|
ماڻهو زندگيءَ جا غلام آهن، ۽ اهائي غلامي آهي جيڪا سندن ڏينهن کي غربت ۽ مصيبت جي گھاڻي ۾ پيڙي ٿي، ۽ راتين کي، نيڻن مان وهندڙ لڙڪن جي واهڙن ۽ پيڙائن کي هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوئي ٿي. منهنجي پهرئين جنم کي ست هزار ورهيه گذري چڪا آهن، ۽ اُن ڏينهن کان ڏسندو پيو اچان ته زندگيءَ جا غلام پنهنجن ئي ٺاهيل هٿڪڙين ۾ جڪڙيل آهن. مان ڌرتيءَ جي الهندي ۽ اڀرندي جا چڪر هڻي چڪو آهيان، مون زندگيءَ جي پاڇي ۾ ويهي روشنين ۽ اونداهين کي به ڏٺو آهي ۽ مون روشنين مان انڌيرن ۽ ٻاٽ ڪارين اونداهين ڏانهن ويندڙ تهذيبن جا جلوس به اکئين ڏٺا آهن. مون هر هڪ جلوس کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جڪڙيل جهنم جي باهه ڏانهن ويندي ڏٺو آهي. طاقتور ۽ بهادر ماڻهن کي زنجيرن ۾ جڪڙي غلام بڻايو ويندو آهي ۽ وفادار سڄو ڏينهن گوڏا کوڙيو بُتن آڏو جھڪي پوڄا ڪري رهيا آهن. مون انسان جو بابل کان وٺي ويندي قاهرا تائين، ۽ آئين دور کان وٺي بغداد تائين پيڇو ڪيو آهي، جتي ويو آهيان مون انسان کي پنهنجي ئي جوڙيل زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏٺو آهي، مون واريءَ جي دڙن تي به زنجيرن جا نشان ڏٺا آهن. مون ازلي ماٿرين ۾، چوپائي مال جي چراگاهن ۾، فاني زماني جي ستايل ۽ ڏکويل انسانن جا المناڪ ۽ غمناڪ نوحا ۽ ڪيڏاري جا پڙاڏا ٻڌا آهن. مان عبادتگاهن ۽ قربان گاهن ۾ ويس، محلاتن ۾ داخل ٿي، تخت ۽ تاجن آڏو ويٺس. ڪوبه آزاد ناهي! مون سيکڙاٽ هنرمندن کي ڪاريگرن جي غلامي، ڪاريگرن کي آقائن جي غلامي، آقائن کي سپاهين جي غلامي، سپاهيءَ کي وزير جي غلامي، وزير کي گورنر جي غلامي، گورنر کي بادشاهه جي غلامي، بادشاهه کي مذهبي پيشوا جي غلامي، ۽ مذهبي پيشوا کي بُت جي غلامي ڪندي ڏٺو آهي . . . . ۽ بُت ان کان وڌيڪ ڇاهي؟ رڳو چيڪي مٽيءَ جو مجسمو! جنهن کي هڪ شيطاني هٿ تراشي، انساني کوپڙين ۽ لاشن مٿان کوڙي ڇڏيو آهي. مان شاهوڪارن جي محل ماڙين ۽ غريبن جي ڪکائين جھوپڙن ۾ به ويو آهيان، مون ڏٺو ته ابهم ۽ معصوم ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ جو غلام آهي ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ چنبڙي غلاميءَ جو کير پي رهيو آهي ۽ ٻارڙن کي بنيادي حڪم ذريعي غلاميءَ جو درس ڏنو پئي ويو. ڪنوارين ڇوڪرين کي محدود قيد جھڙا ۽ محڪوميت وارا ويس اوڍيل آهن ۽ زالون به غلاميءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي مڙس جي حاڪميت واري بستري تي زندگيءَ جو ڌن لٽائن ٿيون ۽ مڙس جي ٺاهيل فرمانبرداري ۽ تابعداري واري قانون ۾ جڪڙجي سمهن ٿيون. مان زمانن کان وٺي ڪانگو کان فرات نديءَ جي ڪنارن، نيل جي منهن کان وٺي شام جي ميدانن، اٿينس کان وٺي روم جي ڪليسائن، ۽ قسطنطنيه جي اونداهن پاڙن ۽ گلين کان وٺي اسڪندريه جي محلاتن تائين . . . . هر جاءِ تي غلاميءَ کي گھمندي ڦرندي ۽ آزاد ماڻهن کي