|
|
سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ آفتاب احمد ڊسمبر جو مهينو شايد وڇري ويلن جي سار جو مهينو آهي. هن مهيني ۾ سنڌ کان سندس مُهان ڪوي شيخ اياز وڇريو ته ٻئي طرف وري مُهان راڳي سرمد سنڌيءَ سنڌ کي جدائي جا درد ڏئي هن جھان مان هليو ويو. شيخ اياز جنهن شعر کي آسمان جي چوٽين تي پهچايو، تنهن ئي شعر کي وري سرمد سنڌيءَ ٻيجل وانگر سُرن ۾ ڳاتو. حيات علي مغل جو هيءُ پٽ عبدالرحمان مغل جيڪو بعد ۾ سڄي سنڌ جي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيو، 7 مئي 1958 ۾ پريالوءِ ۾ جنم ورتائين. کيس ننڍي لاڪون چنگ وڄائڻ جو شوق رهيو. 38 ورهين جي جوانيءَ واري ڄمار ۾ سنڌ کان جدا ٿيندڙ هِن فنڪار جي ياد اڄ به هزارين اکڙين ۾ آلاڻ جيان زندهه آهي. سرمد چوي ٿو ته
نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي ــــ
سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي فنڪار ته هر دؤر ۾ هوندا آهن، مگر تمام گھٽ فنڪار دلين تي راج ڪندا آهن. سرمد به انهن ئي فنڪارن مان هڪ هو. انقلابيءَ فنڪار! جنهن سنڌ جي ماروئڙن سان اُن وقت به ساٿ نڀائڻ جا گيت ڳاتا هئا، جنهن وقت آمريت جو راج هو. جڏهن وڏا وڏا رهنما به انقلاب جو نانءُ وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، اُن ئي دور ۾ هڪ نوجوان سنڌ جي اُفق مان سج جيان روشن ٿيو ۽ سندس آلاپ هو ته
عظمتن جي منزلن جون ڪُر نشون
نٿيون وڻن، جڏهن اِهي آلاپ سنڌ جي ڌرتيءَ مان گجگوڙ جيان گونجيا، تڏهن هر انسان حيران رهجي ويو، ته هي ڪير آ، جيڪو ظلمت جي انڌيري رات ۾ هڪ روشن انقلاب جو نعرو هڻي رهيو آهي. ستت ئي دنيا کي معلوم ٿي ويو ته اڄ وري سنڌ ڌرتيءَ هڪ نئين ٻيجل کي جنم ڏنو آ، مگر اِهو ٻيجل ڪنهن جو سِر وڍڻ نه پر ڌرتيءَ جي ماروئڙن سان ساٿ نڀائڻ آيو آهي. تڏهن ئي ته چيو هُئائين:
ڪات منهنجي ڪنڌ تي، آءُ کلندو
اچان، سرمد سنڌي سنڌ جي قومپرست جلسن ۽ جلوسن ۾ جڏهن قومي گيت ڳائيندو هو، ته سڄي ميڙ ۾ خاموشي مچي ويندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ اڄ سنڌ سرمد جي روپ ۾ اچي پنهنجو آلاپ، پنهنجو درد پنهنجن مارُن سان ونڍي رهي آهي، ۽ اُنهن کي آزاديءَ جو ولولو بخشي رهي آهي.
ڀؤنر نه ٿيو بلبل نه ٿيو اي
جيجل جا نوجوانو، اڄ سرمد سنڌيءَ جي ڏهين ورسيءَ آهي. شايد پريالوءَ جي قبرستان ۾ ڪنهن سندس قبر تي ڪي گل رکيا هجن، ۽ سندس قبر تي لڳل ڪتبو به پڙهيو هجي. جنهن تي لکيل آهي.
ياالله
يا محمد ٺٽي ضلعي ۾ ديوان شگر مل ڀرسان جڏهن حادثي کان پوءِ سندس رت ڌرتيءَ تي ڪِريو، اُهو عالم ڪيترو نه درد ناڪ هوندو. سنڌ جو سدا بهار، کلندڙ راڳي ههڙي جوانيءَ واري عمر ۾ سنڌ واسين کان وڇڙي ويندو، تنهن جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. وفات جي صرف ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس پُٽ عزيز الرحمان هِن جھان ۾ اکيون کوليون، تڏهن سندس پوئيوارن جي ڏک جو اندازو ڪير ٿو لڳائي سگھي. سرمد جي آواز ۾ چيو هوندائون ته دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ـــــــ ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿئي ٿيئي سرمد سنڌيءَ اڄ اسان وٽ ناهي، پر سندس گيت دل ۾ سندس موجودگيءَ کي زندهه رکندا اچن. سرمد کي به سنڌ جي شهيدن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. هُو پنهنجن پوئيرن کي آٿت ڏيندي چوي ٿو
لاش منهنجو ڏسي ڇو ٿي روئين
امان!
|
|
|