|
|
جديد ادب جي اهميت شيخ اياز دنيا ۾ نه فقط اڄڪلهه، پر هميشه کان وٺي، نئين ۽ پراڻي جي وي ۾ اڻبت رهي آهي. مان اها فخر جي ڳالهه ٿو سمجھان ته هن خيالي يا حقيقي ڪشاڪش ۾ مون قدامت پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ جي خلاف جديد فڪر جي حمايت ڪئي آهي، ۽ انهيءَ حيثيت ۾ ڏٺو وڃان ٿو. مون سان گڏ، سنڌ جي نئين امنگ، نئين فڪر ۽ ان جي حامين جي ڪافي مخالفت ڪئي وڃي ٿي. قديم ڇا آهي ۽ جديد ڇا آهي، قديم ڇو آهي، جديد ڇو آهي، ان جو صحيح شعور ۽ شناس وسيع مطالعي ۽ گھري سوچ سان ملي ٿي. قدامت ۽ جدت ۾ قابل قبول ڇا آهي ۽ انڪار جي قابل ڇا آهي، ان جي پرک لاءِ جنهن نظر جي گھرائي ۽ دل جي وسعت جي گھرج آهي، اُها هر ڪنهن کي نصيب نه آهي. ادب ۾ جديد و قديم جو قصو ڪم نظريءَ جو دليل به آهي، ۽ بالغ نظريءَ جو به. ڪم نظريءَ جو دليل ان سبب ڪري ته آهي، جو جديد کان جديد ترين شاعر ۽ اديب به پنهنجي ماضيءَ کان منحرف نٿو ٿي سگھي. بالغ نظريءَ جو دليل ان سبب ڪري آهي، جو هر سچو فنڪار ڪنهن به نقش قدم تي هلڻ کان پاسو ڪندو آهي، ۽ پنهنجي منزل ۽ پنهنجي راه پاڻ متعين ڪندو آهي. اِرزا پائونڊ جو هي عجيب و غريب نظم، جو هن آمريڪا جي بهترين شاعر، والٽ وٽمئن، متعلق لکيو آهي، هڪ منفرد شاعر جي نفسيات جو صحيح جائزو آهي: ”مان تو سان معاهدو ٿو ڪريان، والٽ وٽمئن! ”مون تو سان ڪافي وقت نفرت ڪئي آهي: ”مان توڏانهن ائين ٿو اچان، جئين بلوغت تي پهچي، ”اولاد، ڪم فهم پيءُ ڏانهن موٽي ايندو آهي. ”هاڻي منهنجي بالغ نظري ايتري آهي، جو تون ۽ مان دوست ٿي سگھون. ”تو نئون ڪاٺ ڪپيو هو، اڄ ان تي نقش طرازيءَ جو وقت آهي: ”اسان جي جڙَ ۽ گونچ ساڳيا آهن، ”بهتر آهي ته تنهنجو ۽ منهنجو سمجھوتو ٿئي.“ اهوئي هڪ منفرد فنڪار جو ذهني بلوغت کي پهچي ماضيءَ ڏانهن ردعمل ٿئي ٿو. هن جي شروعات بغاوت سان ٿئي ٿي. ماضيءَ جي هر پراڻي نقش سان عدوات، هن جي فني ارتقا ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي. پر آخر هو پنهنجيءَ منزل تي رسي، پَٽ تي اهي سنگ ميل ڏسي ٿو، جيڪي جيڪڏهن موجود نه هجن ها ته هن جي منزل تائين رسائي ناممڪن نه، ته به مشڪل ضرور ٿي پوي ها. هر فنڪار پنهنجيءَ وسيع ڪائنات جو موجد آهي. هو ڪنهن به ٻئي فنڪار جي حد بنديءَ کي، حقارت سان نه، ته به شڪ سان ضرور ڏسي ٿو. مون طالب العلميءَ جي زماني ۾ ’غالب‘جو هڪ شعر پڙهيو هو، جو مون کان اڃا تائين نٿو وسري: ڪوهڪن، نقاش يڪ تمثال شيرين ٿا، ’اسد‘، سنگ سي سر مار ڪر پيد نه هوئي آشنا. (يعني ته فرهاد، شيرين جي فقط هڪ تمثال (symbol) جو نقاش هو. پٿر سان مٿو هڻي، ڪوئي شيرين جو آشنا پيدا نٿو ٿئي.) فن واقعي اها ’شيرين‘ آهي جنهن جا سوين رنگ روپ آهن. فنڪار جو روح ان ۾ صدها رنگينين جي تلاش ڪري ٿو. اهو ناممڪن آهي ته هو ان جي فقط هڪ ئي مانوس صورت تي مطمئن ٿئي. شاهه لطيف هو، سچل سرمست هو، سامي هو، يا ڪو ٻيو، هر ڪنهن پنهنجيءَ پنهنجيءَ ’شيرين‘ ۾ صدها رنگينين جي تلاش ڪئي. پر جڏهن وقت گذريو، ته هر ڪنهن جي شيرين هڪ مانوس صورت اختيار ڪندي ويئي، ۽ نئين فنڪار جي بيقرار روح ان کي مسترد ڪري، پنهنجي ’شيرين‘ پاڻ لاءِ ڳولي. اهو سچ آهي ته ماحول فنڪار کي متاثر ڪري ٿو، پر باغي فنڪار ڪڏهين به ماحول جو محتاج نه آهي. هو پنهنجو ماحول پاڻ پيدا ڪري ٿو. شعر و ادب يا ٻئي ڪنهن فن لطيف ۾ ماحول سان مصلحت آميزي، عظيم ترين گناهه آهي. فن، حسن، محبت ۽ سچائيءَ جو اڻٿڪ ۽ اڏول پاسبان آهي. اهو نظريو اڄ به ايترو ئي سچو آهي، جيترو شاه لطيف ۽ سچل سرمست جي وقت ۾ هو. انهيءَ لحاظ سان اڄوڪي ماحول ۽ ادب جي ڪنهن خاص جائزي وٺڻ بدران آءُ لطيف سائينءَ جي سر ڪارايل مان هڪ سٽ پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس. آسڻ جن آريج، تن جي وِههُ جو ورن ٻيو. نانگن معتلق لکندي، ڀٽائي چوي ٿو ته جن نانگن جا آسڻ (ٺڪاڻا) بنا ريج واريءَ زمين ۾ هوندا آهن، انهن جي زهر جو رنگ ئي ٻيو هوندو آهي. اڄ سنڌ جو ماحول اهو آريج آسڻ آهي، جتي اسان جي وِههُ جو ورن واقعي ٻيو ٿيندو.
|
|
|