڻ
لڳا آهيون. اڄ به اسان جي شاعري رومانس ۾ هلي ٿي. اسان اڃا محبوب جي زلفن ۾ گم
آهيون. اڃا محبوب جي عشق ۾ شعر سرجي رهيا آهيون. محبوب ته هڪ واحد شيءِ آهي، جنهن
لاءِ اسان سڀ ڪجھه ڪري رهيا آهيون پر اهو ڪهڙو عشق آهي جو پنهنجي ديس جي خبر نه
رکون. پنهنجي قوم کي بدحال ڏسي محبوب جي ڇانورائن ۾ هٿڙا ڦيريندا رهون. پنهنجي وطن
۽ قوم جو عشق نه هجي ته پوءِ حيف آهي. شاهه سائين سر سهڻيءَ ۾ فرمايو آهي ته
حيف
تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
اسان جي شعرن ۾ عشق جي
خوشبو ته آهي پر اها خوشبو قوم کي فائدو نٿي ڏئي. ڇا ڀلا اسان جي قوم خوشحال ٿي
ويئي آهي ۽ غربت ختم ٿي ويئي آهي جو ان تي هاڻي لکڻ جي ضرورت ناهي؟ يا پنهنجو ديس ۽
ڌرتي آزاد آهي جو هاڻي اسان آزاد ٿي محبوب جي زلفن جا اسير ٿي ويٺا آهيون؟ جڏهن ته
قوم ۽ وطن جو عشق مقدس حيثيت رکي ٿو. اسان جا شاعر حضرات پنهنجون دعوائون فقط لفظن
جي شاعريءَ تائين محفوظ ڪري زباني عشق جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ عملي طرح ڏور آهن. تڏهن
ته ڪنهن چيو آهي ته ”شاعر جيڪي ڳالهه چوندا آهن، سو ڪندا ناهن“ سو اسان جون شاعرن
تي فقط اهي تنقيدون هونديون آهن ته فلاڻي شاعر جي شاعري ۾ فني کوٽ آهي ۽ لفظن جو
سٽاءُ صحيح ڪونهي ۽ فڪر جي کوٽ آهي. منهنجو سوال اهو آهي ته فڪر جي کوٽ ڇا آهي؟ فڪر
جي کوٽ اها آهي ته هو اها ڳالهه مثبت طريقي سان بيان نه ڪري سگھندا آهن؟ جڏهن ته
عام طرح چيو وڃي ٿو ته هر شيءَ ۾ فڪر ڪريو. فڪر جي لغوي معنى آهي سوچ، ۽ اصطلاحي
معنى آهي اُها مثبت سوچ، جنهن سان رستن جي تعين ڪري يا حيلن وسيلن جو تعين ڪري مقرر
منزل تائين رسڻ جي عملي جدوجھد ڪئي وڃي. باقي خوامخواهه ايترو به پنهنجو وقت سوچ ۾
نه وڃايون جو سوچون ڪندي وقت گذري وڃي ۽ ڪري ڪجھه به نه سگھون. ڪنهن ڏاهي چيوءَ آهي
ته ”ايتري سوچ نه ڪر جو وقت گذري وڃي ۽ ڪجھه ڪري نه سگھين.“ ان لاءِ ضرورت آهي عملي
فڪر جي. اسان جا اديب پنهنجن تخليقن ۾ اهڙو عملي فڪر سرجين جو پڙهندڙ کي ڪجهه ڪرڻ
تي اتساهه پيدا ٿئي، باقي محبوب جي زلفن جو ذڪر ڪري پنهنجي قوم کي به اهو درس ڏئي
رهيا آهيون ته زبان تي سڄو ڏينهن محبوب جو ذڪر هجي ۽ ٻيو ڪجھه به نه. آئون ان ڳالهه
جو مخالف ناهيان ته توهان شاعريءَ ۾ محبوب جي ادائن جو ذڪر ڇو ٿا ڪريو؟ منهنجو مقصد
اهو آهي ته ديس جي ٻرندڙ مسئلن تي لکو ۽ قوم جي هيڻي حال تي لکو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ
مفيد مشورا ڏيو. انهن کي مفيد مشورن يا قومي ڪم ڪرڻ تي اتساهڻ لاءِ پنهنجي تخليق کي
ذريعو بڻايون، ڇو ته شعر ۽ نثر جو پنهنجو پنهنجو اثر آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته
جيڪي اديب پنهنجون تخليقون اسان تائين مختلف ذريعن سان پهچائين ٿا، تن جي همت
افزائي ڪئي وڃي وڃي ته جئين اهي اسان کي معياري ادب ڏئي سگھن، جيڪو اسان جي ٻوليءَ
جي حوالي سان تمام مفيد هوندو. ڇو ته هن وقت جيڪا سازش سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم لاءِ
سٽي ويئي آهي. تنهن جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. حوصله افزائي بدران حوصله شڪني کان
پاسو ڪرڻ گھرجي.
جيڪا اسان ڪافي وقت کان
ڪندا پيا اچون جو هڪ ليکڪ ٻئي ليکڪ تي تنقيد ڪري ٿو ۽ اهو وري جواب ڏئي ٿو. اهڙي
نموني سان اسان جا ليکڪ ڏي وٺ ۾ پورا آهن ۽ هر ڪو اڳتي وڌڻ بجاءِ هڪ جاءِ تي منجمد
ٿيندو ٿو وڃي، ان لاءِ منهنجي نقادن ۽ تخليقڪارن کي گذارش آهي ته پنهنجي اندر سهپ
جو مادو ڌاريو ۽ صرف کل لاهڻ واري تنقيد کي ڇڏي اصلاح ڏي وڌو ۽ تخليقڪار پنهنجون
تخليقون جاري رکن. ڪير ڇا ٿو چوي؟ چوڻ ڏجي پنهنجو سفر جاري رکجي.
ساٿ هلندو رهي
لاٽ ٻرندي رهي
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|