|
”ساميءَ جون سنتون“ نالي سان هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ تنوير عباسي جي تقرير. هن مضمون جي اڳين قسط تمام جلد پيش ڪيئي ويندي. (ايڊيٽر) اڄ واقعي اسان تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاهي رهيا آهيون، جو سنت ساميءَ جي نالي ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون. جيئن منهنجي دوست پهريون چيو ته اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪڙي ٽمورتي آهي ـــــــ شاهه، سچل ۽ سامي. جتي ساميءَ جو نالو ناهي، اُتي سنڌ جي ڪلچر جو تصور نٿو ڪري سگھجي. سنڌ جي ڪلچر جو، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جو ۽ سنڌ جي ادب جو تصور تڏهن ڪري سگھجي ٿو، جڏهن شاهه ۽ سچل سان گڏ سامي به شامل آهي ۽ واقعي جيئن اسان جي دوست چيو ته ساميءَ کي اسان وساري ڇڏيو آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا، هڪڙو سبب ته هو غير مسلم هو. جيستائين ڪه اسان جي ٽهيءَ جي اديبن جو تعلق آهي ته مان يقين سان چوان ٿو ته انهن ۾ اهو تعصب موجود ڪونهي. پر تنهن هوندي به گھڻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي سامي ياد آيو، سو ان ڪري ٻيو سبب منهنجي نظر ۾ اِهو ٿو ٿي سگھي ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته سامي ڏاڍو ڏکيو شاعر آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وهڪري جون جيڪي ڌارائون آهن، جنهن ۾ شاهه ۽ سچل اچي وڃن ٿا، سامي ان کان ڪجهه مختلف آهي. هونءَ ته هر شاعر کي پڙهو ته ڄڻ توهان ڪنهن نئين دنيا سان متعارف ٿيا آهيو، ڄڻ توهان ڪنهن نئين شهر ۾ ٿا وڃو. جيئن نئين شهر ۾ وڃبو آهي ته ان جي گھٽين کان، ان جي چونڪن کان ۽ ان جي ماڻهن سان واقف ٿيڻ لاءِ ٿورا ڏينهن لڳندا آهن تيئن ڪنهن نئين شاعر کي پڙهڻ سان ٿورن ڏينهن ۾ ان سان واقفيت ٿيندي آهي. ساميءَ جي ٻولي ڏکي ڪانهي، پر هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. انهيءَ جي ڪري اسان ان تي هريل ناهيون. اسان هريل آهيون سسئي پنهون ۽ عمر مارئي تي، پر ساميءَ وٽ سنڌي لوڪ ڪلاسيڪي ڪهاڻين مان هڪڙو به ڪردار ڪونهي. هن جي دنيا ئي نرالي آهي، هن جو شهر ئي نرالو آهي، رهاڪو ئي نرالا آهن. ساميءَ کي جيڪڏهن اسان پڙهڻ شروع ڪريون ۽ ٻه ـــ ٽي ڏينهن پڙهيوسون ته مون کي پڪ آهي ته سامي اسان کي ايتروئي سولو لڳندو جيترو شاهه لطيف ٿو لڳي يا سچل سائين ٿو لڳي. پر ڳالهه آهي ته ان کي پڙهجي. هاڻي جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه سائينءَ چيو آهي ته: ”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.“ روميءَ چيو آهي ته:
مثنوي و معنوي و مولوي معنى هيءَ جيڪا منهنجي مثنوي آهي، اهو ايراني يا پهلوي زبان ۾ قرآن آهي. شاهه لطيف به پنهنجن بيتن کي آيتون ٿو چئي؛ رومي به پنهنجي شعرن کي قرآن جون آيتون ٿو چئي. سچل سائين به چوي ٿو ته:
من نمي گويم و ليڪن يار مي گويد بگو ساڳي طرح سامي به چوي ٿو ته ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجھه سڻايان.“ ته هاڻي خبر پئي ته اسان جا ٽئي شاعر ڳالهه هڪڙي ٿا ڪن. شاعر جي ٻولي اڻٽر هوندي آهي. اهو جيڪو چوندو آهي اهو ٿيندو آهي. ته انهيءَ رنگ ۾ اچي اسان جا شاعر چون ٿا ته جيئن خدائي ڪلام کي ڪو لوڏو ڪونهي، تيئن اسان جي ڪلام کي به ڪو لوڏو ڪونهي، ۽ انهيءَ ۾ اهي ٽئي شامل آهن: شاهه، سچل ۽ سامي. سامي اسان جي سرزمين سان تعلق رکي ٿو، انهيءَ سرزمين سان صدين کان ويدن جي وائي گونجندي رهي آهي. جيئن چيو اٿائين ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجھه سُڻايان.“ دارا شڪوه پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي.“ مون جيڪو ٿورو گھڻو نماڻو اڀياس ڪيو آهي، ان موجب هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته ”تت توم اسي“، (سڀ اهو آهي). جنهن کي اسان جا صوفي ٿا چون ”هم اوست“. ٻئي هنڌ آهي ته ”ايڪو اهم ٻهون سامي“، معنى هڪ آهيان گھڻا ٿيڻ ٿو چاهيان. جيئن شاهه سائين چيو آهي: وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل. اڃان اڳتي هلو؛ هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته نه ڪو هو ڄائو آهي نه ڪو ڪنهن کي ڄڻي ٿو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي: ”لم يلد ولم يولد“. اڃان اڳتي هلو ته هڪڙي هنڌ آهي ته: هن جھڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: ”ليس ڪِمثلهٖ شيءِ“. ڪابه شيءِ ان جھڙي ڪانهي. ته انهن جي بنيادي تعليم ساڳي آهي، جيئن اسان جا صوفي ٿا چون. پر اهو جيڪو جھيڙو اجايو مت ڀيد جو ۽ جيڪي فساد ٿيا خون ٿيا ته اسان جا ٽئي شاعر شاهه، سچل ۽ سامي انهن ڳالهين جي خلاف هئا. هاڻي ساميءَ جو دور 1743ع کان وٺي 1850ع تائين آهي. سچل سائين به انهيءَ دور ۾ جيئرو هو. 1743ع ۾ سامي ڄائو آهي ۽ 1752ع ۾ شاهه لطيف وفات ڪئي آهي. معنى ته شاهه لطيف جي وفات وقت سامي نون سالن جو هيو. 1843ع ۾ ٽالپرن جو دور ختم ٿيو ۽ سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ آئي، ان کان ست سال پوءِ سامي فوت ٿيو، معنى ته هن ڪلهوڙن جو دور ڏٺو، ٽالپرن جو دور ڏٺو ۽ تنهن کانپوءِ انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هو تمام وڏي عمر جو سؤ سالن کان مٿي هيو. ته اهو سڄو دور آهي جنهن ۾ سامي رهيو آهي. هاڻي جيئن مون توهان کي عرض ڪيو ته ويد هئا، ويدن کان پوءِ اُپنشد. هاڻي برصغير ۾ يا ننڍي کنڊ ۾، اڻورهايل هندستان ۾ ادب ۾ هڪڙي تحريڪ شروع ٿي، جنهن کي چوندا هئا نر گنواد. نر معنى نه، گن معنى خاصيت. معنى خدا جي ڪابه شڪل ڪانهي. عام طور تي چيو وڃي ٿو ته هي بتپرستي ٿا ڪن، هِي ٿا ڪن، هُو ٿا ڪن. پر انهن جي ويدن ۾ يا گيتا ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. ته نرگنواد ادب ۾ جيڪو شروع ٿيو، انهيءَ جو مطلب هو ته محبوب جي ڪابه شڪل ڪانهي، هو شڪل کان بي نياز آهي. تنهن کان پوءِ هڪڙي ٻي تحريڪ شروع ٿي ادب ۾، جنهن جو نالو هو ناٿ پنٿي. نه رڳو ادب ۾ اها تحريڪ شروع ٿي پر اها عوامي تحريڪ هئي. ناٿ پنٿي جوڳي چوندا هئا، جن کي گيڙو ڪپڙا هوندا هئا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا صوفي گيڙو پوشاڪ پائي گھمندا آهن. ته ناٿ پنٿ ڇا هو، ٿورو ان تي مان ڳالهايان. ڇو ته هي سڄو پس منظر آهي ساميءَ جي شاعري جو. شاهه لطيف چيو آهي ته: ”جي ڪين قبولڻهار هلو ته تڪيا پسون تن جا.