|
|
شيخ اَياز سنڌ جي صدا ڪيرت ٻاٻاڻي شيخ اياز تي لکڻ جيترو ئي سولو آهي، اوترو ئي ڏکيو آهي. هن جي شاعري ۽ فن ايڏو بلند آهي، جو ڇا لکجي ۽ ڇا نه لکجي، جو سوال ئي منجھائي ٿو رکي. قلم اظهار جي رفتار کڻڻ ۾ ئي پيو هچڪي ته ڪٿان ٽپو ڏجي ۽ ڪيڏو وڏو ڏجي! ۽ اِهو ممڪن آهي ڪونه ته جنهن شاعر گذريل پنجاهه سال شعر چيو ۽ ٽيهه ڪتاب لکي پورا ڪيا آهن، تنهن جي مهراڻ ۾ ڪو وڏو غوطو ڏيئي سگھبو. ڪپر تي ويهي ڪجھه لهرن کي جھٽي ٿورو گھڻو مشاهدو ماڻهي سگھجي ٿو. يقينن اَهڙي حالت ۾ پياس ٻجھڻ جو نه، پياس وڌڻ جو ئي امڪان آهي. اياز ڀَل ڪيڏو به وڏو شاعر ٿي ويو هجي، هو اسان جو سرتو آه. اسين نه صرف ساڳي پيڙهيءَ جا آهيون، پر گڏجي ساڳئي دؤر ۾ پڙهيا آهيون، لڙيا آهيون، رُٺا پرتا آهيون، ساهت ۽ سياسي هلچلن ۾ ڪلهو ملائي اڳتي وڌيا آهيون. اسان جو دؤر لاجواب دؤر هو. هن دؤر ۾ دنيا اندر ولوڙ هئي ۽ پنهنجي ديش ۾ پڻ طوفاني سمو هو. ويهين صديءَ جو اُهو وقت جنهن ۾ اَسين رهيا آهيون، سو ڪيترن ئي ڳالهين ۾ انساني اتهاس ۾ فيصلا ڪن رهيو آهي. دنيا جي اندر اُهي تبديليون ـــــ ذهني توڙي ٻيءَ طرح آيون آهن، جن انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏيئي ڇڏيا ۽ انساني قسمت جو رنگ بدلي ڇڏيو. جڏهين اسين سانڀر ۾ آياسون ته دنيا جي سلطنت شاهيءَ جو وحشاني ڄار ڦهليل هو. دنيا جون ٽي پتيون خلق غلام هئي. گھُٽ، ٻوساٽ ۾ هئي. سامراج شاهيءَ جي مضبوط قلعي جي ديوارين کي روس جي عوام ڌڪ هڻي ڪجھه حصو ڪيرائي وڌو، پوءِ ڀارت جي آزادي ۽ چيني انقلاب، پوري قلعي ۾ ڏارون ڏارون ڪري ڇڏيون. اهڙي اتهاسڪ ڪارنامي ۾ سنڌ جي نؤجوانن پڻ رول اَدا ڪيو. جيڪي تمام ٿورا سنڌي مسلم جوان اسان سان سلطنتشاهي وروڌي تحريڪ ۾ اَڳرا هئا، تن ۾ شيخ اياز هڪ هو. هو برابر اسان سان جيل جو ساٿي ڪو نه بڻيو، پر ڌارين سامراج خلاف سندس روخ ۽ رول پختو هو. اُنهن ڏينهن ۾ لکيل سنڌي شعر ۽ ڪهاڻيون اُن ڪردار جي ثابتي آهن. هو کُلم کُلا عام ميڙن ۾ باغي ۽ انقلابي شعر چوندو هو. ”سفيد وحشي“ جنهن ۾ خاص طور اُن سري واري ڪهاڻيءَ ۾ گورن جي وحشانيت کي ننگو ڪيل هو. ڪاليج ڊبيٽ ۾ پڻ جڏهن ٻرندڙ سياسي ۽ قومي موضوعن تي بحث ٿيندا هئا ته اسين قوميت ۽ وطن دوستيءَ جو طرف وٺندا هئاسون ۽ گانڌي، نهرو، آزاد ۽ سباش جا پارٽ اَدا ڪندا هئاسون. جناح ۽ ٻين جا پارٽ ٻيا ئي کڻندا هئا. بدقسمتيءَ سان هڪڙو اهڙو تاريخي زلزلو ٿيو جو ديش جي آزاديءَ لاءِ لڌل سڀ خوبصورت خواب ڇيهون ڇيهون ٿي ويا. