سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

تنوير عباسي                    قسط 2

 

هي قسط اڳين قسط جو ئي تسلسل آهي. جيڪڏهن توهان پهرين قسط نه پڙهي آهي ته پهرين اُهائي پڙهو، پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو. ”ساميءَ جون سنتون “ نالي سان هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ تنوير عباسي جي تقرير.

 

    هاڻي اچو ته ڏسو ته ڪي ڪي بيت اهڙا به آهن، جي هڪٻئي سان ملن ٿا. ڇو ته اهي ٽيئي شاعر ساڳئي ئي دور سان واسطو رکن ٿا. سچل ۽ سامي ته ذري گھٽ هڪٻئي جا همعصر يا سهيواڳي هئا. هاڻي جيئن آهي ته:

او ِديا رَن لُٽي ٿي خاص خزانو سڀ جو
جوڙي جيئن کي ٻڌي گھيڙٽ ساڻ گھُٽي
پيادا پنج بڇي ڪري راتيون ڏينهن ڪُٽي
ڪو سامي سنت ڇُٽي ڪري حمايت هَرَ جي.

    هتي پنج پيادا آهن: ڪام، ڪروڌ لوڀ، موهه ۽ اهنڪار. جيڪي پنج انسان جا دشمن ٿا چون، هاڻي اهو ساڳيوئي بيت آهي ”اوديا رن لُٽي“، جيئن ڀٽائي چيو آهي ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال ته لاهوتي لنگهي ويا.“ ته هيءَ اوديا رن به ساڳي آهي، جيڪا ڇوري ڇال ٿي ڏئي ڀٽائي وٽ. ٻئي هنڌ آهي ته:

مورک واد ڪئي پنڊت ڄاڻي پاڻ کي
ٻڌايائين سڀ کي چارئي بيت چئي
سامي سار سروپ کي ڪيائين ڪين سهي
ويڙو پاڻ وهي ڏئي هٿ ٻين کي.

    ته اهو ساڳيوئي بيت آهي، جيئن ڀٽائي جو عام طور اوهان ٻڌو هوندو ته:

”اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.“

    وري ٻيو به هڪڙو اهڙو بيت آهي ته:

پنا ڪوهه پڙهين اٿي حرف حقيقت هيڪڙو
پاڻي منجهه منهن مهراڻ ۾ اندر ڇو نه اڙين
ڪلفت ڪڍي جيءَ مان سامي سير چڙهين
ناحق ڪوهه گھڙِين اڻ هوندا گھاٽ ۾.

    سچل سائين چيو آهي ته:

سچل سائين صحي ڪري ڄاتم يار مليو ڪک پن ۾
                                  محبوب ڳولي ڏس من ۾

    سامي ٿو چوي ته:

ترڻ اولي ڀڳوان مورک ڦولي دهه دَسا
سمجهه نه رکي جيءَ ۾ جيئن ٻالڪ نادان
سامي سر تي ڀان اونڌو ڏسي ڪينڪي.
                                                   
(ترڻ معنى ڪک، ڏهه پاس ٿو ڳولي)

    هاڻي ٻيو هڪڙو بيت آ ته:

مورکن ميڙي ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا
سامي لوڀ لهر ليا ره بنا ريڙهي
عاشق چڙهيا اڇ تي ورق سڀ ويڙهي
شهه رڳ کئون نيڙي سُتهه ڏسين سپرين.

    شهه رڳ کان نيڙي معنى جيڪو قرآن ۾ آ ته: ”ونحن اقرب من حبل الوريه“. معنى هو توهان کي شهه رڳ کان به ويجھو آهي ته اها ساڳئي ڳالهه ساميءَ به چئي آهي. هاڻي ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

موٽي ڪيئن مٽي وڃي سامي سندو سُور
پُٺي ڏيئي پاڻ کي مالڪ بڻيو مزور
ڏسي نرمل نور نانا کنئون نروار ٿيو

    اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جيئن سچل سائين چيو آهي ته:

چاڪر ٿيس نه ڄاڻان ڇا کان؟ سهي هيس سلطان.

