جديد شاعريءَ جو سرواڻ ، شيخ اياز

عبدالطيف انصاري

    ٻوليءَ جي جديد رجحانن، تقاضائن، قوم جي امنگن ۽ سوچ جي ڌارائن کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ کي جديد ادب يا نئون ادب چئبو آهي. ان جو هرگز اهو مقصد نه آهي ته پراڻي تخليق ڪيل ادب قديم ۽ متروڪ ٿيل ادب آهي، پر جديد ادب جي معنيٰ نئين يا پراڻين صنفن ۾ جديد خيالن جو رنگ ڀرڻ، ۽ نئين انداز جون تشبيهون، تمثيلون استعمال ڪرڻ ئي جديد ادب آهي. چاهي اهو نثر ۾ هجي يا نظم ۾ هجي.  مشهور فرانسيسي اديب والٽيئر چيو آهي ته؛” منهنجو دشمن، جيڪو هر روز مونکي نئين طريقي سان اهنج رسائي ٿو، سو به جدت جو قائل نظر اچي ٿو“.

        جديد ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن عروضيءَ شاعريءَ کي تبديل ڪري ادب ۾ نيون هيئيون (Forms) ڏنيون.جنهن سبب عام روايتي شاعريءَ کي هڪ نئين راهه ملي ۽ عروضي شاعريءَ جي گھاڻيٽي ۾ تبديلي سماج لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿي. جديد شاعرن، قديم ۽ ٻاهرين شاعريءَ جي پابندين کي ٽوڙي، مضمون ۾ تبديلي آڻي انفراديت جي شروعات ڪئي. انهن غير فطري ۽ ماحول سان موافقت نه رکندڙ تشبيهن کي ڇڏي نج، ديسي ۽ ٺيٺ تشبيهون استعمال ڪيون. اهڙي شاعري سرجيندڙ جديد شاعرن جي سرواڻي ڪندڙ شاعر ” شيخ اياز “ ملي ٿو.

    جديد سنڌي ادب ۾ اياز جو نالو، آسمان جي بلندين تائين پهتل آهي. شيخ اياز اهو پهريون شاعر آهي جنهن اسان جي ادب ۾ جمود واري ماحول کي ٽوڙي نواڻ آندي. هن هر صنف ۾ نيون هيئتيون ڏنيون، جنهن سبب روايتي ۽ عام شاعريءَ نئين راهه اختيار ڪئي ۽ شاعري مروج خيالن ۽ گھاڻيٽن جي قيد مان نڪري صحِيح معنيٰ ۾ جديد شاعريءَ جو رنگ اختيار ڪيو. اياز قديم ۽ ٻاهريان آيل صنفن جي مخصوص روايتن ۽ گران پابندين کي ٽوڙي، انهن جي موضوع توڙي شڪل ۾ تبديليون آنديون. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته، ادب ۾ قومن جي ثقافت ۽ تهذيب جو نقشو جيترو وطن جي نج شعن جي تشبيهن سان واضع ٿئي ٿو، ايترو غير مانوس ۽ ٻاهرين تشبيهن سان واضع نه ٿو ٿئي. ٿڏهن ئي ته شيخ اياز، سوسن ، سنبل، نرگس، گل لاله جي بدران گلاب، موتيو، رابيل، وغيره جو استعمال ڪيو ۽ حقيقي زندگيءَ جو عڪس شاعريءَ ۾ پيش ڪيو، جيڪو هتان جي ماڻهن جي دلين ۾ وسندڙ سنڌو درياهه جيان هر وقت موجزن رهي ٿو.

    اياز جي شاعريءَ جو محور، مهراڻ جون موجون، سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ، پکي پکڻ ، جبل، شعر ، وسنديون ۽ فطري ماحول آهي. جيئن هو چوي ٿو ته:

اتر واءُ اوتي، جتي عطر توتـي،
هيا هنج تنهنجا اتان ئي اُڏارا
.