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ ڄڻ ڪارو دؤر شروع ٿي ويو. انسانيت جو ڪيس ٿيو. سنڌي هندن کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو ۽ ڀارت مان ڀڳل ”مهاجر“ ماڪڙ وانگر ڄڻ سنڌ تي ڪاهي پيا. اِن کان به وڏو قهر اِهو هو، جو پاڪستان جي سڄي ليڊرشپ ۽ طاقت ٻاهرين جي هٿ ۾ اَچي ويئي، جيڪي پاڻ کي فاتح ۽ سنڌين کي غلام ۽ تهذيبي طور گھٽ سمجھڻ لڳا. نتيجي طور سنڌين جي ٻولي تي حملو، سندن تهذيب تي حملو، سندن عزت تي حملو، سندن ڌرتيءَ تي حملو. پهرين سن 1949ع ۾ ڪراچيءَ جو پيارو شهر سنڌين کان کسي پاڪستان جو تختگاهه ٺاهيو ويو. سنڌين دانهون ڪُوڪون ڪيون ته سنڌ جي وڏي وزير کي هٽائي ڇڏيائون. پوءِ ته 1955ع ۾ اولهه پاڪستان کي هڪڙو پرڳڻو (وَن يونٽ) ٺاهي، سنڌ کي ئي نقشي تان هٽائي ڇڏيائون. سنڌ جو نالو وٺڻ يا نقشو رکڻ به گناهه هو. سنڌي هر لحاظ کان بي حال ۽ پائمال! اِهو سنڌ جي سنڌين لاءِ گھور انڌيڪار جو سمو هو، مٿن ظلم ۽ بي انصافي جو راڄ هو. ورهاڱي کانپوءِ اسين جيڪي ٿورا ترقي پسند هندو اُتي رهياسون ۽ وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيوسين، تن کي ٿورن مهينن کان پوءِ (1948) ٻڌي وڃي ڪراچي جيل ۾ وڌائون. شيخ اياز 1947ع کان اڳ ئي وڪالت پاس ڪري، ڪراچي ڇڏي وڃي سکر وسايو هو ۽ وڪالت جو پيشو شروع ڪيو هو. سکر مان 1946ع ۾ ”اڳتي قدم“ نالي هڪ ماهوار مخزن به شروع ڪيائين، جنهنجا ٽي پرچا ئي نڪري سگھيا هئا. اياز جي لکڻين ۾ ترقي پسند اُڀار ۽ تخليقي اُڏام جو ڇوهه ظاهر ظهور هو، پر سندس جادوئي اثر ۽ ان جو انقلابي سيلاب اَڃا اَچڻو هو. شاعر جي حساس دل کي هڪ گھري چوٽ جي ضرورت هئي. شيخ اياز مون کان پوءِ 1949ع جي وچ ڌاري مليو، جڏهن مان ڪراچي جيل مان نظربنديءَ جا يارنهن مهينا ڪاٽي، ڪراچيءَ مان نيڪالي جو حڪم حاصل ڪري، اَچي حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئي جي گھر رهيو هوس. هڪ ڏينهن شام جو گھر کان ٻاهر کٽ تي ليٽيو پيو هوس ته اوچتو اياز اچي پرگھٽ ٿيو. اسين گلي ملياسون، ٻنهن جون اکيون آليون هيون ۽ دليون دک ۾ ٻڏل. مون کي چيائين ته: هل ته فلاڻي هنڌ هلون. اِهو عام طور شريف ماڻهوءَ جي وڃڻ لاءِ نه آهي، پوءِ به مون کي حجت پائي ڄڻ زوريءَ وٺي هليو. اسين گھمي ڦري موٽي آياسون، بنا ڪنهن مطلب جي. پر محسوس ڪيم ته اياز ڪنهن اونهي پيڙا جي ڪُن ۾ ڦري رهيو آهي. هاڻي مون محسوس ڪيو ته اياز جي دل کي هڪڙي گھري چوٽ لڳي چڪي آهي. ڳالهين مان ظاهر هو ته سنڌ جي ڌرتيءَ ماءُ تي ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ويل وهيا يا عقوبتون ٿي رهيون هيون، تن اَياز جي دل کي ڦٽي ڇڏيو هو. بيوس سنڌ جي شاعر رڙيون ڪرڻ چاهيون. اَهڙي دل جي ڪيفيت وقت ئي اَياز پنهنجي پيغمبر شاعر ــــ شاهه عبداللطيف کي پڪاريو ٿو ڏسجي:
جاڳ ڀٽائي گھوٽ، سنڌڙي ٿي تو