زنجيرن ۾ قيدي بڻجندي ڏٺو آهي. مون هر هنڌ جھالت جي شاهاڻن جلوسن ۾ غلاميءَ کي گھمندي ڦرندي ڏٺو آهي. مون ڏٺو ته ماڻهو غلاميءَ کي خدا سمجھندي، ان جي قدمن ۾ نوجوانن کي ۽ ڪنوارين کي قربان ڪري رهيا هئا، غلاميءَ جي قدمن تي نوڙي سجدو ڪري رهيا هئا، ۽ غلاميءَ جي ئي قدمن تي خوشبوءِ ۽ شراب هاري ان کي راڻيءَ جو لقب ڏيئي اِن آڏو جھڪندي گوڏا کوڙي کيس قانون ٿي چيائون. هن لاءِ وڙهندي ۽ ميدانِ جنگ ۾ مرندي کيس وطن پرستي پئي سڏيائون، غلاميءَ جي مرضيءَ کي پنهنجي مرضي سمجھندي ان کي زمين تي خدا جو پاڇو پئي مڃيائون، غلاميءَ لاءِ پنهنجي گھر جي ديوارن کي ڊاهي ادارن کي تباهه ڪري ان کي ڀائيچاري جو نانءُ ٿي ڏنائون. ان (غلاميءَ) کي قسمت، بخت ۽ خوشين جو نالو ڏئي ان لاءِ چوري، ڦُر ۽ ڌاڙا ٿي هنيائون، ۽ ان (غلاميءَ) لاءِ قتل ڪري ان کي برابري ٿي چيائون. غلاميءَ جا گھڻائي نالا آهن، پر هوءَ حقيقت ۾ هڪ ئي آهي. ان جا ڪيترائي ظاهري مهانڊا آهن پر هڪ ئي عنصر جي ٺهيل آهي. سچ ته اِهو آهي ته اها هڪ ابدي بيماري آهي. جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ڦهلجندڙ آهي. انڌي غلامي: مون انڌي غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا ماڻهن جي حال کي سندن مٽن مائٽن (ستن پيڙهين) جي ماضيءَ سان ملائي ٿي، ۽ کانئن گھُر ٿي ڪري ته اُهي پنهنجي پراڻن ۽ گٺل ريتن رسمن ۽ رواجن آڏو ڪنڌ جھڪائي ڇڏين، جيئن اهي پراڻين دلين کي نون جسمن جو ڌڙڪو بڻائي سگھن ــــ ۽ نون جسمن جي سيني ۾ ڌڙڪڻ شروع ڪن. گونگي غلامي: مون گونگي غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا هڪ هٽي جي رومانوي زندگيءَ کي هڪ اهڙي زال جي جھوليءَ ۾ اڇلائي ٿي ڇڏي جنهن (زال) سان هن کي سخت نفرت ۽ ڪراهت آهي.۽ هڪ عورت جي خوبصورت جسم کي هڪ اهڙي مڙس جي بستري تي اڇلائي ٿي ڇڏي جيڪا ان مرد کي نفرت جي نگاهن سان ڏسي ٿي، اها غلامي انهن ٻنهي معصوم زندگين لاءِ زهر برابر آهي. ٻوڙي غلامي: مون ٻوڙي غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا دل جي روح جي نڙيءَ تي نُنهن ڏئي ان جو ساهه گُهٽي کيس ماري ٿي ڇڏي، جنهن جي بدلي انسان کي رڳو هڪ آواز جو خالي پڙاڏو پلئه ٿو پوي، ۽ اهو هڪ جسم جي رحم جوڳو پاڇو آهي. اپاهج ۽ معذور غلامي: مون اپاهج ۽ معذور غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا انسان جي ڪنڌ کي ظالم حاڪم جي اقتدار جي حوس جو نشانو بڻائي ٿي ڇڏي، ڪمزور دماغن ۽ طاقتور ۽ مضبوط جسمن کي دولت جي پوڄارين جي پٽن اڳيان جھُڪائي ٿي ڇڏي. جيڪي کين پنهنجن مفادن خاطر استعمال ڪن ٿا. ڪوجھي ۽ بدصورت غلامي: مون ڪوجھي ۽ بدصورت غلامي به ڏٺي آهي. جيڪا ابهم ۽ معصوم ٻارڙن کي، ڀٽڪيل روحن جيان ويڪرن ۽ ڪشادن آسمانن کان غربت ۽ بُک جي گھر ڏانهن اڇلي ٿي ڇڏي، جتي ضرورت جھالت سان گڏ ۽ ذلالت مايوسيءَ سان گڏجي رهي ٿي، ٻار زندگيءَ جي محرومين ۾ ڏتڙجي وڏو ٿو