    شيخ اياز جو نج سنڌي شاعريءَ ۾ نج سنڌي مانوس لفظ ڪم آندا، جيڪي سنڌي عوام ۾ مقبول عام هئا. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري هر سنڌيءَ جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي ۽ صحيح طور تي عوامي بڻجي ادب جي افق تي ڇانيل آهي. هو فڪر انگيز خيال به پيش ڪري ٿو. جيئن چوي ٿو:

ڪجھه شاهه ڏني، ڪجھه شيخ ڏني،
سنــڌ ڙيءَ کي صـورت آ لــوڪو

    اياز وٽ گل سوسن يا گل لاله جي خوشبوءِ جي بدران مينديءَ ۽ نم جي ٻور جي خوشبوءِ آهي جيئن هو چوي ٿو: 

ڦٽڻ لڳي آ ميندي، مٺڙا نم جھليو آ ٻور،
يا

ڏاڙهــــونءَ ڦـــوهه ڦـــــلاريـــا منهن ۾.

     شاعرن جي ٻوليءَ جو خاص حصو اهي علامتون پڻ هونديون آهن، جن کي هو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪندو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جون علامتون، چانگو، غواص، ڪانگ، ائٽ، سامونڊي، وڻجارو، کاهوڙي، جوڳي، چارڻ وغيره ۽ سنڌ جي رومانوي داستانن جا ڪردار، واقعا، حالتون غضقيه ۽ تصوف جي موضوعن کان وٺي شيخ اياز سياسي توڙي سماجي فڪر جي ترجمانيءَ لاءِ پڻ انهن تشبيهن جو استعمال عام جام ڪيو آهي. شيخ اياز هڪ ذميوار شاعر جي حيثيت سان گڏ ٻين مروج اصطلاحن ، تشبيهن ۽ علامتون  پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيون آهن، جيئن آرائين، ڄَرَ، اُڃ، آهيڙي، هورَ، مَڌُ، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، نَڙُ، ٻاٽ، للاٽ، سَرُ، مارو ۽ ٻيا ڪيترائي هزارين لفظ، قومي توڙي بين الاقوامي خيال جي اظهار جي لاءِ استعمال ڪيا اٿائين، جن ۾ سنڌ ۽  سنڌي ماڻهو جي جُڳن جي تهذيب ۽ تمدن جي زندگيءَ کي  نئين انداز سان دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. 

سال ســـــڄو ٿــــــــورائتا،
                                        لاڙي منهنـجي لاڙ جا.....
ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ لڳن ٿا،
                                        ڳالهه ڪري ساکائتا....... 

    اياز جون علامتون، سنڌ جي سيني تي صدين کان قائم وڏيرڪي غلاميءَ جي چڱيءَ ريت تصوير پيش ڪن ٿيون. سندس آواز، سنڌي عوام جي اجري اندر جو اهو آئينو آهي، جنهن ۾ هن کي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ملي ٿي. شيخ اياز جا ٽي منظوم ڊراما(Opera) به لکيل آهن. جنهن مان هڪ ڊرامو ” دودي سومري جو موت “ به آهي، جنهن ۾ هن پراڻن ڪردارن کان بلڪل اهو ڪم ورتو آهي، جيڪي جديد دنيا جي معاشي، سماجي ۽ سياسي مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿا. جيئن هو چوي ٿو ته:

ڏاهپ جو آ ڏس اهــــــــو ئي،
جيئن جهڙو جـــس نه ڪوئي،
هر شيءِ اچڻي وڃـــــڻي آهي،
هر شــــيءِ ڀيري ڀڃڻي آهي،
جيڪــــــو آهي سو هي پل آ،
موت اٽــــــــل آ، موت اٽل آ.

    اياز سنڌي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي، صحيح نموني ۾ عوامي بڻايو. شاعريءَ ۾ تخيلاتي جاڳرتا کان پوءِ، اياز فن ۾ جيڪا تبديلي ڏني سا موضوع جي حوالي سان هئي. هن وائيءَ جي روايتي موضوع کي تبديل ڪري انقلابي بڻائي ڇڏيو. جيئن هن وائيءَ ۾ چوي ٿوته: 

ڳاڙها ڳڀــــرو آئــــيا
                دولهه منهنجي ديس جا
در در ونڙيءَ پنـــهنجا
                دولهه منهنجي ديس جا
مرڪـــــي وار وڇائيا
                دولهه منهنجي ديس جا
واري تن تي جنــدڙي
            دولهه منهنجي ديس جا
هي جي ويري گھائيا
            دولهه منهنجي ديس جا

