|
ڪلياڻ آڏواڻي قسط نمبر 1 پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا. شاه هڪ اعلى درجي جو وطن دوست هو. سندس زندگيءَ توڙي ڪلام، سندس جي حب الوطنيءَ جي فراوان شاهدي ڏين ٿا. شاه جي دل ۾ سنڌ ڏيهه لاءِ بيحد محبت هئي، جا رسالي ۾ پاريون ڪري پلٽي آهي. ٻوليءَ، نظم ۽ خيالات جي لحاظ کان، شاه صاحب جو رسالو، حب الوطنيءَ جو هڪ بي نظير دفتر آهي. شاه جي زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ کي شرف حاصل هو. شاه، سنڌي زبان کي شاعرانه پرواز ڏيئي، پنهنجي حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو. سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي فاسد يا بگڙيل صورت آهي، ۽ ان جو بنيادي طرح، عربيءَ ۽ پارسي سان ڪوبه تعلق ڪونهي. البت، پارسي ۽ عربيءَ جو مٿس اثر ٿيو آهي. شاه جي سنڌي، تلفظ ۽ نحوي بناوتن جي لحاظ کان، پراڪرت کي نهايت ويجھي آهي؛ ۽ ساڳئي وقت، منجھس پارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي به نهايت سهڻي نزاڪت ۽ رونق آهي. هن صاحب جي ٻوليءَ ۾ هندن توڙي مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن جو لحاظ رکيل آهي، جا هڪ وڏي قومي خدمت آهي. مثلن، شاه جي هيٺئين بيت جو لباس سنسڪرتي آهي ۽ منجھس سمايل خيال ويدانتي:
ڪوڙين
ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار، وري هيٺئين بيت جو ويس عربي ۽ پارسي آهي ۽ خيال صوفياڻو:
پاڻهين جل
جلاله پاڻهين جان جمال، شاه، شعر جي نظم ڪرڻ ۾ به، حب الوطني ڏيکاري آهي. سنڌي شاعر پنهنجو شعر اڪثر علم عروض تي ٿا ٻڌن، پر شاه، وزن (دوهي) جي باري ۾ به، ديسي نمونو ورتو. اهڙي طرح، پاڻ کي هڪ ڌارئي ۽ مصنوعي طريقي کان آزاد رکيائين. هندستان جي مشهور سنتن جون ٻاڻيون، دوهرن ۾ لکيل آهن ۽ شاه به اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو؛ پر دوهري ۾ نيون ۽ نهايت نزاڪت واريون تبديليون آندائين. شاه کي ”سنڌ جو حافظ“ ڪري سڏيندا هوا. سو شايد اِنهيءَ ڪري جو شاه، سنڌين کي اَهڙو پيارو آهي، جھڙو ايرانين کي حافظ، ۽ ”ديوان حافط“ اَهڙوئي الهامي ڪتاب آهي، جھڙو ”شاه جو رسالو“؛ ورنه حافظ ۽ شاه هم خيال شاعر ناهن، نڪي ڪي شاه، حافظ وانگر غزل چيا. شاه، روميءَ جو شايق هو ۽ روميءَ جي مثنوي هميشه ساڻ هوندي هيس. چاهي ها ته پنهنجو شعر، مثنويءَ جي صورت ۾ چئي سگھيو ٿي، پر سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کيس اِئين ڪرڻ نه ڏنو. تنهن هوندي به سندس ڪلام ۾ اَهڙي مستي آهي، جھڙي روميءَ جي ڪلام ۾، خمار هميشه شراب مان پيدا ٿيندو آهي ۽ نه پيالي مان؛ ته به شراب کي جھلڻ لاءِ پيالو ضرور گھرجي.