ٿئي، ڏوهارين وانگر پلجي ٿو، ٿڏيل ۽ نفرت ڀرئي موت ماريو وڃي ٿو. نازڪ غلامي: مون نازڪ ۽ هيڻي غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا سانڊي وانگر پنهنجا رنگ ۽ نالا مٽائي ٿي، ابتن نالن سان زندهه رهي ٿي، ٺڳي ۽ مڪاريءَ کي ڏاهپ ۽ ذهانت سمجھي ٿي، کوکلائپ کي ڄاڻ ۽ معلومات سمجھي ٿي. ڪمزوري ۽ هيڻائپ کي مُروت ۽ بزدليءَ کي بي نيازي ۽ انڪار ٿي ڪوٺي. کاڌل غلامي: مون کاڌل غلامي به ڏٺي آهي، جنهن سان هيڻن ۽ ڪمزور ماڻهن جون زبانون ڊڄ کان ڪنبڻ لڳن ٿيون، ۽ سندس جذبن ۽ احساسن جي ابتڙ ڳالهيون ڪرائي ٿي. ۽ هو حقيقن جي ڳجھه بجاءِ پنهنجي اندر مان ڳالهه ٺاهي ٿا ڇڏن. حقيقت ۾ اهي خالي ڳوٿريون آهن جن کي ٻار به ٽوڙڻ مروڙڻ جي قوت رکن ٿا. ۽ کيس ٽوڙي موڙي سگھن ٿا. نمندڙ غلامي: مون نمندڙ غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا هڪ آزاد قوم کي ٻي قوم جا جوڙيل قاعدا قانون مڃرائي ٿي، ۽ کيس ڏينهون ڏينهن پنهنجي جڪڙ ۾ مضبوط جڪڙيندي سوگھو ڪندي ٿي وڃي. لاڳاتار غلامي: مون مسلسل ۽ لاڳاتار غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا بادشاهن جي پٽن کي بادشاهيءَ وارا تاج پارائيندي ٿي اچي، ۽ اهليت ۽ قابليت ڏي نهاري ته ڇا پر کنگھي به نٿي. ڪاري غلامي: مون اوندهه جھڙي ٻاٽ غلامي به ڏٺي آهي، جيڪا ڏوهارين جي بي گناهه پٽن ۽ بي ڏوهي اولاد تي هميشه لاءِ بي عزتي، خواري ۽ ذلت جو داغ ۽ چٽو هڻي ٿي. جڏهن مان انهن رولو ۽ بدڪار زمانن جي ڪڍ هلندي هلندي ٿڪجي پيس، ۽ سنگسار ٿيل ماڻهن جي جلوسن کي ڏسندي ڏسندي ڪڪ ٿي پيس، تڏهن مان اڪيلو ۽ تن تنها، زندگيءَ جي ڇانوَ ۾، ويران وادين ڏانهن نڪري پيس، جتي ماضي، ڏوهه جي پڙدي ۾ پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ۽ مستقبل (آئيندي) جو روح گھڻي دير تائين آرام ڪندو آهي. مان اتي رت ۽ ڳوڙهن جي ڪناري تي بيهي رهيس جيڪو زهريلي نانگ وانگر ور وڪڙ ڏيندو چرندو پرندو رهي ٿو، ۽ ڏوهارين جي خوابن وانگر گھلبو اڳتي وڌي رهيو هو. مون غلامن جي ڌڻن جي ڀؤ سان ڪنبايل سرٻاٽ ڏي ڌيان ڏنو ۽ خلائن ڏي تڪڻ لڳس. جڏهن آڌي رات مهل ٿي تڏهن روح لڪل غارن مان نڪري نروار ٿيا، مون هڪ مئل جسم جھڙو روح ڏٺو جيڪو گوڏن تي جھڪي چنڊ جي سونهن ڏانهن نهاري رهيو هو. مون ان کان پڇيو، ”ٻڌاءِ، تنهنجو نالو ڇا هي . . . .؟؟“ لاش جي ان ڊيڄاريندڙ پاڇولي وراڻيو، ”منهنجو نالو آزادي آهي!“ مون پڇيومانس، ”تنهنجا ٻار ڪٿي آهن.“ . . . . ۽ آزاديءَ جي اکين ۾ لڙڪن جا ڇڙواڳ موتي تري آيا، ٿڌو ساهه ڀريندي آزاديءَ وراڻيو، ”هڪ کي صليب تي چاڙهي ماريو ويو، ٻيو چريو ٿي پيو ۽ چريائپ واري حالت ۾ مري ويو، ۽ ٽيون اڃا تائين پيدا ئي ناهي ٿيو.“ ۽ هوءَ منڊڪائيندي منهنجي نظر نهار کان ڏور ۽ ڏاڍو ڏور هلي وئي، وڌيڪ گھڻو ڪجھه ڳالهايائين پر، منهنجي اکين ۾ تري آيل لڙڪن جي ڌنڌ، ۽ دل جي رڙين مون کي نه ڪجھه ڏسڻ ڏنو ۽ نه ڪجھه ٻُڌڻ ڏنو.
|
|
|