    ٻيو هڪڙو شعر آ ته:

چريا سي چئجن جي پاڻ پڇاڻن ڪينڪي
ڳالهيون ڀلن جون ٻڌي مرم نه رکن من
پنهنجي ڳچيءَ پاڻهي جوڙي سِيلَ وجھن
سامي ڪين ڏسن جھاتي پائي گھر ۾.

    اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جو سچل سائين چيو آهي ته:

پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون آهين مالڪ ملڪ جو.

    هاڻي وري ٻيو آ، جنهن ۾ آهي:

حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي
ساهه ڦولي آتما کنڊ کي پتاشو
گهڻو ڍونڍي سونَ کي مٽيءِ کي ڪاسو
پاڻي پياسو سامي رهي نت نهر جو.

    ساڳيو ئي بيت سچل جو ته:

”مڇلي پُڇي آب کي، آب پُڇي طغيان.“

    يا هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

”مڇلي آب ڪئون هي غافل پاڻي ڪهه ڪهه روئي.“

    ٻيو وري جيئن توهان کي ٻڌايم ته لم يلد و لم يولد. ته اهو آهي ته:

نه ڪي جيءُ مري نه ڪي اچي گرڀ ۾
نه ڪي ٻڏي جل ۾ نه ڪي اگن جري
رهي اليپ آڪاش جيان توڙي روپ ڌاري
سنتن صحيح ڪري ساک ڏني سامي چئي

    اهڙوئي هڪ بيت آهي، شاهه لطيف جو ته:

نه ڪنهن ڄايو ڄام نه ڪنهن ڄاپيو ڄام.

    ته اِهي عجيب ڳالهيون آهن. جيئن اسان جي انهن ٽنهي شاعرن جي سوچ ساڳي آهي. ان کان پوءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه لطيف مذهب جي نالي ۾ استحصال ڪندڙ طبقي جي باري ۾ بيت چيا آهن. سچل ته تمام گھڻو انهن کي کُلي ڳالهايو آهي. سامي به پنهنجي پنڊتن جي باري ۾ ٿو چئي ته:

پوتر پلالي  ڪوڙين گھمن ڪيترا
ڳالهيون ڪن زبان سان خلوت جون خالي
جاڳي ڏسن ڪينڪي خاوند خيالي
لونءَ لونءَ ۾ لالي سامي تنهن سروپ جي.

    گھڻائي بيت آهن، مان رڳو ٻه ٽي مثال طور اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چونڊيا آهن:

پڙهي ويد قرآن پنڊت ٿيا ڪيترا
ڳالهيون ويدن جون ٻڌي ڪن اندر ۾ المان
ڏسن ڪين اکين ريءَ انڌا اليئه ڀان
سدا رهن غلطان سامي مايا موهه ۾.

    يعني اهي جيڪي ويد پڙهي پنڊت ٿا ٿين، اهي پرينءِ کي نٿا ڏسن. اهڙا انڌا آهن، اهڙا غلطان آهن، مايا جي موهه ۾. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

گولا جي گراهه جا جوٺا سي جوڳي.

    ته جيئن مون پهريون عرض ڪيو ته انهن ٽنهي شاعرن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگھجي. انهن جو فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو هو، انهن جي زبان ساڳي هئي ۽ انهن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو ته سنڌ ساميءَ کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي. ساميءَ کي اسان جيستائين اها اهميت نه ٿا ڏيون تيستائين اسان کي اِها هام نه هڻڻ گھرجي ته اسان ڪو سنڌيءَ شاعري جو پورو مطالعو ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن ليڪچر کان پوءِ اڃا به دوست ساميءَ کي وڌ اهميت ڏيندا ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڪو سٺو سيمينار ڪرائيندا، جتي اسان جا ڪافي عالم ۽ اديب اچن ۽ ساميءَ تي ڳالهائين. مان وري به توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جو منهنجي خيال ۾ تمام تڪڙ ۾ مون کي هن ليڪچر لاءِ تيار ٿيڻ پيو. رڳو ٻه ڏينهن مون کي مليا، ڇو ته مان ڪجهه عرصو ٻاهر ويل هوس. بهرحال جيڪو حال هيو، توهان جي آڏو حاضر ڪيم.
                                                                                            ـــــــــــــ مهرباني.

(سنڌي ادبي سنگت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ ڏنل ليڪچر. جولاءِ 1988)


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net