مستي ز باده
مي رسد و از اياغ نيست شعر آهي شاعر جي دل جو پاڻي، جو ڪهڙي به پيالي (نظم) ۾ پنهنجو جور نه وڃائيندو. شاه، دوهري ۾ به اهڙي شاعرانه نزاڪت ۽ خيالات جي بلندي رکي سگهيو آهي، جھڙي روميءَ مثنويءَ ۾ ڏيکاري آهي. شاه جي سنڌيءَ سان ايتري ته محبت هئي، جو ڪٿي به پارسي شاعر جي ڪابه تڪ، تضمين طور پنهنجي ڪلام ۾ نه آندي اٿس. ٻيا شاعر ڇڏيو پر رومي۽ جي مثنويءَ مان به، ڪوبه سخن، تضمين طور نه کنيو اٿس، جيتوڻيڪ روميءَ سان بيحد محبت ۽ عزت هئي. رومي ئي آهي، جنهن جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس؛ پر هن جي فيلسوفيءَ کي به سنڌي لباس پهرايو اٿس:
طالب ڪثر،
سونهن سر، اِي رومي جي رهاڻ، (سر يمڻ ڪلياڻ) ”سر سهڻيءَ“ ۾ شاه هڪ پارسي مصرع تضمين طور ڪم آندي آهي. پر اِها شاه عنايت شاه جي چيل آهي، جو سنڌ جو هڪ جنگ درويش ٿي گذريو آهي. هو صاحب، سنڌ ۾ عاشقن جو سر مور ٿو ليکجي، ڇو ته شهادت جو جام پيتو هوائين. اِتي به شاه پنهنجي وطن جو مان ڪيو آهي، جو سنڌ جي هڪ درويش شاعر جي ئي مصرع کنئَي اٿس؛ شاه عنايت شاه جي مصرع هيٺينءِ طرح ڪم آندي اٿس. سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ. رڳو هڪ ئي هنڌ، شاه ڪجھه نهايت مختصر پارسي پنهنجي شعر چئي آهي: بر خيز بده ساقي، پيار کي پرين. (سر يمڻ ڪلياڻ) شاه صاحب، قرآن شريف ۽ حديث شريف مان حوالا به پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن، پر پنهنجي مادري زبان سان بيحد محبت هئڻ ڪري، اُنهن جو سنڌيءَ ۾ شاعرانه ترجمو به ڏيئي ويو آهي. شاه، سماع تي فدا هو ۽ هندستان جي گائن وديا جو اونهو علم هوس. سندس جدا جدا سرن تي هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيل آهن، جنهن مان سندس حب الوطنيءَ جو ثبوت ملي ٿو. البت، رسالي جي ڪن سرن تي، اُنهن جي مضمونن جي مدنظر نالا رکيل آهن، پر اهي مضمون خود ديسي آهن ۽ شاه جي وطن پرستيءَ تي ڪافي روشني اُڇلين ٿا. هر هڪ سر، داستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ داستان جي پٺيان وائي آيل آهي. ”وائي“ شاه جي ايجاد ڪيل آهي، پر اُن جي بناوت هندستاني ٺمريءَ جھڙي آهي. ”سر حسيني“، جنهن ۾ شاه سسئَي جي درد ناڪ صدائن ۽ سياپن جو ذڪر ڪيو آهي، سو هڪ مشهور عربي ۽ فارسي سر آهي، پر اهو سر به هندي گائن وديا ۾ جذب ٿي ويو آهي. شاه، تشبيهون به اُهي ڪم آنديون آهن، جي ديسي حالتن مطابق آهن. شاه جي محبت هئي سنڌ ۽ سنڌ جي شين سان. هو، گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي، ڪونر ۽ ڀونر جي پريم جي مهما ٿو ڳائي. مطرب جي بجاءِ ”چارڻ“ کي شرف ٿو ڏئي. باد صبا جي بجاءِ ڪانگل ۽ قمر کي