|
شاه حبيب جي وفات کان پوءِ، کيس شاه جي هدايت موجب، محمود فقير جي سيرانديءَ کان
دفن ڪيائون. هاڻي مقبري مٿان گنبذ ٺهيل آهي. اِهو گنبذ شاه صاحب جي مقبري کان اتر
طرف اَٺن نون وکن جي مفاصلي تي آهي. شاه حبيب سنه 1842ع ۾ وفات ڪئَي. اها تاريخ
محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان نڪري ٿي: اَلموت جسر يوصل الحبيب ليى لقاءِ
الحبيب“ يعني موت هڪ پل آهي، جنهن تان هڪ دوست لنگھي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.
شاه صاحب، پيءُ جي وفات کان پوءِ، رڳو ڏهه ورهيه زنده رهيو. پيءُ جي گذرئي کان پوءِ
اٽالي سميت، ڪوٽڙي ڇڏي، وڃي ڀٽ تي رهيو. سندس هاڪ، هينئَر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي،
۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، سندس ديدار لاءِ آيا ٿي.
وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري هوندو هو. دهليءَ جا ٻه مشهور گويا، اَٽل ۽ چنچل
به، اَچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. راڳ، شاه صاحب جي جان هو. موسيقي يا گائن وديا جو
ڪامل ڄاڻو هو. پاڻ به پنهنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ،
گھڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. ”سر سهڻي“ جي پهرئين داستان کان پوءِ اَچي ٿي.
ڪهڙي منجھه
حساب؟ هئَڻ منهنجو هوت ري لا!.......
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سڪ ٿيس ته ڪربلا جي زيارت ڪري اچان. قضا سان واٽ ۾ هڪ خدا
رسيدو مريد گڏيس، جنهن چيس ته ”سائين سڳورا! اوهين ماڻهن کي چوندا آهيو ته اوهانجو
ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو، پوءِ هينئَر ڪئين پڇاڙيءَ جي وقت هيڏي سفر تي نڪتا آهيو؟“ شاه
جي دل ۾، اِهي سخن تير مثل پيهي ويا، ۽ هو ڪربلا شريف جي زيارت جو خيال ترڪ ڪري، ڀٽ
ڏانهن واپس وريو. ڀٽ تي پهچڻ سان، ڪارو ويس ڪري، امامن جي ماتم ۾ ”سر ڪيڏارو“
چيائين. پورا ايڪيهين ڏينهن ايڪانت ۾ رهيو، ۽ اُنهيءَ عرصي ۾، ٻن ويلن جيتري ماني
مس کاڌائين. جڏهين ٻاهر نڪتو، تڏهين غسل ڪري هڪ چادر
مٿان وجھي، مراقبي ۾ ويهي رهيو. پوءِ سرود ۽ سماع جو اِشارو فرمايائين. ٽي ڏينهن
برابر فقيرن جو راڳ روپ پئي هليو. آخر راڳ ختم ٿيو، پوءِ شاه صاحب جي ويجھو ڇا وڃي
ڏسن ته سندس روح مبارڪ پرواز ڪري، وڃي رب سان مليو هو! شاه صاحب صفر مهيني جي
چوڏهين تاريخ سنه 1125هه مطابق 1752ع ۾ جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر، حضرت محمد
صلعم ۽ حضرت عليءَ جي عمر جيتري ٿي يعني 63 ورهيه.
شاه صاحب جو لاش مبارڪ، سندس وصيت موجب، ڀٽ تي، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو
ويو. ميان غلام شاه ڪلهوڙي، پنهنجي خرچ سان، سندس تربت مٿان سنه 1754ع ۾، هڪ
عاليشان مقبرو، وقت جي نامياري عيدن رازي کان جوڙائي راس ڪرايو. ميرن جي صاحبيءَ ۾
مير نصير خان، انهيءَ مقبري ۽ مسجد جي عمدي مرامت ڪرائي. سندس سوٽ مير محمد خان،
قبي کي چانديءَ جو دروازو وجھايو. جو اڄ تائين قائم آهي. دروازي مٿان، توڙي ديوارين
تي، ڪيترائي سهڻا فارسي بيت نقش ڪيل آهن، جن مان شاه صاحب جي وفات جي تاريخ ملي ٿي.
