سنڌ جو اياز
 

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

    اڄ شيخ اياز جي نائين ورسي جي مناسبت سان وائيس آف سنڌ جو ”شيخ اياز ايڊيشن“ ترتيب ڏيئي توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو اميد ته توهان کي پسند ايندو.

       شيخ اياز جيڪو سنڌ جو هڪ بيباڪ وطن پرست شاعر هو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي دردن سورن، ماروئڙن جي ڏکن ڏاکڙن، وقت جي حاڪمن جي ناانصافين ۽ زيادتين خلاف آواز اٿاريو. هن پنهنجي شاعري جي ذريعي سُتل ذهن جاڳايا ۽ انهن ۾ وطن سان محبت جو جذبو ڦوڪيو. هن وقت جي جابرن ۽ آمرن جي طاقت اڳيان آڻ مڃڻ ۽ جھڪڻ جي بجاءِ انهن کي للڪاريو ته هن کي انهي جي عيوضي ۾ جيل جون صعوبتون مليون ۽ روپوشي وارا ڏينهن گھارڻا پيا. اهي سڀ تڪليفون هن حق جي راه جي پانڌيئڙي کي خاموش نه ڪري سگھيون. ڇاڪاڻ ته اياز سنڌ سان وچن ڪري چڪو هو ته جيسين سندس جي جسم ۾ ساه جي رواني آهي، تيسين سنڌ ۽ سنڌ ڪندو رهندو. ون يونٽ جهڙي ڪاري دور ۾ جڏهن لفظ ’سنڌ‘ اچارڻ تي سزا مقدر بڻائي ويندي هئي، تڏهن اياز سنڌ جا گيت لکندو رهيو. ته جئين انهي استحصالي پنجوڙ ۾ سوگھي ڪيل هن سنڌ کي آجو ڪرائي سگھجي. 

تو چيو سنڌڙي، مون چيو جندڙي،
مون پرولي سلي، مون پرولي سلي،
                    توتان واريان جند،
                    منهنجي مٺڙي سنڌ.

    شيخ اياز صدين کان استحصالي ۽ پرماريت جي غلامي ۾ رهندڙ هن غلام سنڌ جي اها آزاد صدا هئي جنهن وقت جي طاقتور محلاتن جي سک چين کي ڦٽايو. ۽ سنڌ جي چپي چپي تي انهن جي طاقت کي لفظن جي تيرن سان چئلينج ڪيو. جڏهن سياست جي ميدان جا وڏا وڏا نالا به آمرن جي آڇن تي پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ويٺا يا خاموشي ۾ بهتري سمجھي ويهي رهيا.  تڏهن اياز نه وڪجي سگھيو ۽ نه هن خود ساخته خاموشي اختيار ڪئي. هن وٽ ستم ۽ جبر خلاف خاموشي اختيار ڪرڻ ڪنهن مظلوم تي ظلم ڪرڻ جيترو ئي گناهه هو.  شيخ اياز سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي شاعري جي ذريعي سندن جياپي ۽ آجپي جو فڪر ڏنو. هن ان قوم کي آزادي جي تعليم ڏني جيڪا نسل در نسل پُشت در پُشت ٻاهرين حاڪمن جي غلامي ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهندي پئي آئي. هن صدين کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سنڌ ديس جي آزاد هوائن جا نغما لکيا. 

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ.
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
پرواز بنا پر ڪئين هوندا
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ.

    شيخ اياز جي نزديڪ سنڌ ئي سڀ ڪجھه هئي. سنڌ جنت به هئي سنڌ ڪوثر به هئي هو پنهنجو پاڻ کي سنڌ ۾ وڃائي چڪو هو. شيخ اياز سنڌ جي سورن جو اکين ڏٺو گواهه، غلامي مان آزادي جي رستي جي پانڌيئڙن جي قربانين جو اکين ڏٺو شاهد هو.

تنهنجي ڪوثر توکي پهتي، مون کي ڏينم ڇڏي،
ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي مون کي ڪينجھر جي.

    شيخ اياز اُنهن مان نه هو جنن پنهنجي صلاحيتون سنڌ کي بخشڻ باوجود ذاتي مفاد حاصل ڪري حالتن سان سمجھوتو ڪيو ۽ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ورتو. هي جيترو وقت به جيئرو رهيو، سنڌ جي محبت ۾ رهيو. طاقت ۽ اختيار جي مالڪ حڪمرانن جو ساٿ ڏيئڻ بجاءِ هن سنڌ جي ڪمزور، صدين کان پيڙهيل، فرسوده رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل، رهبر ۽ رهزن جي شناسائيءَ کان محروم سنڌ جي عام ماڻهو جو ساٿ ڏنو. حڪمرانن جي قصيده گوئي ڪرڻ بجاءَ سنڌين جي صف ۾ بيهي انهن سان پنهنجن گيتن ۽ لفظن سان مقابلو ڪندو رهيو. جنگ رڳو ميدان ۾ وڙهڻ جو نالو نه آهي، هڪ جنگ اُها به هئي جيڪا اياز ظلم، ستم ۽ جبر خلاف سنڌ جي ادبي مورچي تان پنهنجي مزاحمتي قلم سان وڙهي رهيو هو. هن هٿيارن گولين ۽ طاقت ور برجن تي پنهنجي امن ۽ آزادي جي گيتن سان حملا ڪيا انهن جي وحشيت ۽ طاقت اڳيان آڻ مڃڻ بجاءِ پنهنجين گيتن جي ڀالن سان انهن کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان.
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
تون هيڻون آن هٿيارن سان.