کي سڏي، شيخ اياز تي جيڪو پهريون تخليقي جذبو طاري ٿيو، سو هو پنهنجي ڌرتيءَ سان لاانتها پريم. اِهو ئي سندس اُتساهه جو لامحدود سرچشمو هو. ڌرتيءَ جي ذري ذري سان محبت، پتي پتي سان پريت. سندس شعر ۾ نه صرف پنهنجي وطن تان قربان ٿيڻ يا مري مٽجي وڃن جي صدا آهي:
سگھه ڏي اَهڙي سچ، منهنجي
جڪڙيل جيءَ کي،
تنهنجي ڌرتي، مون کي پرتي، تو
۾ منهنجو ساهه، پر اُن کان به وڌيڪ آهي، سندس شاعريءَ ۾ ويڙهه جي للڪار. ڏاڍ جي خلاف لڙڻ جو سنديش. تاريخ جي اها گواهي آهي ته ڏکئي وقت تي اياز جي شاعري سنڌ ۾ مرده دلين ۾ جوش ڦوڪيو. گلين ڪوچين ۾ سندس بغاوت ڀريا شعر ڳايا ويندا هئا ۽ سنڌين کي سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو ويندو هو:
سهندو ڪير ميار او يار!
گيت به ڄڻ گوريلا آهن، 1962ع ۾ جڏهن سندس پهريون شعرن جو ڪتاب ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان شايع ٿيو ته سڄي سنڌ ۾ طوفان مچي ويو. اياز جي شاعري، جنهن ۾ هن نه صرف سنڌ سان محبت جا نغما ڳايا هئا، پر اُپکنڊ جي سموري شاهڪار تمدني ورثي کي هن پنهنجو ورثو ڪري قبول ڪيو هو. هن شاهه، سچل، سامي سنڌ جي سورهيه سورمن کي عقيدت پيش ڪئي هئي ته تلسي داس، ميرا، ڪبير، نانڪ، ودياپنتي، ٽئگور ۽ ٻين کي پڻ پنهنجن رچنائن جي گلن سان شرڌا پيش ڪئي هئي. مدي خارج مُلا ۽ نفرت جا پوڄاري پاڪستاني حڪمران ڪٿي ٿا اَياز جي بلند انسانيت جي سطح تي پهچي سگھن! سندس خلاف طوفاني پرچار شروع ٿي ويو. فرقي پرست اخبارن ۽ رسالن ڪاغذ ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا. اياز مٿان دهريو (ناستڪ) ڪافر، غدار، هندو نواز ــــــــ الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب لڳايا ويا. فرقيپرست ڪامياب ويا ۽ ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ تي پاڪستان سرڪار طرفان بندش وڌي ويئي. اڳتي هلي 1963ع ۾ سندس لاثاني نثر جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ظاهر ٿيو. سندس اِهو نثر ته ڄڻ ڪوتا آهي ۽ هڪ اهڙي عاليشان رچنا آهي، جنهن جو ڪو مقابلو ڪونهي. هن ڪتاب کي پڻ غير اسلامي ٺهرائي، 1968ع ۾ ضبط ڪيو ويو. هن نموني جي باغي شاعر جو سنڌ ڌرتيءَ تي ٻو ڪو مثال ڪونهي. سچل سائين جھڙي باغي شاعر سان جاگيرداري دؤر ۾ به اهڙي عداوت ڪانه ڏيکاري ويئي هئي. اياز کي جنگ لاءِ نفرت ۽ انسان لاءِ عظيم محبت آهي. انسانيت ئي اعلى ڪوي لاءِ وڏو آدرش آهي، اِهو ئي سندس سچو مذهب آهي ۽ هو پنهنجن عقيدن لاءِ سختيون برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. 1965ع ۾ جيڪا جنگ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڳي، اياز جو هردو ڄڻ ڦاٽي پيو. ڀاءُ جو خون وهائيندو! سندس دل مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، ڄڻ دانهن ڪيائين:
هيءُ سنگرام، انهيءَ وقت جي پاڪستان سرڪار لاءِ هيءَ گولي ڳيهڻ ڏکي هئي. جنگباز انسانيت جي ٻولي ڪٿي ٿا سمجھي سگھن! هنن اياز کي گرفتار ڪيو، جيل ۾ بند ڪيو ۽ مٿس سختيون ڪيون. هو ته پنهنجي اصول لاءِ ڪجھه به سهڻ لاءِ تيار هو. تنهن کان پوءِ اياز، وَن يونٽ خلاف جيڪا هلچل هلي، تنهن ۾ دل و جان سان ٽپي پيو ۽ وري جيل ياترا ڪيائين ۽ جڏهن سوڀ کان پوءِ ڇُٽو ته هزارين ماڻهو سندس سواگت لاءِ آيا ۽ کيس ڪلهن تي کڻي جيئي سنڌ ۽ اياز زنده باد جا نعرا هڻي نچڻ لڳا. هر اسٽيشن تي سندس اِهو سواگت ٿيو ۽ نيٺ هو پنهنجي گھر سکر پهتو. ساڳيءَ طرح جڏهن 1971ع جي زماني ۾ پاڪستاني فوجن اوڀر بينگال تي حيواني اَتياچار ڪري بيگناهه بنگالين جو قتل ڪيو هو ۽ سندن عورتن جون عصمتون لٽيون هيون ته اهڙي وقت به شيخ اياز جي انسانيت جاڳي هئي. هن کُلم کُلا بنگلا ديش جي وطن دوستن ۽ آزاديءَ ۽ لوڪشاهيءَ لاءِ لڙندڙ مظلوم بنگلا قوم جي طرفداري ڪئي هئي ۽ ظلم ۽ هنسا خلاف آواز اُٿاريو هو. بينگالي قوم جي مسڪين ۽ ستم زنده حالت تي ڪنهن وقت شيخ اياز هڪ ننڍڙي ڪوتا ٺاهي هئي، جيڪا هر وقت منهنجي ذهن ۾ پيئي ڦرندي آهي. ڏسو ان درد جي شدت:
بنگلاديش جي وئشيا، ٻي جيڪا زوردار اندرين ڌارا اَياز جي شعر ۾ وري وري پيئي پسجي، سا آهي ورهاڱي جو درد. هو سنڌي قوم جي اتهاس، ڪلچر، روايت، ٻولي ۽ محبت جو بٽوارو قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. هو قومي وجود ۽ وشواس کي تاريخ جي سازش کان اعلى ٿو سمجھي ۽ وري وري هٿرادو لِيڪن کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان ريٽي ٿو ڇڏي. اِهو جذبو شروعاتي دؤر ۾ ڪجھه نراسائي ڀَريو هي، جيئن هيٺين بيت جي اظهار مان بکي ٿو:
وڃو نه ويراگيو، هتي به ٿيندو
سوجھرو، پر جئن وقت گذرندو وڃي ٿو ته شاعر جو وشواس پختو ٿيندو وڃي ٿو ته انسان تاريخ جي وهڪري کي به موڙي سگھي ٿو. قومن جون قسمتون سون سالن کان پوءِ بدلبيون آهن، سچ چمڪي اُٿندو آهي، نه ته جيڪر شاعر جي جذبي جي هيءَ الهامي اوت نه ٿئي:
تيسين تائين ڀونءِ رهندي
تنهنجي تاڪ ۾، اياز جو رومانوي شعر به تمام گھڻو آهي ۽ ان جي گوناگونيت ۽ رنگت يا انوکي جذبات ۽ پنهنجي انفراديت آهي، جنهن کي مون ڄاڻي واڻي جڳهه جي محدودگي ڪارڻ نه ڇيڙيو آهي، پر پوءِ به هڪ ڳالهه بلڪل چٽي آهي ته سندس فڪر ۽ فن ۾ بغاوت جو جزو ڀرپور آهي. مان صرف سندس هڪ ٻه شعر، جنهن ۾ پيغمبري اعلان آهي سو ئي ٿو پيش ڪريان:
متان ڀانئين ائين تون، وسامي
ويئي،
آءٌ اَمرتا آهيان، آدي جڳادي،
|
|
|