|
قسط نمبر 2 ـــــــــــــــــــــــــــــــ ڪلياڻ آڏواڻي آخر سڀ فنا آهي. اِنسان ڇا تي غرور ڪري، جڏهين وڏا وڏا حشمت ۽ عظمت جا صاحب به نيٺ زمين دوز ٿي ويا! جنهن زمين تان اسين پنڌ پيا ڪريون، تنهن جي هيٺان ڪيئي سڄڻ دفن ٿيا پيا آهن. اِنسان جو ڪم آهي ته سجاڳ ٿي حقيقي پرينءَ کي لوچي.
جا ڀون
پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين، شاه هجي توڙي گدا ته کيس لٽجڻو مڙيئي ڌوڙ ۾ آهي. دنيا هڪ ساعت جو چٽڪو آهي، جنهن تي ڀلجي، سچ جو سودو هٿان نه ڇڏڻو آهي.
فاني ني
فاني! دنيا دم نه هيڪڙو، شاه سنڌ ۾ پهريون شاعر هو، جنهن طبيعي شعر چيو. هُو سير ۽ سياحت جو شايق هو. قدرت جي هر ڪرشمي کي پنهنجي نوراني ۽ باريڪ نظر سان جاچي، اُن جي جمال ۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو اٿس، ۽ پوءِ اُن جي هوبهو تصوير پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪئي اٿس. شاه سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن، برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ نهرن، ٿرن ۽ ماٿرين تي ئي عاشق هو. سندس شعر ۾ ڪٿي به سرو ۽ شمشاد جو ذڪر نه ٿو اچي. هُو ٿر جي ولين ۽ وڻن تي عاشق هو. قدرت جي چهچٽن چٽڻ ۾، شاه ڪٿي به اجائي اينگھه نه ٿو ڪري. رڳو اُنهن جون مکيه خوبيون وفائيءَ سان نقش ٿو ڪري. ٻي سندس خاصيت هيءَ آهي، جو قدرت جي ڳجھارتن ڏانهن اشارو ڪري، اُنهن کي وڃيو انسان جي دل جي حال سان لڳائي. ”سر سارنگ“ ۾ برسات جو عجيب بيان ڪيو اٿس. بادلن جي برجن ۾ رسيلا رنگ ٿو ڏسي، قدرت ۾ هر هنڌ ساز، سارنگيون ۽ سرندا وڄندا ٿو ٻڌي. مينهن جو صاف پاڻي، ايراني شاعرن واريون صراحيون ياد ٿو ڏياريس.
اڄ رسيلا
رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين، سانوڻ جي مند ٿي نه آهي، ته آڪاس ۾ منڊل وڄڻ شروع ٿا ٿين؛ حقيقي پرين، نوان سينگار ڪري، ناز منجھان نڪري نروار ٿو ٿئي. ڪڪرن جي ڳوري چال ۾، معشوقاڻي رفتار جي ڪشش آهي. سنسڪرت ڪوي، سهڻي چال واري پريتم کي، ”گج گامن“ يعني هاٿيءَ جي چال وارو ٿا چون. شاه جي نظر ۾، هيءَ اهڙي چال آهي، جو هاٿيءَ جيڪر چاه پئي ان کي سکن. گنير گت سکن، چلڻ جي چاه پئي. وڄن جي چمڪ جي لالاڻ مان پرينءَ جي لبن جي لالائي عيان آهي. گلال جھڙا ڳاڙها مينهن وسارا به، اِها لالائي ڏسي، حيرت ۾ پئجيو وڃن. هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪئَي لبن. ڪڪرن کي پرينءَ جا ڪارا ڪيس (زلف) آهن؛ ۽ وڄن کي محبوب وارا گلاب جي گلن جھڙا لباس پهريل آهن. اُنهن جي نروار ٿيڻ سان، شاعر جو ڄڻ پنهنجي معشوق سان مکاميلو ٿو ٿئي.
اَڄ پڻ
اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس، محبت جون ماريل دليون، برسات جو نرمل نظارو ڏسڻ سان، ججھي پونديون آهن، ۽ پرينءَ جي ديدار جي لاءِ ڦٿڪنديون آهن.
محب منهنجا
سپرين، آڻيندءِ اَلله، ويچارن وانڊين جو حال افسوس جھڙو آهي. ڪانڌن کي ياد ڪيو، ڳجھا ڳچ پيئون ڳارين. ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪيو، جھڙ پسيو جھڄن. شاه، سندن حق ۾ اِها دعا ٿو پني ته شل سندن غريباڻن پکن کي ڪو ضرر نه رسي. وري ري وانڊن اَڏيا سي مَ پسن. سج، جھڙ جي ڪري اَلوپ ٿي ويو آهي؛ پر کنوڻ، عاشقن کي واڌايون پيئي ڏئي ته اِجھو ٿو محب مليوَ.