شاه جي تربت سڳوري، هينئَر عام و خاص لاءِ هڪ زيارتگاهه آهي. اُن جو ديدار، قلب کي
آرام ڏيندڙ آهي.
ساري رات
سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙيين ڪن سلام، آڳهه اَچيو اُن جي.
هر جمع رات، ڀٽ شريف تي، فقير، شاه صاحب جو ڪلام ڳائيندا آهن. ڪلام، رات جو ڏهين
بجي ڌاري شروع ٿيندو آهي، ۽ صاف صبوح تائين هلندو آهي.
شاه جو رسالو ڪلام، وجد واري حالت ۾ چيل آهي. شاه صاحب جڏهين انهيءَ حالت ۾ ايندو
هو، تڏهين ويندو هو شعر چوندو، جو سندس فقير بر وقت قلم بند ڪندا ويندا هوا. هڪ
روايت آهي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ، سارو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ داخل ڪري ڇڏيائين، ڇو ته
اهو خيال اچي ٿيس ته متان ماڻهو سندس رمزون نه سمجھي، وڃي گمراهيءَ ۾ پون. چون ٿا
ته شاه جي ائين ڪرڻ تي، فقيرن کي ماتم وٺي ويو، ۽ پاڻ مٿن رحم آڻي، هڪ مريدياڻي،
مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اهو لکرائي ڇڏي. چون ٿا ته اِنهيءَ
مائي کي شاه جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد هو. پوءِ انهيءَ نئين سر تيار ٿيل رسالي کي
”گنج“ ڪري سڏيائون ۽ تمر فقير جي حفاظت ۾ ڇڏيائون. فقير جا پويان اڃا تائين اُنجي
حفاظت ڪندا اچن.
شاه صاحب جو ڪلام، سندس سيرت جو آئينو آهي. جن ۾ گڻن کي پنهنجي ڪلام ۾ واکاڻيو اٿس،
تن مڙني جو مجسم هو. سندس متو هو هر حال ۾ تواضع ۽ خاڪساري ڪرڻ ۽ ”سڀني سين، من
ماري ميڻ“ ڪرڻ. جيڪي خاڪ ۾ ڏٺائين ، سو عالم جي ٻي ڪنهن به شي ۾ نه ڏٺائين: سو نه
ڪنهن شي ۾، جيڪي منجھه تراب. شاه صاحب جي واٽ، نيستيءَ واري هئَي، نه هستي واري.
نيستيءَ ۾ هستي ۽ نابوديءَ ۾ بود ڏٺائين. شاه صاحب کائيندو پيئندو ۽ پهريندو سادو
هو. اِلاهي محبت ۾ رڱيلن جي، نه ڪڏهين پوشاڪ سان پيئَي آهي، نه خوراڪ سان. شاه صاحب
جي، ظاهري لباس، سينڌ سرمي ۽ ٺاه ٺوه سان نه پوندي هئي.
شاه صاحب جي پوشاڪ، ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙوءَ رتي ڪفني هوندي هئي. مٿي تي سفيد
رنگ جي وڏي ٽوپي يا ڪلاه ۽ اُن جي مٿان ڪاري رنگ جي ڪپڙي جو ٽڪر ويڙهيل هوندو هوس.
هٿ ۾ جوڳين جي بيراگڻ جھڙي لٺ کڻندو هو. کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڪشتو يا ڪشڪول هوندو
هوس. اهي شيون اَڃان تائين ڀٽ شريف تي پوري حفاظت ۽ احترم سان سانڍيل آهن. پور
هوندو هوس ته جتي پائيندو هو، نه ته پيرين اگھاڙو پنڌ ڪندو هو. اوچي بستري تي نه،
پر هڪ پراڻيءَ کٿائينءِ گودڙي تي سمهندو هو. ڪڏهين به ڪنهن دنيوي فرحت کي اوڏو نه
ويو. ننڊ به نهايت ٿوري ڪندو هو. جھڙيون رياضتيون شاه صاحب ڪڍيون، تڙيون ڪنهن ورلي
ڪڍيون هونديون. سمهندو به هڪ صندل تي هو، جو اڃان تائين موجود آهي.
