|
|
”شائق“ لطيفي ـــــــــــــــ ڊرامو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڪردار: ”شائق“ لطيفي، ڏوٿي، مارو، خدمتگار، مُلا مکڻ، صوبيدار، جج ۽ وڪيل وغيره ( پردو پهريون)
”شائق“ لطيفي:
”عاشق زهر پياڪ، وهه سي وهمن
گھڻو،
شائق لطيفي (ٻاهران ايندڙن کي ڏسندي):
”اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي
در آيو، ڏوٿي (هٿ ٻڌندي): ”سائين! بهاريون قراريون؟ اسين ته هر وقت سائينجن کي سرها ڏسڻ لاءِ آتا آهيون.“ شائق لطيفي:
”ماڻهو گھُرن مال، آءُ سڀ
ڏينهن گھُران سپرين، مارو: ”شڪرالحمدلله! سائينجن جي طبيعت ڪالهه کان اڄ مڙئي سڌير ڏسجي ٿي.“ شائق لطيفي:
”ڪهڙي پُڇين ٿو ڪالهه، ڪر نڪا
اڄ صباح، خدمتگار: ”سائين! هن جمعرات تي ڀٽ شاهه هلڻ لاءِ سواريءُ جو بندوبست ڪريون يا نه؟ اڳي وانگر وري خيال ته ڪونه لاهي ڇڏيندا؟“ شائق لطيفي:
”ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کُلن
در دوستن جا،
ملا مکڻ: ”لطيفي صاحب! اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ شائق لطيفي:
”نڪو سندو سور جو، نڪو سندو
سڪ، مُلا مکڻ: ”توهان وعدو ڪيو هو ته آئنده ساز سرود سان وندر نه ڪندؤ؟“ شائق لطيفي:
”رڳون ٿيون رباب، وڄنم ويل
سڀڪنهن، مُلا مکڻ: ”خبر نٿي پوي ته توهان هر وقت مدهوشيءَ ۾ ڇو رهو ٿا؟“ شائق لطيفي:
”ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي، عادت
جنين اِيءَ، مارو: ”سائين! عيد جو سڀاڳو ڏينهن به ايهين گذاري ڇڏيوَ، ڪا خوشي ڪانه ڪيوَ؟“ شائق لطيفي:
”ڏکي ڏمر ناهه، بکي کل نه
اُجھي، مُلا مکڻ: ”اوهان پنهنجي طبيعت ڪنهن حڪيم کي ڇو نٿا ڏيکاريو؟“ شائق لطيفي:
”ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه
گڏيا، ڏوٿي: ”توهان حڪم ڪريو، ته ڪنهن سٺي حڪيم کي وٺي اچان!“ شائق لطيفي:
”اُٿياري اُٿي ويا، منجھان
مون آزار،
صوبيدار: ”توهان مان شائق لطيفي ڪير آهي؟“ شائق لطيفي:
”لوڪان لِڪي سڀڪو، لِڪان لِڪي
ڪونه، صوبيدار: ”ته تون ئي پاڻ کي شائق لطيفي سڏائين ٿو؟“ شائق لطيفي:
”لڳيءَ جو ’لطيف‘ چئي، نڪو
قال نه قيل، مارو: (صوبيدار کي ڏسندي) ”توهان آيا ڪهڙي نيت سان آهيو؟ (”شائق“ لطيفي ڏانهن نهاريندي)، ”آخر هِن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ صوبيدار: ”اهو ته هن کان ئي پُڇو ته پرائي پلاٽ تي ڇو قبضو ڪري ويٺو آهي؟“ شائق لطيفي:
” عاشق شهر فقير، در در هڻن
سَين، ڏوٿي: ”پر صوبيدار صاحب! هيءُ بنان مالڪائي وارو پَٽ هو، جيئن ٻيا والاري اچي ويٺا، تيئن شائق لطيفي به هن ننڍڙي پلاٽ تي اچي اوتارو اڏي ويٺو.“ صوبيدار: ”نه نه، هي پلاٽ سيٺ رمضان کي الاٽ ٿيل آهي، جنهن مٿس زوريءَ قبضي جو فرياد داخل ڪيو آهي.“