     اياز جي شاعريءَ قوميت جون حدون اورانگھي بين الاقواميت کي وڃي پهتيون آهن. جنهن سبب اياز کي آفاقي شاعر چئي سگھجي ٿو. هو پاڻ به انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو: 

” هن کي ته ڇڏي ڏينس پيئڻ لاءِ جيئڻ لاءِ
هي شاعــــرِ آفـــــاق ايــــــاز آ اڙي يــار“ 

    اياز جا موضوع سنڌ ڌرتيءَ کان ٽپي عالمي نوعيت وارا بڻجي ويا آهن. اياز جديد شاعريءَ جي ڪمزور ۽ ڪچڙي ٻوٽي کي پنهنجي جگر جي رَتُ سان آبياري ڪري هڪ مضبوط وڻ بڻايو. سندس شاعريءَ جو محور هر اهو مظلوم انسان آهي جنهن جو ڪو به واهرو ڪونه آهي. اياز بين الاقواميت جو چٽو اهڃاڻ آهي. هو ٿري ٻار ۽ ايٿوپيا جي ٻار کي هڪ جيترو مظلوم سمجھي ٿو ۽ کيس هڪ ئي نظر سان ڏسڻ جو قائل آهي. 

ڪنگيءَ ورتل ٻار انهـــــن جا
پيٽ پٺيءَ سان هڙٻون نڪتل
موت انـــهن جي ماڻڪين مان
جيــــئڻ تي ڦٽڪار ڪري ٿو
۽ ڪوئي ڪنهن وقت مري ٿو. 

    شيخ اياز جي سڀ کان عظيم شاعراڻِي  خوبي اها آهي ته هو فن ۽ خيال کي هڪ جيترو ۽ معتدل نموني گڏ وٺي هلي ٿو. سندس فڪر ۽ خيال ۾ جيڪا لطافت ۽ رنگيني آهي. ان لاءِ هو لفظ به اهڙا لطيف ۽ رنگين استعمال ڪري ٿو جيڪي ان جي خيال سان هم آهنگ ٿيندي سندس هيٺ ڏنل وائي شاهه سائين رح جي فن توڙي فڪر جي خوب ترجماني ڪري ٿي.

 ٽڙي پوندا ٽاريئيـــــــــــــن،
                                جــڏهن ڳاڙهـــــــــــــا گل،
                                                            تڏهن ملندا سون
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون،
                                هــــــر هـــــــــــر ڪري هُل
                                                        تڏهن ملندا سون
وڇـــــــــــــــوڙي جا ڏينهڙا
                                ڀورائــــــــــــــــــيءَ جي ڀل
                                                        تڏهن ملندا سون 

    اياز هن اڄوڪي صنعتي دؤر جو شاعر هوندي به پنهنجي ترن، برن، واهڻن، ڪڙمين، جوڳين ۽ ڪمي ڪاسبين سان رشتو ڪونه ٽوڙيو آهي. هن ٻنهي دورن کي پاڻ ۾ ڳنڊي انتهائي دلڪش بنايو آهي. هن جي شاعري دُکي دل جو درمان آهي. سندس ڏات اهو ڪڪر آهي، جنهن وسي وسي ٻنا ٻوڙ ڪري ڇڏي آهي. اياز جي شاعري آئندي نسل لاءِ وهائو تارو به آهي جنهن جي ڏسيل راهه تي هلي اسين دک ۽ دردن جي دنيا کان نجات حاصل ڪري سهنج سان جي سگهون ٿا. 

مددي ڪتاب

1.       ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (ٽي حصا)......................................... شيخ اياز.
2.
      
ڪي جو ٻيجل ٻوليو........................................................................... شيخ اياز
3.
      
وڄون وسڻ آئيون................................................................................... شيخ اياز
4.
      
سَرَ لوهيڙا ڳڀيا.......................................................................................... شيخ اياز
5.
     مضمون  شيخ اياز جا آزاد نظم ۽ موسيقي (ڊاڪٽر عبدالستار انصاري)

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net