شاه، لاطمع به هڪڙو ئي هو. ڪڏهين به ڪنهن جو ٿورو کڻڻ نه چاهيندو هو. پاڻي به
پنهنجن هٿن سان ڀري پيئندو هو، ڇو جو ڪنهن کي پاڻي آڻڻ جو چوڻ به، سندس خيال ۾ سوال
۾ داخل هو.
چون ٿا سندس هڪ مريد، هر سال جڏهين زيارت لاءِ ايندو هو، تڏهين هڪ کٿو پاڻسان
نذراني طور آڻيندو هو. هڪ سال، مسڪينيءَ سببان، ويچارو کٿو ڳنهي نه سگھيو، تنهنڪري
شاه صاحب وٽ لڄ وچان آيو ئي ڪين. ٻئي سال، دستور موجب کٿو کڻي، شاه صاحب وٽ آيو.
شاه صاحب پڇيس ته ”پر سال ڇو نه منهن ڏيکاريءِ؟“ جواب ڏنائين ته ”پر سال توفيق نه
هيم جو سائين جن لاءِ کٿو ڳنهي کڻي اچان؛ چيم ته هٿين سکڻو ڪئين اچان“. اِنهيءَ تي
شاه صاحب فرمايو ته ”اهو کٿو ئي گھوريو، جو دوست کي دوست کان سڪائي.“
شاه صاحب جو قلب نهايت ڪومل هو. نه رڳو انسان ذات لاءِ، پر پکين ۽ پسن سان اٿاه قرب
هوس. حياتيءَ ۾ ڪڏهين ڀُلئي ڀُلائي به، ڪنهن پرندي ۽ پسونءَ کي ڪو ڏک نه رسايائين.
شڪارين کي اَجل جي يادگيري ٿو ڏياري، جئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن. (اها،
عام اِنسانن لاءِ به، هڪ هدايت آهي.)
شڪار تون
شهباز جو، تون تان منجھه شڪار!
ڪونجڙين کي شڪار ٿيندو ڏسي، سندس هردو درد کان رجيو ٿي. اُنهن معصومڙين جي هردي مان
ڄڻ پيهي نڪتو هو. ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ وقت، اَندر ۾ اُهو ئي وڍ پيو پوين، ته سندس
پٺيان، سندن ٻچا ڪئَين ڪندا.
ڪونجيون
ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون،
ٻچا پوءِ
اُٿن، وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونجڙين کي
اندر ۾ وڍ پوندا ڏسي، سندس اندر جا به چاڪ ٿي چڪيا. اُنهن جي فراق وارين دانهن،
سندس فراق جا ڦٽ آلا ٿي ڪيا:
ڪونجڙي
ڪالهه لنئَين، سڄڻ وڌم چت،
آئون جنهن
ريءَ هت، گھنگھر گھاريان ڏينهڙا.
دل ايتري قدر ته نرم هيس، جو ڪهل وچان ٻن ڪتن کي پنهنجي هٿن سان پاليو هوائين، ڇو
ته انهن جي ماءُ، کين نڌڻڪي حالت ۾ ڇڏي ويئي هئي. اُنهن مان هڪ کي ”موتي“ ۽ ٻي کي
”کينهو“ ڪري سڏيندا هوا.
شاه صاحب نهايت پرهيزگار ۽ پاڪدامن هو. مجازي عشق ڪمايائين، پر اُن ۾ اَٽڪي بيهي نه
رهيو. شاديءَ کان پوءِ، پنهنجي تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم وانگر، ڇڙائيءَ جي واکاڻ ڪندو
هو. راڳ تي ايتري قدر ته مفتون هو، جو وصال به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سارو وقت وٽس سرود
۽ سماع لڳو ئي پيو هوندو هو. سماع هلندي، سر جي سمڪ نه هوندي هيس. تندن جي تانن ۾
روحاني راز پروڙيائين.
تان نه آهي
تند جو، رون رون ڪري راز.