شائق لطيفي:
”جا ڀون پيرين مُون، سا ڀون
مٿي سڄڻين،
پردو ٻيون منظر: صوبيدار ”شائق لطيفي“ کي ٿاڻي تي وٺي اچي ٿو. ٿاڻي ديوارن تي ڪجھه چارٽ ۽ ڏوهارين جا نالا نشان لڳل آهن. ٿوري دير ۾ سيٺ رمضان به صوبيدار سامهون پيل ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو ۽ شائق لطيفي ڏانهن ڏسندي چوي ٿو. سيٺ رمضان: ” ته نيٺ تون پنهنجي ڳالهه کان نه مُڙئين؟ هيستائين پهچي وئين!“ شائق لطيفي:
”قسمت قيد قوي، نه ته ڪير اچي
هن ڪوٽ ۾، سيٺ رمضان: ”اڃا به وقت اٿئي، جي جاءِ جو قبضو خالي ڪري ڏين ته اجائي خجالت کان بچي ويندين ۽ تو کي ڪجھه چڱو معاوضو به ڏئي ڇڏيندس.“ شائق لطيفي:
” اِي نه مارن ريت، جيئن سيڻ
مٽائين سون تي، صوبيدار: (سپاهين کي حڪم ڏيندي) ”هڻوس لاڪب ۾!“ شائق لطيفي:
” آتڻ اورانگھي ويا، اڱڻ مون
افسوس،
شائق لطيفي:
”يار سڏائي سڀ ڪو، جاني
زباني، ڏوٿي: ”سائين! ڪيس کٽڻ لاءِ اسان شهر جو هڪ سٺو وڪيل ڪيو آهي. توهان جو ان باري ۾ ڪهڙو فيصلو آهي؟“ شائق لطيفي:
” جان ڪي آڳاهين، تان اتيئي
اُڀي آهيان، مارو: ”سائين! چون ٿا ته ڪو شاهد هجڻ ضروري آهي. ٻيو ته پڪو دستاويز، نه ته ڪجھه ڪچي لکپڙهه ئي ثبوت لاءِ پيش ڪرڻي پوندي.“ شائق لطيفي:
”نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي
آئيو،
پردو ٽيون
سرڪاري وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي ته ڪاغذات ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪا آهن، جن مان ثابت آهي ته ان پلاٽ جو مالڪ سيٺ رمضان آهي. يوئر آنر! ملزم عدالت ۾ موجود آهي. کانئس پڇيو وڃي ته هُو ڇو ناجائز طور پلاٽ تي قابض آهي؟“ جج: (شائق لطيفيءَ سان مخاطب ٿيندي) ”تون ڪير آهين؟“ شائق لطيفي:
” پر وس يٿس پراڻ، پرين وس نه
پانهجي، شائق لطيفي جو وڪيل: (عدالت کي مخاطب ٿيندي) ”سائين! منهنجي مؤڪل جي لطيفي ڪلام سان عشق باعث اها فطرت بڻجي وئي آهي، جو هر سوال جو مطلوب جواب بيت ۾ ٻڌائيندو آهي.“ جج: (شائق لطيفي سان) ” تنهنجي تعليم ڪيتري ورتل آهي؟“ شائق لطيفي:
” جن کي دؤر درد جو، سبق سور
پڙهن، جج: (شائق لطيفي سان) ” تنهنجي خلاف سيٺ رمضان دعوى ڪئي آهي، پنهنجي صفائي ۾ تو کي ڇا چوڻو آهي؟“ شائق لطيفي:
” منهن ته آهيريائي اُجرو،
قلب ۾ ڪارو، سيٺ رمضان جو وڪيل: (اعتراض اٿاريندي) ” يؤرآنر! هر سوال جو بيت ۾ جواب مبهم ٿئي ٿو؛ ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي.“ شائق لطيفي:
”هي ڪن گاڏاهان وڪڻي، ڪن ڪي