قاصد ٿو ڪري. شراب ۽ ساقيءَ کي وساري، ڪلاڙ ۽ ڪڪوه جي واکاڻ ٿو ڳائي. شاه جي سونهن ۾ سرس ۽ سورميون، بزم يا محفل ۾ نمائش جي لاءِ نٿيون اچن، پر هو آتڻ منجھه ويهي، بلبلن وانگر لاتيون ٿيون لنون. شاه جي رڳ رڳ ۾ وطني پريم سمايل هو. شاه جي ڪلام ۾ شيخ شبلي ۽ شيخ صنعان جو نالو به ڪونهي؛ هو پنهنجي ديس جي جوڳين ۽ سنياسين تي مست آهي. شاه، هندستاني ڪوين وانگر، اِستريءَ کي عاشق بڻائي، سندس دل جي اُمنگن جي ترجماني ڪئي آهي. ايراني شعر ۾ مجنون ۽ فرهاد جون، ۽ مومل، مجنون جون سڪون ٿي لاهي. سورمين جي سيرت نگاريءَ ۾ به شاه هندستاني دستور موجب هليو آهي ۽ پارسي شاعرن جو نمونو هرگز نه ورتو اٿس. ڪيترن ئي شاعرن، وطن پرستيءَ جا نهايت سهڻا خيال ظاهر ڪيا آهن. پر شاه جيڪا مارئيءَ جي ويس ۾ وطني حب ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ جادوءَ جھڙو تاثير آهي. شيڪسپيئَر، انگلنڊ کي هڪ ”بي بها هيرو“ ٿو سڏي، جو ”چانديءَ جھڙي سمنڊ“ ۾ جڙيو پيو آهي. شاه، وطن جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ ۽ وطن جي پاڻي کي آب ڪوثر کان وڌيڪ ٿو سمجھي. پنهنجي وطن جي خاڪ ۾ دفن ٿيڻ، سندس نظر ۾ ابدي حياتي ماڻڻ آهي. ”سر ڪاپائتي“ ۾ شاه چرخي چورڻ جو پرچار ڪيو آهي، جو قوم جي آسودگيءَ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنهي سُٽ جي ڀيٽ ۾، ماڻڪن کي به تڇ ٿو سمجھي. جي ماڻڪ موٽائين، توءِ ملهه اُن جو. ململ به هڪ زرخيز پدارٿ آهي، جو وطن کي سون سان مالا مال ٿو ڪري. ململ منجھان، ماءِ! جي سکيون، تن سون ڪيو. شاه چرخي جو پيغام، رڳو سنڌ ۽ هنڌ کي ڪونه ٿو ڏئي، پر سڀني ديسن کي. شاه جو هڏ سڄي جھان لاءِ ٿو ڪرڪي ۽ هُو سڀني ديسن کي آسودو ڏسڻ ٿو چاهي.
ڪي اوبين
عرب ۾، ڪي ڪابل منجھه ڪتن، ”سر سارنگ“ ۾ ساري عالم جي آبادي ۽ آسودگيءَ لاءِ دعا ٿو پني. پنهنجي پياريءَ ۽ مٺيءَ سنڌ کي دليون دعا ٿو ڪري. سارنگ جي مرحبا ڪندي چوي ٿو: اڄ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا. شاه، سارنگ ۾ پنهنجو پرين ٿو پسي، جو ”رب العالمين“ آهي ۽ جو ڪنهن به ديس کي پنهنجي نوازش کان محروم نٿو رکي. سارنگ جي ورکا رڳو سنڌ تي نٿي ٿئي، پر سڀني ملڪن تي. شاه، ساري عالم، پر خاص طرح سنڌ لاءِ، حق جي درگاه ۾ دعا ٿو پني:
موٽي
مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار، شاه صاحب جي اخلاقي سکيا جو بنياد تواضع آهي. تواضع سڀني گڻن ۾ مول گڻ آهي. نئڙت جي صاحب کي صبر، شڪر، صداقت ۽ ساري مخلوقات سان همدردي ۽ محبت ضرور هوندا. شاه، قدرت جي هر هڪ چيز کي اخلاقي نگاه سان ڏسي ٿو. سندس نظر ۾، جيڪي خاڪ ۾ آهي، سو ٻيءَ ڪنهن به چيز ۾ ناهي.