راڳ جو سچو
قدر ”سر سورٺ“ ۾ ڪيو اَٿس. راڳ جي عشق جي لحاظ کان، راءِ ڏياچ، شاه پاڻ آهي.
شاه صاحب وڏي ڏيا ۽ حشمت جو صاحب هو. سندس حضوريءَ ۾ ڪنهنکي به ڪا گستاخي ڪرڻ جي
مجال نه هئي. هميشه ڳورو ۽ ڳنڀير گذاريندو هو. البت، وڳند يا ورو فقير سان، وقتي
چرچا گھٻا ڪندو هو. ”سر بلاول“ ۾ انهي ”جسم ۾ جڏي“ فقير سان چڱو مذاق ڪيو اَٿس.
شاه صاحب جي هن جڏڙي سان اهڙي ڪا خاطر هئي، جو هنجي صدقي، ظريفاڻو شعر به چيو اَٿس.
وڳند کي گھڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد فرمايو اَٿس: ”نسورو ئي نرڳ“، ”بي نماز“،
”ڪلاٺ“، ”نرڳي“. هنجي گدائيءَ ۽ پيٽوڙ پائيءَ تي چڱائي چرچا گھٻا ڪيا اٿس. اهو فقير
ڪوٽڙيءَ جو ئي هو. ٻيا فقير، جي شاه صاحب جي مريدن ۾ داخل هوا، سي هوا: تمر فقير،
سندس خاص خليفو، جنهنجو اولاد اڄ ڏينهن تائين سندس درگاه جو مجاور آهي؛ محمود شاه،
جو اَميري ترڪ ڪري فقير ٿيو هو، ۽ جنهن لاءِ شاه صاحب کي ايڏي عزت هئي، جو پنهنجي
تربت، هنجي پيرانديءَ کان ڪرڻ جي وصيت ڪئي هوائين؛ شاه عنايت، هڪ وڏي زميندار جو
پٽ؛ ميون هاشم علوي ريحان جو پوٽو، جو راڳيندڙ به هو ۽ لکپڙه جو ڪم به ڪندو هو؛ ۽
بلال، جنهن سان ايڏي محبت هيس، جو ڪڏهين ڪڏهين هنجي ملاقات لاءِ هنجي ڳوٺ ڪهي ويندو
هو.
شاه کي ڪامل درويشن سان رهاڻين ۽ ملاقاتن ڪرڻ جو شوق هو ۽ اڪثر پاڻ وٽن ڪهي ويندو
هو. شاه جي زماني ۾ سنڌ ۾ گھڻيئي ڪامل فقير هوا. شاه صاحب پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾
گھڻن ئي الله لوڪن سان ملاقاتون ۽ رهاڻيون ڪيون. ڦوه جوانيءَ جي زماني ۾ شاه عنايت
جھوڪ واري سان ملاقات ڪيائين. چون ٿا ته شاه عنايت کيس ڏسندي ئي هيٺيون بيت چيو. ان
۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ وارين مشڪلاتن جو شير دليءَ سان مقابلو ڪرڻ بابت هدايت
فرمايل آهي.
ڏسي ڏونگر
ڏار، متان هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
ڪي
مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
پويون پائج
پرينءَ کي، حقيقت جو هار،
سِگھي
لهندءِ سار، آريچا عنايت چئي.
شاه صاحب
جواب ۾ هيٺيون بيت فرمايو:
پسي ڏونگر
ڏاه! جم هلڻ ۾ هيڻي وهين،
لانچي لڪ،
لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج،
سسئي! بلوچاڻي باه،
اِن وڙائتي ور جي، آسر هڏ م لاه،
جو اکنئَون
اوڏو آه، سو پرين پرانهون م چَئو.
شاه عنايت شهيد جي شهادت وقت، شاه ايڪٽيهه سالن جو هو. خواجه محمد زمان لواريءَ جي
ملاقات لاءِ به پاڻ ڪهي ويو هو، جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان، خواجه صاحب، شاه صاحب کان
گھڻو ننڍو هو. شاه صاحب خواجه صاحب جي ڪماليت کان اهڙو ته متاثر ٿيو هو، جو جڏهين
به وٽس هن صاحب جو ذڪر نڪرندو هو، تڏهين از خود زبان مان هي بيت ڇٽي نڪرندو هو:
مون سي ڏٺا
ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگھان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالڙي.
