|
اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي منطق جي مٺ نه ٿيو اچن، تن جي لاءِ هيءَ دنيا ”ديوانگي“ وارو لفظ استعمال ڪري ٿي. حيرت آهي ته هوءَ اُن لاءِ معصوميت وارو لفظ استعمال ڇو نه ٿي ڪري . . . ان جو سبب احساسِ جرم کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگھي؟ پوءِ ڀلي ان احساسِ جرم جو اظهار آڪڙ ڀريل اسٽائيل ۾ ڇو نه ڪيو وڃي . . . !! هي دنيا، جنهن جي نظر ۾ سڀ کان وڏي اهميت دڪان جي آهي ۽ جنهن جي نظر ۾ سڀ کان ڪارائتي لکڻي حساب ڪتاب واري هجي ٿي، تنهن جي نظر ۾ اُهي سڀ ليڪا ۽ اُهي سڀ لفظ جيڪي تخليق جي دائري ۾ اچن ٿا، سي ديوانگيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا، سي ديوانگيءَ جي پيداوار هجن ٿا . . . مائيڪل اينجلو ڪڍي پنهنجو نالو امر ڪري ويو ۽ شيڪسپيئر جي هٿن سان لکيل اُهي لفط جن کي فنا جو هٿ ڇهي سگھيو آهي . . . سي سڀ اجايا آهن. جڏهن ته انهن ديوانن ئي هن دنيا جي حسن ۾ اضافو آندو آهي. انهن ديوانن جي ڪري دنيا ۾ پيار ۽ اعتبار جي تصورن کي سگهه ملي آهي . . . پر دولت کي دانائي جي ڪسوٽي سمجھندڙ ان راءِ جا آهن ته پئسي پائيءِ کان سواءِ باقي سڀ ڪجھه ڌوڙ ڇائي آهي.
ڪي مال ميڙن ڪي آڪڙن ٿا، دولت جي انبارن کي ڏسي خوش ٿيڻ بدران چنڊ ستارن کي ڏسي خوش ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جي گھر مان چوري ٿي وڃي ٿي ته هون ان خيال سان به دل کي خوش ڪري وٺن ٿا ته ”چور گھر کي لُٽي به ويو آهي ته ڇا ٿيو، اڃان ته منهنجي گھر جي وَلِ تي ڪيئي ماڪ ڦڙا چمڪن ٿا . . . “ اهڙن خيالن جو بي پرواهيءَ سان اظهار ڪرڻ وارن کي ديوانو قرار ڏيڻ وارا ماڻهو پئسي ۽ پاور جي پويان ڇتا آهن . . . ۽ انهن کي تخليقڪارن جي مٿان اهڙا الزام مڙهي جھڙوڪ دلي اطمينان حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته آرٽسٽ بنيادي طرح معصوم هوندو آهي . . . آرٽ جي حوالي سان مون جيترو به سوچيو آهي ته مون کي سدائين اِهو ٿيو آهي ته آرٽسٽ اهو انسان آهي، جنهن جي اندر جو ٻار ڪڏهن به وڏو نه ٿو ٿئي. اهي آرٽسٽ جيڪي مخصوص وقت کان پوءِ تخليق جي سگھه وڃائي ويهن. انهن سان الميو اِهو هوندو آهي ته انهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي، جيستائين ڪنهن جي اندر جو ٻار ننڍو هوندو آهي، تيستائين هن جي تخليق جي سگھه جي انت جو ڇيھه نه هوندو آهي . . . پر جڏهن ڪنهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي، تڏهن تخليق هن کي ڇڏي ويندي آهي . . . جڏهن ان ڳالهه جي حقيقت اسان اوشو کان پڇنداسين ته هو اسان کي اهوئي ٻڌائيندو ته ننڍڙن ٻارن جي اکين ۾ حيرت جي صلاحيت هوندي آهي. حيرت