|
هاڻي اچو ته ڏسو ته ڪي ڪي بيت اهڙا به آهن، جي هڪٻئي سان ملن ٿا. ڇو ته اهي ٽيئي شاعر ساڳئي ئي دور سان واسطو رکن ٿا. سچل ۽ سامي ته ذري گھٽ هڪٻئي جا همعصر يا سهيواڳي هئا. هاڻي جيئن آهي ته:
او ِديا رَن لُٽي ٿي خاص خزانو
سڀ جو هتي پنج پيادا آهن: ڪام، ڪروڌ لوڀ، موهه ۽ اهنڪار. جيڪي پنج انسان جا دشمن ٿا چون، هاڻي اهو ساڳيوئي بيت آهي ”اوديا رن لُٽي“، جيئن ڀٽائي چيو آهي ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال ته لاهوتي لنگهي ويا.“ ته هيءَ اوديا رن به ساڳي آهي، جيڪا ڇوري ڇال ٿي ڏئي ڀٽائي وٽ. ٻئي هنڌ آهي ته:
مورک واد ڪئي پنڊت ڄاڻي پاڻ کي ته اهو ساڳيوئي بيت آهي، جيئن ڀٽائي جو عام طور اوهان ٻڌو هوندو ته: ”اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.“ وري ٻيو به هڪڙو اهڙو بيت آهي ته:
پنا ڪوهه پڙهين اٿي حرف حقيقت
هيڪڙو سچل سائين چيو آهي ته:
سچل سائين صحي ڪري ڄاتم يار
مليو ڪک پن ۾ سامي ٿو چوي ته:
ترڻ اولي ڀڳوان مورک ڦولي دهه
دَسا هاڻي ٻيو هڪڙو بيت آ ته:
مورکن ميڙي ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا شهه رڳ کان نيڙي معنى جيڪو قرآن ۾ آ ته: ”ونحن اقرب من حبل الوريه“. معنى هو توهان کي شهه رڳ کان به ويجھو آهي ته اها ساڳئي ڳالهه ساميءَ به چئي آهي. هاڻي ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:
موٽي ڪيئن مٽي وڃي سامي سندو
سُور اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جيئن سچل سائين چيو آهي ته: چاڪر ٿيس نه ڄاڻان ڇا کان؟ سهي هيس سلطان. ٻيو هڪڙو شعر آ ته:
چريا سي چئجن جي پاڻ پڇاڻن
ڪينڪي اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جو سچل سائين چيو آهي ته: پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون آهين مالڪ ملڪ جو. هاڻي وري ٻيو آ، جنهن ۾ آهي:
حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي ساڳيو ئي بيت سچل جو ته: ”مڇلي پُڇي آب کي، آب پُڇي طغيان.“ يا هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته: ”مڇلي آب ڪئون هي غافل پاڻي ڪهه ڪهه روئي.“ ٻيو وري جيئن توهان کي ٻڌايم ته لم يلد و لم يولد. ته اهو آهي ته:
نه ڪي جيءُ مري نه ڪي اچي گرڀ
۾ اهڙوئي هڪ بيت آهي، شاهه لطيف جو ته: نه ڪنهن ڄايو ڄام نه ڪنهن ڄاپيو ڄام. ته اِهي عجيب ڳالهيون آهن. جيئن اسان جي انهن ٽنهي شاعرن جي سوچ ساڳي آهي. ان کان پوءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه لطيف مذهب جي نالي ۾ استحصال ڪندڙ طبقي جي باري ۾ بيت چيا آهن. سچل ته تمام گھڻو انهن کي کُلي ڳالهايو آهي. سامي به پنهنجي پنڊتن جي باري ۾ ٿو چئي ته:
پوتر پلالي ڪوڙين گھمن
ڪيترا گھڻائي بيت آهن، مان رڳو ٻه ٽي مثال طور اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چونڊيا آهن:
پڙهي ويد قرآن پنڊت ٿيا ڪيترا يعني اهي جيڪي ويد پڙهي پنڊت ٿا ٿين، اهي پرينءِ کي نٿا ڏسن. اهڙا انڌا آهن، اهڙا غلطان آهن، مايا جي موهه ۾. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته: گولا جي گراهه جا جوٺا سي جوڳي.
ته جيئن
مون پهريون عرض ڪيو ته انهن ٽنهي شاعرن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگھجي. انهن جو
فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو هو، انهن جي زبان ساڳي هئي
۽ انهن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو ته سنڌ ساميءَ کان سواءِ
اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي. ساميءَ کي اسان جيستائين اها
اهميت نه ٿا ڏيون تيستائين اسان کي اِها هام نه هڻڻ گھرجي ته اسان ڪو سنڌيءَ شاعري
جو پورو مطالعو ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن ليڪچر کان پوءِ اڃا به دوست
ساميءَ کي وڌ اهميت ڏيندا ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڪو سٺو سيمينار ڪرائيندا، جتي اسان جا
ڪافي عالم ۽ اديب اچن ۽ ساميءَ تي ڳالهائين. مان وري به توهان سڀني جو ٿورائتو
آهيان، جو منهنجي خيال ۾ تمام تڪڙ ۾ مون کي هن ليڪچر لاءِ تيار ٿيڻ پيو. رڳو ٻه
ڏينهن مون کي مليا، ڇو ته مان ڪجهه عرصو ٻاهر ويل هوس. بهرحال جيڪو حال هيو، توهان
جي آڏو حاضر ڪيم. (سنڌي ادبي سنگت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ ڏنل ليڪچر. جولاءِ 1988)
|
|
|