     اياز سنڌي ادب جو اهو باب آهي جنهن کان سواءِ سنڌي ادب اڌورو آهي. جيسين تائين سنڌ ڌرتيءَ جو وجود رهندو تيسين تائين اياز جا گيت سنڌ ڏانهن ميري اک سان نهاريندڙ هر تاڪوءَ جي واٽ جي رڪاوٽ بڻجندا رهندا. اڄ جڏهن اقتدار ۽ اختيار جي عيوضي ۾ سنڌ پنهنجي وقعت وڃائي چڪي آهي ۽ سنڌ جي جياپي جي واحد رستي سنڌوءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جا منصوبا رٿيا پيا وڃن. سنڌ، سنڌوءَ ۽ سنڌيءَ جو وجود پنهنجي تاريخ جي انتهائي ڪاري دور مان گذري رهيو آهي. تباهي ۽ غلامي جا ڪڪر اڳي کان گھاٽا ٿي رهيا آهن. ۽ سنڌ جي وجود جي لاءِ هاڃيڪار منصوبن جي لاءِ رستو هموار ڪرڻ خاطر جعفر ۽ نائومل جهڙا ڪردار ذاتي مفادن خاطر قوم ڪُهائڻ ۽ سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جي موقعن جي تلاش ۾ آهن ته تڏهن شيخ اياز جي ضرورت ڪجھه وڌيڪ محسوس پيئي ٿئي. سنڌ اڪيلي ناهي اياز سنڌ کان ساٿ موڙي ناهي ويو. هو سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملي امر ٿي ويو آهي پر سندس گيت اڄ به هن سنڌڙيءَ جي حفاظت جا گفتا بڻيل آهن. 

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سِنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي!

    اياز سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق مزاج شاعر هو. پنهنجي اباڻي پڊن سان پيار هن کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي قلم جي تحرير سان ڌرتي خلاف اُٿندڙ جبر جي هر لهر جو مقابلو ڪري. اياز بحثيت هڪ سنڌيءَ جي پنهنجي ماتر ڀومي جي قرض کي چڪائڻ ۽ فرض جي ادائيگي خاطر آخر دم تائين لکندو رهيو. هر دور جيان ان وقت به اياز جي حق گويائي ۽ سچي تحرير وقت جي حاڪمن کي گوارا نه هئي ان جي ڪري سندس ڪتابن تي پابندي لڳي اهي ضبط ڪيا ويا ۽ اياز کي قيد ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اياز سچ لکڻ جو ڏوهاري هو هن انهي ڏوهه جو اعتراف به باغيانه ۽ سرڪش انداز ۾ ”ها مان ڏوهي هان“ لکي ڪيو. پر تاريخ ثابت ڪيو ته فتح حق جي ئي ٿيڻي آهي ڪالهه جنن اختيارن سان اياز ۽ ان جي تحرير کي پابندين ۽ زندانن جي حوالي ڪيو اڄ تاريخ جي وهڪري ۾ اُهي سڀ گمنامي جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن يا زماني گذرڻ سان گڏ اُنهن جي ڪا چڱي ياد باقي نه رهي آهي پر اياز جي شاعري اڄ به موجود آهي اياز جي تحرير اڄ به پڙهي پيئي وڃي.  سنڌ جو ٻچو ٻچو اياز جي نالي کان واقفيت رکي ٿو. زماني جي گردش اياز جي يادگيريءَ ماڻهن جي ذهنن تان ان ڪري نه ميساري سگھي، جو اياز جي سوچن ۽ لوچن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جا ڏتڙيل ماڻهو هئا. هو آزاد سنڌ جا خواب لهندڙ هو. جنهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڌرتي ۽ ان جي ماروئڙن جي دک درد جا جذبات هجن، اهو ماڻهو پنهنجي موت جي صدين کان پوءِ به ياد رهندو آهي. ۽ اياز ايستائين زندهه رهندو، جيستائين سنڌ ڌرتيءَ جو وجود رهندو.

”خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گھرجي!
هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
خواب وڏا ڏوهاريءَ آهن.
آزاديءَ جا خواب، انهن تي
بند اڳي کان ڀاري آهن.“
                          (اياز)


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net