ٻيا ڳنهيج، جج: (شائق لطيفي کي) ”مُلا مکڻ ۽ ٻين شاهدن پڻ تنهنجي خلاف شاهدي ڏني آهي ته تنهنجي چال چلت نؤجوانن تي خراب اثر وڌو آهي.“ شائق لطيفي:
” آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو
ڪيو، جج: (شائق لطيفي سان) ” تو پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪو شاهد آندو آهي؟“ شائق لطيفي:
” نڪو ڪيچ ڀنڀور، نڪو مائٽ
منڌ جو، جج: (شائق لطيفي سان) ” تون پلاٽ مالڪ کي خالي ڪري ڇو نه ٿو ڏين؟“ شائق لطيفي:
” چور اُڀو ائن چوءِ، ته آءُ
اهوئي آهيان، مدعي جو وڪيل: ”يؤرآنر! ملزم تمام هوڏي ۽ ارڏو آهي. عدالت جي سوالن جا جواب سڌيءَ طرح نٿو ڏئي.“ جوابدار جو وڪيل: ”سائين! مدعي جي وڪيل جي اعتراض ۾ مون کي صرف ايترو چوڻو آهي ته شعر ۾ جواب ڏيڻ عدالت جي توهين ناهي. تعزيراتِ پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي شق ناهي. ٻيو ته بيتن ۾ جواب ڏيندي انهن جو مطلب صاف صاف سمجھه ۾ اچي ٿو.“ جج: ”جوابدار جيڪڏهن پنهنجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪو ظاهر ظهور ثبوت پيش نه ڪندو ته سزا کان بچي ڪونه سگھندي.“ شائق لطيفي:
” هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري
الله،
مدعي: ”سائين! آئون ان پلاٽ تان هٿ کڻان ٿو ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان پلاٽ جوابدار جي نالي ڪرايان ٿو. هن شهر ۾ جيڪا سندس بدنامي ٿي آهي، سا سزا سندس لاءِ ڪافي آهي.“ شائق لطيفي:
”ڪُهن ۽ ڪوٺِين، اِيءَ پَرِ
سندي سڄڻين، جج: (شائق لطيفي کي) ” تو کي ڪجھه چوڻو آهي؟“ شائق لطيفي:
”اُجھي ٻَجھي آئيا، وائي ڪن
نه وات، جج: ”عدالت ملزم کي سڌيءَ طرح جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ توهينِ عدالت جو مجرم سمجھي ٿي، ان ڪري عدالت ملزم کي ست ڏينهن، پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ٿي.“ شائق لطيفي:
” جيڪي ڏنائون، سو سڀ سر ڏئي
سهه جندڙا، سرڪاري وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي التجا ڪندس ته ملزم جي حالت تي رحم ڪري. حقيقت ۾ مانُ ۽ مَرتبي جي لحاظ کان جوابدار غير معمولي انسان ڏسجي ٿو. هو شاهه لطيف ڀٽائي جو حقيقي پرستار ۽ سنڌي ادب جو عاشق ڏسجي ٿو. ان ڳالهه کي مدِنظر رکندي عدالت کي درخواست ڪجي ٿي ته ملزم جي سزا معاف ڪئي وڃي. اهو انڪري به انصاف جي مطابق ٿيندو ته مدعي پنهنجي دعوى تان هٿ کڻي چڪو آهي.“ جج: ”ڪورٽ ملزم جي حالت تي ترس کائيندي کيس سزا معاف ڪري ٿي.“ شائق لطيفي بلند آواز ۾ بيت پڙهندو ڪورٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. شائق لطيفي:
”ڪين منجھان جو ڪري، سو نه
ساراهين سائين،
|
|
|