شاه صاحب، مخدوم محمد معين، ٺٽي جي مشهور عارف وٽ گھڻو ايندو ويندو هو. مخدوم صاحب،
جو ”اويسيه“ نالي رسالو لکيو، سو به شاه صاحب جي اِستدعا تي، ڇو جو شاه صاب جو
اويسي طريقي سان خاص پيوند هو. بلڪ اِئين چئجي، ته شاه صاحب پاڻ هڪ اويسي عارف هو.
شاه صاحب جي مرشد جي ڪل، ڪنهن کي به نه رهي آهي؛ هو صاحب، رياضتن ۽ ڪشالن جي ذريعي
ئي، روحاني ڪماليت کي رسيو.
”تحفت الڪرام“ ۾ آيل آهي ته جڏهين مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهين شاه
صاحب پنهنجن فقيرن کي فرمايو ته ”هلو ته پنهنجي دوست سان پڇاڙيءَ جي ملاقات ڪري
اچون.“ فقيرن اُتي پهچي سماع شروع ڪيو. مخدوم صاحب تي سماع جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو
هو ذوق ۽ حال ۾ اچي، پنهنجي حجري ۾ هليو ويو، ۽ ساعت کان پوءِ سندس روح وڃي حق سان
هڪ ٿيو.
شاه صاحب جي، سچل فقير جي ڏاڏي ميان صاحب ڏني سان به ملاقات ٿي. هن صاحب اُن وقت
کٻڙن جي ويڙهه ۾ لڪائي ويٺي رياضت ڪڍي. شاه صاحب کيس ڏسي فرمايو ته ”يار کي لڪائڻ
نه گھرجي، پر هنکي ٻاهر آڻجي.“ اِنهيءَ تي هُو صاحب ٻاهر نڪري آيو. وري ٻئي دفعي
جڏهين درازن ۾ آيو، تڏهين پنجن ورهين جي ٻالڪ سچل کي ڏسي فرمايائين ته ”اسان جيڪو
ڪنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هي لاهيندو.“
چون ٿا ته مخدوم دين محمد صديقي سيوهاڻيءَ جي به، شاه صاحب سان گھاٽي دوستي هوندي
هئي. انهيءَ ڪري، شاه صاحب جو، گھڻيئي دفعا، سوهڻ ۾ وڃڻ ٿيو. ٻنهي جي پاڻ ۾ ايڏي ته
محبت هئي، جو هڪ لڱا، پاڻ ۾ دستارون بدلائي، پڳ مٽيا يار بڻيا هوا.
شاه صاحب جي، مدن ڀڳت سان به، گھاٽي پريت هئي. مدن صاحب، ڪوٽڙي مغل جو ويٺل هو، ۽
وڏي پهچ وارو فقير هو، شاه صاحب، هن هندو صوفيءَ سان به چڱيون رها”يون ڪيون.
شاه جو روحاني طريقو ڪهڙو به هجي؛ سندس ڪلام مان ظاهر آهي ته هو مذهبي اِختلافن کان
مٿي هو؛ هر شئيءَ ۾ حق جو جلوو پسندڙ هو.
ڏسڻ ڏسين
جي، ته همه کي حق چوين.
شاه صاحب
نڪي هو شيعو، نڪي هو سني. هڪ لڱا، سوال پڇيو ويس ته ”سائين، اوهين سني آهيو يا
شيعا؟“ جواب ۾ فرمايائين ته ”آهيان به اهو ڪي ڪين.“
پڇيو ئي
جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو
هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
اگرچه باطن ۾ هڪ صوفي عارف هو، ته به ظاهري طرح، ماڻهن جي صحيح هدايت لاءِ، شريعت
جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيندو هو. باطن ۾ توڙي ظاهر ۾، هڪ ڪامل هادي ۽ رهبر هو.
سندس هدايت آهي.
ڪر طريقت
تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هنئون
حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ،
هوءِ
ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين.
|