سڄو صاف نه
اُڀري، سرلي وچان سڄ، آسمان ۾ جھڙ ڏسيو، عاشقن جي اکين ۾ به جھڙ ٺهيو پوي، ڇو ته جھڙو ويس سپرينءَ جو ٿو ٿئي، تهڙو سارنگ جو به آهي. محبوب جي مشڪڻ سان، سڀ سور وڃيو پري پون.
ڪڪر منجھه
ڪپار، جھڙ نيڻنئون نه لهي، نه رڳو عاشق، پر سرشتيءَ جا سڀ جيوَ، سارنگ لاءِ بيقرار ٿا رهن.
سارنگ کي
ساڙين، ماڙهو، مرگھه ميهون، سنگھاريون ۽ سنگھار، سارنگ ڏسي سرها ٿا ٿين، ڇو ته مينهن پوڻ سان، گاهه ۽ اَناج جام ٿا ٿين، ۽ ماڻهو ۽ مرون ڍئجي ٿا پون. سارنگ، برڪت جو سائين آهي. اَناج سستو ٿو ٿئي ۽ مکڻ به جھجھو ۽ ارزان. هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجھه ماٽي. سنگھاريون گلي ۾ گلن ڦلن جون مالهائون پائي پيئون ٽلن. سرهيون ٿيون سنگھاريون، پويو پائين طوق. موذين ۽ ڏڪارين جي دل کي ئي سخت چوٽ ٿي رسي؛ ٻي ساري مخلوقات خوشيءَ ۾ آهي. ڏڪارين اَن ميڙي رکيو هو، جئن پوءِ وڏي اَگھه تي وڪڻي سگھن؛ ۽ پنجن مان پندرهن ڪري، خلق کي پيڙيو هوائون؛ هاڻي خدا جي حساب ۾ آيا آهن، ۽ سرد آهون ڀري، منهن مٿو ٿا پٽين. چي: ”مهانگو لهي ميڙيوسين، هاڻي سستو ڏيڻو پوندو.“ شل اَهڙا دئت، هن پرٿويءَ تان چٽ ٿي وڃن.
جن مهانگو
لهي ميڙيو، سي هٿ ٿا هڻن، ڪئين نه شاه، نرالن اِنسانن جي دل جي ڪيفيت جو نقش، وفائيءَ سان چٽيو آهي! اِها شاه جي خاص خوبي آهي، جو قدرت جو نظارو چٽيندو به ٿو وڃي، ۽ ساڳئي وقت، اِنساني دل جي حال جو به ورنن ڪندو ٿو وڃي. لاشڪ، قدرت جي جدا جدا ڪرشمن جو، اِنسان جي دل تي نرالو نرالو اثر آهي. شمس هجي يا قمر يا سهڻو سارنگ، ته شاه جي پرينءَ سان، حسن ۾ ڪنهن جي جاءِ ناهي. شاه، سارنگ جي ساراه ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي، ته به اُنجي سوڀيا کان، پنهنجي پرينءَ جي سونهن کي، سهسين ڀيرا سرس ٺهرايو اٿس. انيڪ برساتون پون، پر ساجن بنا عشق جي جيءَ کي قرار اچڻو ناهي. جانيءَ جو هڪ درشن، برابر آهي سهسين سارنگن جي.
آگم اِي نه
اَنگ، جھڙو پسڻ پرينءَ جو، مطلب ته قدرت جو ڪهڙو به حيرت انگيز نظارو، شاه جي پرينءَ سان، سونهن ۽ سينگار ۾، مٽ پئجي نه سگهندو. ”سر سهڻيءَ“ ۾، شاه، سمنڊ جو وئراٽ روپ چيو آهي. درياه جي دهشت ڏسي، ماهر تارو به ڪنبي اُن کان ڪنارو ٿا ڪن. اَندر ڪارن ڪنن جا ”ڪاريهر ڪڙڪا“ ۽ ڪناري وٽ ڀوائتيون ڀواريون پيئون پون. هيبتناڪ درندا واڪا ڪيو، هڪ ٻئي تي اُلرون پيا ڪن. واڳهن، سيسارن، ٿلين، ۽ لوهڻين جو ليکو ئي ڪونهي. اونهاڻ جي سڌ، ماٽيڙن کي ناهي، وڏا جھاز به منجھس غرق ٿيو وڃن. اَهڙي ڀوائتي ساگر ۾، ڌڻيءَ جو لطف ٿو گھرجي.
