ڄاڻ سڀيتا، تاريخ جي نئين لهر

حبيب سنائي


            دنيا کي سياسي اصطلاح جي لحاظ کان ٽن خانن ۾ تقسيم ڪيو ٿو وڃي ۽ اقتصادي نقطي نظر سان ٿلهي ليکي ملڪن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ٿو وڃي: هڪ صنعتي ملڪن واري دنيا ۽ ٻي زرعي سڀيتا سان واڳيل دنيا.

            جڳ مشهور سماجياتدانن ۽ مستقبل بين Futurist ليکڪ جوڙي الون ٽوفلر ۽ هيڊي ٽوفلر پنهنجي  ڪتاب ”جنگ ۽ جنگ وروڌ“ (War and Anti-War) ۾ دنيا جي ورهاست، سڀيتائن جي حساب سان ٽن حصن ۾ ڪئي آهي. اڳتي وڌڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته سندن پاران سڀيتا جو ورنن ڪجي. هنن لکيو آهي ته ”هن اصطلاح مان اسانجي مراد زندگيءَ جو اهو طور طريقو آهي، جيڪو دولت پيدا ڪرڻ واري مخصوص نظام سان لاڳاپيل هجي –  جيئن زرعي، صنعتي ۽ ڄاڻ Information

            هنن ليکڪن جو چوڻ آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ سڀيتائن جون ٽي وڏيون لهرون آيون آهن، جن رهڻي ڪرڻي مطلب ته زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي اثر وڌو آهي. سڀيتا جي پهرئين لهر جولاڳاپو زمين سان جڙيو. اها سڀيتا ٿلهي ليکي زرعي انقلاب جي پيداوار هئي. اڄ به ڪروڙين فرد انهيءَ زرعي سماج ۾ ساهه کڻن ٿا ۽ بنجر زمينن تي حياتيون ڳارين ٿا، جيئن سندن وڏڙن پئي ڪيو. انهيءَ سڀيتا لهر جو دائره اثر اوڀر حصي تي زياده پيو.

            سڀيتا جي ٻين لهر جي ابتدا ۽ اصليت بابت اختلاف آهن. ڪجھ تاريخدان ان جا بنياد جاڳرتا Renaissance يا ان کان اڳ سان ڳنڍين ٿا. پر بهرحال اڪثريت جي حالت ٽي سو سال اڳ ئي تبديل ٿي، جڏهن نيوٽيني (Newtonian) سائنس اڀري آئي ۽ ٻاڦ واري انجڻ اقتصادي استعمال هيٺ آئي. برطانيه فرانس ۽ اٽلي ۾ ڪارخانا هلڻ لڳا. بکن ۽ بدحاليءَ جو شڪار ڪمي ڪاسبي روزگار جي تلاش ۾ شهر ۾ وارد ٿيڻ لڳا. علمي سطح تي نوان نوان نظريا ۽ خيال اظهارجڻ لڳا: ترقيءَ جونظريو؛ انفرادي حقن جو نظريو؛ روسو جو سماجي معاهدو؛ سيڪيولزم ۽ چرچ ۽ رياست ۾ علحدگي؛ حاڪمن جي عوامي راءِ موجب چونڊ وغيره وغيره.

            انهيءَ سڄي اٿل پٿل جي پس پرده جيڪو محرڪ ڪارفرما هو، سو هو دولت پيدا ڪرڻ جونئون طريقو: يعني ڪارخانو. هن سڀيتا جو زياده اثر اولهه يورپ تي پيو.

            هن سڀيتا جي ڦهلاءَ سان ملڪن وچ ۾ قائم ناتن ۾ هيٺ مٿانهيون پيدا ٿيون؛ اقتدار جي تبديلي ٿي ۽ اقتداري خال نروار ٿيو. صنعت ڪاري قوميت ۽ قومي تصور کي تقويت ڏني. اٽلي، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ قومي وحدت لاءِ لڙايون لڙيون ويون. ترقيءَ جي ناهموار ۽ اڻ سڌي شرح کپتي مارڪيٽن لاءِ جھيڙا جھڳڙا، صنعتي حرفت جو هٿيارن جي پيداوار ۾ استعمال طاقت جي توازن کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ يورپ ۽ پاڙيسري ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.

            حقيقت ۾ طاقت جو مرڪز زراعت سان لاڳاپيل عثمانيه شهنشاهيت ۽ زار واري روس مان ختم ٿي، صنعتي يورپ ڏي منتقل ٿيو. هيءَ جديد سڀيتا ائنٽلانٽڪ سمنڊ جي اترين ڪنارن تي تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳي. صنعتڪاريءَ جي وِيجھَ سٺي خام مال جي ضرورت کي جنم ڏنو. خام مال حاصل ڪرڻ لاءِ بيٺڪن تي قبضا شروع ٿيا ۽ ائين ڏسندي ڏسندي تاريخ جي پهرئين لهر سان واڳيل ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ صنعتي ملڪن جي پنجوڙ ۾ ڦاسي ويا.

