سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾

آفتاب احمد

    ڊسمبر جو مهينو شايد وڇري ويلن جي سار جو مهينو آهي. هن مهيني ۾ سنڌ کان سندس مُهان ڪوي شيخ اياز وڇريو ته ٻئي طرف وري مُهان راڳي سرمد سنڌيءَ سنڌ کي جدائي جا درد ڏئي هن جھان مان هليو ويو. شيخ اياز جنهن شعر کي آسمان جي چوٽين تي پهچايو، تنهن ئي شعر کي وري سرمد سنڌيءَ ٻيجل وانگر سُرن ۾ ڳاتو.

    حيات علي مغل جو هيءُ پٽ عبدالرحمان مغل جيڪو بعد ۾ سڄي سنڌ جي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيو، 7 مئي 1958 ۾ پريالوءِ ۾ جنم ورتائين. کيس ننڍي لاڪون چنگ وڄائڻ جو شوق رهيو. 38 ورهين جي جوانيءَ واري ڄمار ۾ سنڌ کان جدا ٿيندڙ هِن فنڪار جي ياد اڄ به هزارين اکڙين ۾ آلاڻ جيان زندهه آهي. سرمد چوي ٿو ته

نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي ــــ سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي
                                                                مون کي نه وساريو هوندئي . .  .
                                                                مون کي نه وساريو هوندئي . . .

    فنڪار ته هر دؤر ۾ هوندا آهن، مگر تمام گھٽ فنڪار دلين تي راج ڪندا آهن. سرمد به انهن ئي فنڪارن مان هڪ هو. انقلابيءَ فنڪار! جنهن سنڌ جي ماروئڙن سان اُن وقت به ساٿ نڀائڻ جا گيت ڳاتا هئا، جنهن وقت آمريت جو راج هو. جڏهن وڏا وڏا رهنما به انقلاب جو نانءُ وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، اُن ئي دور ۾ هڪ نوجوان سنڌ جي اُفق مان سج جيان روشن ٿيو ۽ سندس آلاپ هو ته

عظمتن جي منزلن جون ڪُر نشون نٿيون وڻن،
خوشامندون نٿيون وڻن، شابسون نٿيون وڻن
وڻي ٿو ماءِ سنڌ جو آب تاب زنده باد
انقلاب زنده باد ـــ انقلاب زنده باد

    جڏهن اِهي آلاپ سنڌ جي ڌرتيءَ مان گجگوڙ جيان گونجيا، تڏهن هر انسان حيران رهجي ويو، ته هي ڪير آ، جيڪو ظلمت جي انڌيري رات ۾ هڪ روشن انقلاب جو نعرو هڻي رهيو آهي. ستت ئي دنيا کي معلوم ٿي ويو ته اڄ وري سنڌ ڌرتيءَ هڪ نئين ٻيجل کي جنم ڏنو آ، مگر اِهو ٻيجل ڪنهن جو سِر وڍڻ نه پر ڌرتيءَ جي ماروئڙن سان ساٿ نڀائڻ آيو آهي. تڏهن ئي ته چيو هُئائين:

ڪات منهنجي ڪنڌ تي، آءُ کلندو اچان،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، آءُ چوندو اچان. . .!

    سرمد سنڌي سنڌ جي قومپرست جلسن ۽ جلوسن ۾ جڏهن قومي گيت ڳائيندو هو، ته سڄي ميڙ ۾ خاموشي مچي ويندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ اڄ سنڌ سرمد جي روپ ۾ اچي پنهنجو آلاپ، پنهنجو درد پنهنجن مارُن سان ونڍي رهي آهي، ۽ اُنهن کي آزاديءَ جو ولولو بخشي رهي آهي.

ڀؤنر نه ٿيو بلبل نه ٿيو اي جيجل جا نوجوانو،
سنڌ شمع تي اچو پچڻ لاءِ سنڌيت جا پروانو،
جي ٿا ڊڄو ته جيئي سنڌ جو لفظ لبن تي آيو ڇو
                                                                پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا . . . . ؟

    اڄ سرمد سنڌيءَ جي ڏهين ورسيءَ آهي. شايد پريالوءَ جي قبرستان ۾ ڪنهن سندس قبر تي ڪي گل رکيا هجن، ۽ سندس قبر تي لڳل ڪتبو به پڙهيو هجي. جنهن تي لکيل آهي.

ياالله                            يا محمد
786
جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين،
گھڻن کي اسان به رُئاري وينداسين.

    ٺٽي ضلعي ۾ ديوان شگر مل ڀرسان جڏهن حادثي کان پوءِ سندس رت ڌرتيءَ تي ڪِريو، اُهو عالم ڪيترو نه درد ناڪ هوندو. سنڌ جو سدا بهار، کلندڙ راڳي ههڙي جوانيءَ واري عمر ۾ سنڌ واسين کان وڇڙي ويندو، تنهن جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. وفات جي صرف ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس پُٽ عزيز الرحمان هِن جھان ۾ اکيون کوليون، تڏهن سندس پوئيوارن جي ڏک جو اندازو ڪير ٿو لڳائي سگھي. سرمد جي آواز ۾ چيو هوندائون ته

دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ـــــــ ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿئي ٿيئي

سرمد سنڌيءَ اڄ اسان وٽ ناهي، پر سندس گيت دل ۾ سندس موجودگيءَ کي زندهه رکندا اچن. سرمد کي به سنڌ جي شهيدن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. هُو پنهنجن پوئيرن کي آٿت ڏيندي چوي ٿو

لاش منهنجو ڏسي ڇو ٿي روئين امان!
مان ته جيئرو آهيان، ڏِس شهيدن جيان


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net