جي ان صلاحيت کي انفرميشن ختم نه ڪندي آهي . . . جڏهن ته وڏن سان مسئلو اهو هوندو آهي ته هو حيران ٿيڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ان ڪري اها خوشي ۽ مستي جيڪا ننڍا ٻار محسوس ڪندا آهن سا وڏا محسوس نه ڪري سگھندا آهن. ساڳي طرح سان شاعر اُهي انسان هوندا آهن، جيڪي پنهنجي دل ۾ موجود ننڍي ٻار کي وڏو ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ جنهن شاعر جي دل ۾ جيترو ننڍو ٻار هوندو آهي، اهو ايترو ئي وڏو شاعر هوندو آهي . . . شاعري اها وادي هوندي آهي، جنهن ۾ وڏن جي داخلا منع هوندي آهي. ان وادي ۾ صرف ننڍا ٻار ئي داخل ٿي سگھن ٿا. هڪ ننڍي ٻار جي نظر ۾ دولت جي ڪائي اهميت نه هوندي آهي . . . هو صرف انهن ڳالهين تي خوش ٿيندو آهي، جن ڳالهين تي وڏا کلي ڏيندا آهن ۽ اصل ۾ هو نه سمجھندا آهن ته انهن جو اهو ٽهڪ اصل ۾ انهن جي اڻڄاڻائيءَ هوندو آهي، جنهن کان هو واقف ٿي ناهن سگھندا . . . ڪنهن دانشور اهو سوال اٿاريو هو ته آخري ٽهڪ ڪير ڏيندا. . . ؟ ! جڏهن نذير اڪبر آبادي مغل آڪيٽيچر وارن محلن جي پاڇي ۾ ويهي لکيو هو ته
”سب ٺاٽ ڌرا رهه جائيگا، ته دراصل هو ان آخري ٽهڪ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. هيءَ اها ساڳي ڳالهه آهي، جنهن جو ذڪر عظيم نفسياتدان ۽ مفڪر سگمنڊ فرائڊ هڪ انٽرويوڪندي چيو و ته ”سڀ کان وڏو فاتح اهو ڪِيڙو آهي، جيڪو قبر جي مٽيءَ ۾ دنيا جي عظيم فاتح جي مڙهه جو انتظار ڪري رهيو آهي . . .“ جڏهن اسين موت ۽ حياتيءَ جي حوالي سان سوچيون ٿا ته اسان جي ڪنن ۾ اياز جا اُهي لفظ گونجڻ ٿا لڳن ته: ”تاج ڪيانيءَ جا، تڇ تماشا سڀ هئا.“ اتي گيت موت تي فتح ماڻي ٿو وڃي، جڏهن ته دولت دور ٿي وڃي ٿي. شاعرن کي ان حقيقت جي پروڙ هوندي آهي، ان ڪري هو مايا جي موهه ۾ فنا جي ڌنڌي ۾ ڦاسڻ بدران امرتا جو هٿ پڪڙيندا آهن . . . ۽ امرتا وقت جي وير ۾ لڙهندي آهي . . . ان ڪري ننڍڙي ٻار کي دل ۾ سانڍي هلڻ وارا شاعر پنهنجي زندگيءَ انهن لفظن کي ارپين ٿا، جيڪي لفظ هونئن ته بي معنى آهن پر جڏهن شاعر جي دل انهن کي سُٽاءَ ۾ ٿي آڻي ته انهن مان معنى جا درياهه پلٽجي پون ٿا. ڇا شاعرن جي اها مهانتا گھٽ آهي ته هو اُنهن شين کي اهم بنائي ڇڏين ٿا، جيڪي بظاهر اهم ناهن ۽ جيڪي شيون عام طور تي اهم سمجھيون وڃن ٿيو، شاعر انهن جي اهميت کي صرف هڪ سٽ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏين ٿا. . . . . پر انهن شاعرن جي پنهنجي زندگي چنڊ گرهڻ جيان گذري ٿي، ڇو ته انهن جي دل ۽ دنيا جي وچ ۾ شاعري اچي ويندي آهي. اُها جيڪا شاعرن کان هڪ زندگيءَ جو ٻليدان وٺي کين امر زندگي عطا ڪري ٿي . . . |
|
|