سو نه ڪنهن
شي ۾، جيڪي منجھه تراب
شاه صاحب جي مول هدايت اِها آهي ته هر انسان کي جڳائي ته هميشه خاسڪاريءَ ۾ گذاري ۽ پنهنجي ضمير يا وويڪ جي حڪمن هيٺ هلي. اِئين ڪرڻ سان، نه سندس هٿان ڪو گناهه صادر ٿيندو، نه ئي هُو هن جھان مان ئي ڪانيارو ٿي لڏيندو.
پايو منهن
مونن ۾، غربت ساڻ گذار، غرور واري انسان جي صحبت کان هميشه ڪنارو ڪجي، ڇو ته اُن مان مورڳو اخلاق کي ضرر رسندو.
لاتيون جي
لباس جون، سي ڇپائي ڇڏ، ڪينو ڪيرائيندڙ آهي ۽ کميا اڏيندڙ. کمندن جي هر حال ۾ سوڀ آهي ۽ هوڏين جي هار. ويڻ ڏيندڙ کي ورندي ته ڏيڻ آهي نجس نفس کي نهوڙڻ. هاديءَ جي هدايت اِها ئي آهي:
سڻي ويڻ
ڪنن سين، ورائج م وري، ڏمر مان انسان کي ڏک ئي رسڻو آهي؛ صبر هڪ جانفرا عطر آهي.
ڏمر پاسو
ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ. شاه صاحب وڏو ڪرم يوگي آهي. هُو سکڻي توڪل جو پرچار نه ٿو ڪري. انسان جو فرض آهي دل و جان سان ڪرم ڪرڻ ۽ ان جو نتيجو رب تي ڇڏڻ. ڪرم ڪندي ڪهڙي به مشڪلات اچيس، ته همت نه هاري، پر پوري دليريءَ سان، ان کي منهن ڏئي. پوءِ ڪاميابي اَوس سندس قدم چمندي. ستن کي قدرت وٽان سوغاتون ملڻيون ناهن؛ قدرت جو هٿ اُنهن کي ٿو رسي، جي سچي دل ۽ نيت سان سعيو ٿا ڪن.
ڇپر ڪين
ڏئي، سوکڙيون ستن کي. انسان جو فرض آهي ته همت رکي، مشڪل ۾ منهن وجھي؛ اُن جو حل پاڻيهي هادي پيدا ڪندو. ڪي پنهنجي سر جوشي، ڪي خدا جي مدد.
ڪي تران ڪي
تار مون، ڪي سگھان ڪي سگھه. هلڻ ۾ سوڀ آهي، وهڻ ۾ هار. نه ويٺلن لاءِ واهر آهي، نه سُتلن لاءِ ساٿ. دلي مقصد اُهي حاصل ٿا ڪن، جن ڪشالن ۾ منهن وڌو آهي.
ويٺلن ناه
وراڪو، ستين ڪونهي سنگ، اڳيان رڻ هجي يا جبل؛ مهراڻ هجي يا جھنگل، ته دهلجي بيهڻو ناهي؛ پر سر جو سانگو نه ڪري، اَڳيان ڌوڪي پوڻو آهي. پوءِ ئي رڻ مان کٿوري، جبل مان لعلون، مهراڻ مان موتي ۽ جھنگل مان ڦل ڦول هٿ ايندا. بحر ۾ گھڙندڙن کي ماڻڪ ٿا ملن، ڪناري تي بيهندڙن کي ڪوڏ ۽ ستيون.
سمنڊ جي
سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا، دنيا جي ڪرم ڀومي يا يڌ جو کيتر آهي، جتي دل جا وهم وساري، سچي سوره وانگر، سوڀ لاءِ لڙڻو آهي.