دهشت دم
دريا ۾، جت جايون جانارن، ”سر گھاتوءَ“ ۾ ڪلاچيءَ جي قهري ڪن جو ذڪر ٿو اچي. جو اندر گھڙيو، سو وڃڻ کي ويو:
ڪو جو قهر
ڪلاچ ۾، جو گھڙي سو نئي. درياه جو دور، دانائن کي ديوانو ڪيو ڇڏي؛ وڏن وڏن ماهرن جون متيون به اُت منجھيو وڃن؛ ۽ اڄ ۽ سڀاڻ جي سار ئي دماغ مان نڪريو وڃيين.
گھنگھريا
گھڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيين، ”سر سريراڳ“ ۾ به سمنڊ جي خطرن ۽ خوفن جو ذڪر ڪيو اَٿس. سمنڊ کي به لکين لباس آهن؛ ڪٿي لڙ آهي، ڪٿي لهر؛ ڪٿي لس آهي، ڪٿي ليٽ؛ پر اُن جي اونهاڻ جو انت ڪونهي: لڙ، لهريون، لس ليٽ؛ جتي اَت نه آب جو. درياه جو سفر، جگر ٿو گھري. پريان ئي ڪنن تي سمنڊ جا غوغاءُ پيا پون، جي ٻڌي، سينو ڪنبيو وڃي. اَچن ٿا آواز، سڻاٽي سمونڊ جا. ملاحن کي گھرجي ته هر دم سجاڳ رهن، ڇو ته سمنڊ جي قهري ڪنن، ڪئين وڏا ٻيڙا نيا آهن.
وڏا ٻيڙا
ٻوڙيا، سائر ڏيئي ساه، اها سڌ ڄاڻن کي آهي، ته درياه ڪهڙو نه ديوانو آهي: سونهان سڌيون ڏين، اُن ديواني درياه جون. درياه جو ٻاهريون روپ لاشڪ ڀوائتو آهي، پر جيڪي همت رکي، منجھس پيهي ٿا وڃن، تن سان وڏا وڙ ٿو ڪري. سمنڊ کي جي جلال آهي ته جمال به اٿس. ظاهري صورت خوفناڪ ۽ ڪرڙي اٿس. پر باطن ۾ نهايت سٻاجھو ۽ سخي آهي. هر طرح پوڄڻ لائق آهي. سمنڊ جي سيوا مان اَملهه ماڻڪ ۽ موتي ٿا پڙپن.
سي پوڄارا
پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن، قيمتي خزانا هٿ ڪرڻا آهن، ته سمنڊ جي ٻاهرين روپ کان نه ڪنبي، سندس پوڄا ڪرڻي آهي. مٿان واگھو، سيسار ۽ مڇ پيا ڦرن، پر پاتال ۾ ماڻڪ ۽ موتي پيا جرڪن. اِها سڌ ٽوٻيڙن کي آهي، جي خبرداريءَ سان منهن کي ڪائو ڏيئي، پاتال مان ماڻڪ ميڙي ٿا اچن.
اِي گت
غواضن، جئن سمنڊ سوجھيائون، لوهيڙي جي سهڻي وڻ ۽ سر سبز گاه کي ڏسي، وڻجاري جي اِستريءِ کي پنهنجي ڀتار جي پياس ٿي ٿئي.
سر لوهيڙا
ڳڀيا، ڪيسر نسريا، ”سر ڪاموڏ“ ۾ شاه، ڪنيجھر ڍنڍ جو نرمل نظارو پيش ڪيو آهي. هيٺ ڪينجھر جو اوجل پاڻي، مٿان وڻن جي ڇانو؛ وري جو اچي اُتر جي هير، ته ڪينجهر ڄڻ هندورو ٿيو پوي. ڪنڌيءَ وٽ، ڪنول صف لايو بيٺا آهن. بهار جي رت ۾، ساري ڍنڍ، هڪ عجيب سرهاڻ سان واسجي ٿي وڃي.
هيٺ جر،
مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه، ”سر کنڀاٽ“ ۽ ”سر مومل راڻي“ ۾، سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن ڪي اِشارا ڪيا اٿس. سنڌ جي اوجل آڪاس ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ، سهسين سينگار ڪري ٿو اڀري، ۽ شعرى تارو، صبح جي وقت، پوري حسن ۽ جمال سان چمڪي ٿو. سوڀيا ۾ ٻنهي جي، پرينءَ سان جاءِ ناهي.
ڪتيون ۽
تارا به پوري چمڪاٽ سان ٿا چمڪن، (جاري آهي) |
|
|