“ ڪين قبولڻهار، ڪنهن به ڳالهه ۾ Beleive نه ڪن. ٻَڌ کان پڇئون ته موت کان پوءِ ڇا آهي؟ چيائين ته اها ڳالهه مون کان نه پڇو، ڇو ته ان ڳالهه کي اسان سمجهي ڪونه ٿا سگهون. مون کان پڇو ته حياتيءَ ۾ ڪيئن گذر ڪرڻ گھرجي. اها آهي Agnosticism ته گوتم ٻڌ ته ڪونه مڃيندو هو ڪنهن ڳالهه کي. جڏهن گوتم ٻڌ فوت ٿيو ته ان جي مورتي ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيائون، حالانڪ هو مورتيءَ جي پوڄا کي نه ڪو مڃيندو هو نه ڪو اعتبار ڪندو هو. تنهن کان پوءِ گوتم ٻڌ جا سڀ سَڌَ، جيئن مسلمانن ۾ خليفا ٿيندا آهن، جيئن رسول ڪريم جو پهريون خليفو، ٻيو خليفو، تيئن گوتم ٻڌ جو پهريون سڌ، ٻيو سڌ، ٽيون سڌ، اهڙي طرح سان بجرياني سڌ، جيڪو هن جو سلسلو آهي، ان جو ٻٽيهون سڌ هو ”گرو گورکناٿ“. انهيءَ گورکناٿ اچي، اها ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي. انهيءَ ناٿ پنٿي تحريڪ ۾ هن اها ڳالهه چئي ته بابا! گوتم ٻڌ پاڻ جن ڳالهين کي نه مڃيندو هو يا اعتبار نه ڪندو هو، اهي ساڳيون ڳالهيون پاڻ ڪيون ٿا پيا مورتي پوڄا جون. انهيءَ ڪري ان کي ڇڏيو. انهيءَ ناٿ پنٿ جا جوڳي جيڪي هئا سي سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويا، سنڌ ۾ به آيا. اسان پاڻ اکين سان ڏٺا پاڪستان کان اڳ ۾. انهن جوڳين کي گيڙو ڪپڙا پهريل هوندا هئا، جن جي لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته: ”ڪن پٽ ڪا پٽ ڪاپڙي، ڪن وڍيا ڪن چير“ ڪنن ۾ چير هوندا هين، ڪنڊل پيا هوندا هين وڏا، ڪشتو هوندو هين پنهنجي گودڙيءَ ۾، نه هندو نه مسلمان، ڪو به تعصب ڪونه هوندو هين ۽ اهي تبليغ ڪندا ها ۽ گھمندا وتندا ها. شاهه لطيف خود انهن ناٿ پنٿي جوڳين سان ڪافي عرصو رهيو ۽ شاهه لطيف هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:
لُنگ ڪڍيائون لانگ موٽي مَ
مسحو معنى ته هن کي سڄي خبر هئي ناٿ پنٿي تحريڪ جي، ته انهيءَ ناٿ پنٿ سنڌ تي وڏو اثر ڪيو ۽ جيئن مون هاڻي اوهان کي ٻڌايو ته سنڌ جا صوفي جيڪا پوشاڪ ڪن ٿا گيڙوءَ رنگ جي، اها ناٿ پنٿين جي نشاني آهي. هاڻي اچو ته ڏسون سامي انهن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي: هڪڙي هنڌ چوي ٿو:
پٿر پوڄا ڪن ديو نه ڏسن ديهه ۾ ته اها آهي ناٿ پنٿين جي تحريڪ ته پٿر جي پوڄا نه ڪيو، پنهنجي پرين کي پنهنجي من ۾ پسو. ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:
حيرت ۽ هاسي اچي هڪ اچرج تي ساڳي طرح هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته هاڻي هي شعر نر گنواد جو آ ته:
ديوي ۽ ديوا مورک پوڄن مت ريءَ اڀيرا معنى ڀيد جي، بنا رنگ جي، بنا ڊول جي. معنى جيڪو آ ان جي ڪابه شڪل ڪانهي، ان جو ڪوبه رنگ ڪونهي، ان جو ڪوبه ڊول ڪونهي، ته اهو آهي نرگنواد. هاڻي مون جيئن ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌايو، گورکناٿ جي باري ۾ ته سامي پاڻ به گورکناٿ کي ياد ڪيو آهي:
جنين ٻڌو ناد گرو گورکناٿ جو وري ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:
گورک وڄائي سنڱي سهڪا ڪاش هي اُهي بيت هئا جيڪي ساميءَ گورکناٿ جي باري ۾ چيا آهن.
|
|
|