            پر هينئر 20 صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ دنيا جي سڀيتائن جو نقشو ڪجھ ٻيو بنجي ويو آهي. اسان هڪ اقتداري ڍانچي ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهيون، جنهن دنيا کي ٻن نه پر ٽن مخصوص سڀيتائن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. پهرئين سڀيتا جو نمائنده نشان کُرُ هو، ٻي سڀيتا يعني صنعتڪاري جي نمائندگي ڪارخاني Assembly Line ٿي ڪئي، ۽ ٽين سڀيتا يعني ڄاڻ سڀيتا جي نشاني آهي ڪمپيوٽر (Computer).

            ٽن سيڪٽرن/ خانن ۾ ورهايل دنيا ۾ پهرئين لهر سان واڳيل حصو يا سيڪٽر زرعي ۽ معدني پيداوار مهيا ڪري ٿو؛ ٻي لهر وارو سيڪٽر سستو مزدور ۽ جھجھي پيدائش ڏئي ٿو ۽ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ ٽين لهر وارو حصو ڄاڻ آڇي ٿو.

            زمين، پورهيو، خام مال ۽ سرمايو ٻي لهر واري اقتصاديات جا مکيه پيداواري عنصر هئا، جڏهن ته ٽين لهر واري اقتصاديات جو مک پيداواري عنصر ڄاڻ (knowledge) آهي.

            ڄاڻ جي مناسب ۽ تز استعمال سان دولت جي اپت ۾ ڪم ايندڙ ٻيا ذريعا (inputs) گھٽجي رهيا آهن. ڪمپيوٽر سان ڳنڍيل ڪٽيندڙ اوزار سان ڪپڙي يا اسٽيل وغيره جي ڪاٽ ڪوٽ ۾ گھٽ زيان ٿئي ٿو. يا سمارٽ آٽوميٽڪ ڇاپخانن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ڪاغذ ضايع ٿئي ٿو. ان علاوه زمين پورهيو، خام مال ۽ سرمايو کُٽِي سگھندر عنصر آهن، جڏهن ته ڄاڻ اڻ کٽ آهي ۽ ساڳي ڄاڻ جو استعمال هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي هڪ ئي وقت ڪري سگھجي ٿو. ۽ انهيءَ جي ان استعمال مان ڄاڻ جو ڪو نئون رخ جنم پائي سگھي ٿو.

            آمريڪا، جپان ۽ يورپي ملڪن جي اقتصاديات ٽين لهر واري حصي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. انهن ملڪن جي جھجھي آمدنيءَ جو دارومدار انهن شعبن تي آهي، جيڪي ڄاڻ تي ڌريل آهن. ڄاڻ تي مداري شعبا آهن: جدت طرازي (Innovation)، انتطام (Management)، ٽيڪنالاجي، تعليم، تربيت، صحت سنڀال ۽ مالي (Financial) ۽ ٻيون خدمتون وغيره. انهن ملڪن ۾ ويجھي سٽ ۾ ڪل قومي پيداوار ۾ خدمتن Services واري شعبي جي حصيداراري وڌي آهي ۽ اهي ملڪ وڏي پيماني تي مذڪوره خدمتون برآمد ڪن ٿا ۽ غيرملڪي ناڻو ڪمائين ٿا. ياد رهي ته خدمتن جي دائري ۾ فوجي تحفظ به شامل ٿي ويو آهي. (جيئن خليج واري جنگ ۾ ڪويت ۽ سعودي عرب جو فوجي تحفظ آمريڪا ۽ ان جي حواري ملڪن ڪيو.)

            مطلب ته ڪوبه شعبو اهڙو ڪونه بچيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻ ۽ ان جي اهم ترين هٿيار ڪمپيوٽر جو دخل نه ٿيو هجي. پر سوال اهو آهي ته اسان ان نئين سڀيتا ۾ زنده رهڻ جي ڪيتري تياري ڪئي آهي؟

            مٿين سڄي پٽاڙ جو مک مقصد هو ته ڄاڻ جي اقتصادي اهميت ۽ افاديت کي وائکو ڪجي ته جيئن اسان ۾ ڄاڻ جي غربت جو احساس ٿئي ۽ جيءَ ۾ ڪا ولوڙ اچري ۽ من ۾ ڪا تانگھ ڪر کڻي.

 

(روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي ۾ ڇپيل)


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net