سوره مرين
سوڀ کي، دل جا وهم وسار. بي همت انسان مان قدرت به بيزار آهي. بيڪار ۽ آرام پسند اِنسان کي جڳائي ته قدرت ڏانهن نظر ڪري ۽ ان مان محنت جو سبق وٺي. اِنسان پاڻ به ته قدرت جو جزو آهي؛ پوءِ جنهن صورت ۾ سج، چنڊ، تارا، سمنڊ، نهرون ۽ نارا هميشه هلن پيا، تنهن صورت ۾ کيس ڪئَين واجب آهي، ته بي توجه ٿي، پنهنجي زندگي، بيڪاريءَ ۾ برباد ڪري!
نڪو سک
نکٽين، نه ويساند نئَين، اِنسان، دنيا جي کيتر ۾، ڪرم جو ٻڄ پوکڻ آيو آهي. جيڪڏهن هن پوري وقت تي پاڻ سنڀالي، پنهنجو فرض ادا نه ڪيو، ته وڃي ڪنهن اَهڙي اوڙاه ۾ ڪرندو، جتان پاڻ ڪڍڻ مشڪل ٿي پوندس.
پره ڦٽي،
رات گئَي، جھيڻا ٿيا نکٽ، اِنسان پاڻ پساهن جا هيرا ۽ ماڻڪ کڻي آيو آهي. جيڪڏهن غفلت وچان، اِنهيءَ قيمتي پدارٿ کي لُٽي، پاڻ سچو ڪيائين، ته مئي پڄاڻا، حقيقي صراف اَڳيان منهن هاري وڃي بيهڻو پوندس.
لک مڙيئي
لٽيا، هنهين ويا هزار، اِنسان پاڻ سان هُتان سون ۽ جواهرات کڻي آيو آهي، پر هت پنهنجو هٿ وڃي ٿو شيهي ۽ شيشي جي وڻج ۾ وجھي. کٽيو ته گھوريو، مورڳو پنهنجو مُور به وڃائي، برباد ڪري ٿو ڇڏي. لوڻ جي سودي ۾ به ڪڏهين کٿوري ملي آهي! اِنسان جو حال به اهو ئي آهي. پنهنجا اَملهه پساه اَجايا وڃائي، ڪئَن ٿو سچ جي سوغات طلبي!
وکر وهائين
لوڻ، رنگ کٿوري گھرين! انسان کي انسان جو دشمن ڏسي، شاه نهايت ارمان ۽ افسوس ٿو کائي. ماڻهن جو اِخلاص ماٺو ٿي ويو آهي ۽ هر ڪو ٻئي جو ماس پيو کائي.
آدمين
اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪئَو، آدمين کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃهه آهي، جو هر وڳر ڪيو، پاڻ ۾ پريت پيا ونڊين. هيڏانهن، انسان، اِنسان کان ونءُ پيو وڃي!
وڳر ڪيو
وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، دنيا ۾ هر ڪو ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم پيو هڻي؛ پرک تڏهين ٿي پوي، جڏهين ڪنهن جو ٻئي ۾ ڪم ٿو اَٽڪي.
يار سڏائي
سڀڪو جاني زباني، پکي ته ڇڏيو، پر ڪکن ۽ ڪانن کي به اِنسان کان وڌيڪ مريادا ۽ ساڃهه آهي. نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ڪکن کي به ڏسو ته ڪيڏو نه مرم آهي! جڏهين ٻڏندڙ، ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي، منجھن هٿ ٿو وجھي، تڏهين يا ته کيس ڇڪي مٿي ٿا ڪن، يا مرم وچان پاڙان پٽجي، ۽ درد جي دانهن ڪري، ساڻس گڏ سير ۾ ٿا هلن! اِنسان کي گھرجي ته وفاداريءَ جو سبق، ڪکن مان پرائي.
ٻڏندي ٻوڙن
کي، ڪي هاتڪ هٿ وجھن،
ــــــــــــــــــ هلندڙ
|
|
|