|
|
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: سالڪن ۽ عاشقن جو استاد گل محمد جلباڻي سنڌ سونهاري جي مانواري مٽيءَ مان ڪيئي اولياءَ، شاعر، اديب، عاشق، عارف، عالم، صوفي، درويش ۽ بزرگ پيدا ٿيا آهن. سنڌ ڌرتيءَ کي اوليائن بزرگن جو آستانو سڏوي وڃي ٿو، انهن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي، جنهن کي شاعرن جو سرتاج، ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، لاکيڻو لطيف، رسالي ڌڻي، لال لطيف ۽ ڀٽائي گھوٽ جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر آئون کيس سالڪن ۽ عاشقن جو استاد سڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته هن رسالي ۾ انسانن کي بُرن ڪمن کان بچڻ ۽ سنئين رستي تي هلڻ لاءِ پنهنجي بيتن ۾ جيڪي سبق سمجھايا اٿس، سي شريعت کان وٺي معرفت ماڻڻ تائين قرآن ۽ حديث جي حوالي سان سيکاريا اٿس. قرآني آيتن سان مشابهت ڏيندي فرمائي ٿو ته:
بيت نه ڀانيو ماڻهونئا، هي
آيتون آهن، رومي صاحب پنهنجي مثنوي بابت يو آهي ته ”هي پارسي زبان ۾ ٻيو قرآن آهي.“ تيئن شاهه جو رسالو به سنڌي زبان ۾ قرآن جو شعري ترجمو چئجي ته به ٺهي ٿو. هاڻي شاهه صاحب جي سوانحِ حيات بابت به چوندو هلان. شاهه صاحب جا وڏا اصل هِرات جا هئا. شاهه صاحب، شاهه حبيب جو پٽ ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو پڙپوٽو هو، سندس خاندان پهتل بزرگ هئا. سندن ولادت هالا حويلي جي ڳوٺ ۾ ٿي، بعد ۾ ڪوٽڙي ۾ اچي رهيا، جيڪا ڀٽ شاهه کان ٻن ڪوهن تي آهي. کيس پڙهڻ لاءِ وقت جي مشهور عالم ميان نور محمد ڀٽي (وائيءَ واري) وٽ مدرسي ۾ ويهاريو ويو. آخوند صاحب الف ب شروع ڪرائي. شاهه صاحب الف جو اکر پڙهيو پر ب جو اکر نه پڙهڻ تي ضد ٻڌي بيٺو. چوي ته مون کي الف ئي ڪافي آهي. الف کان مٿي ٻيو ڪير آهي؟ سندس والد هن جي روحاني راز کي سمجھي ويو. کيس سمجھايائين ته جيئن پوشاڪ پائڻ جو رواج آهي، ائين ظاهري علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي، ان ڪري ئي گھڻن جو خيال آهي ته شاهه صاحب پڙهيل ڪونه هو پر شاهه جي رسالي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب وڏو عالم هو. شاهه صاحب سفر ۾ قرآن شريف، مثنوي رومي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو هميشه گڏ کڻندا هئا. رسالي ۾ عربي، پارسي ۽ ٻين ٻولين جي جملن ۽ لفظن کي پنهنجن بيتن ۾ مناسب جڳهن تي سهڻي نموني ڪتب آندو اٿس. ان مان خبر پوي ٿي ته وڏو عالم ۽ گرامر جو ڄاڻو هو. هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
لايو لام الف سين ڪاتب لکن
جيئن، اڻ پڙهيل کي ڪهڙي خبر ته ڪاتب لام ۽ الف گڏي لا ڪيئن لکن ٿا؟ جو خبر ئي نٿي پوي ته لام ڪهڙو ۽ الف ڪهڙو؟ انهيءَ ڪوٽڙي جي علائقي جي امير مرزا مغل بيگ جي ڪُنواري نياني بيمار ٿي پيئي، سيدن تي انهن جو اعتقاد هو، دستور موجب شاهه حبيب کي تعويذ ڦيڻي، ڌاڳي وغيره لاءِ سڏايو ويو. اتفاق سان حبيب شاهه جي به ان وقت طبيعت ناساز هئي. ان ڪري پٽ کي ڦيڻي رکڻ لاءِ روانو ڪيو. مغل نهايت پردو ڪندڙ هئا، مرد ماڻهوءَ کي حويلي ۾ اچڻ ڪونه ڏيندا هئا، سو ڇوڪريءَ کي چادرن ۾ ويڙهي سيڙهي، کڻي ويهاريائون، پر شاهه صاحب جي دل جي اکين سان ڇوڪريءَ کي ڏسي ورتو ۽ مٿس عاشق ٿي پيو، جيئن ئي ڇوڪريءَ جي چيچ ڦيڻي لاءِ ملي تيئن عشق ڄڀيون ڏيڻ لڳو، چوپڻ لڳو ”جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نڪو لوڏو.“ ويو مسيحا ٿي پر پاڻ مرض ۾ مبتلا ٿي موٽيو. لونءَ لونءَ ۾ لالڻ جي لغار لڳي ويس. اندر جي اڌمن ۽ بخارن ڇنڊڻ لاءِ سندس شاعراڻو شعور پلٽجي پيو. ڪَئين پيو بيت چوندو هو، ”عشق ۽ مُشڪ لڪڻ جا نه آهن.“ مغلن جي ڪنن تي جڏهن اهي ڳالهيون پيون، تڏهن اچي ساداتن سان وير رکيائون، ٻئي ڌريون مجبور هيون. هڪ ڌر کي عميقِ عشق، ٻي ڌر کي اڻ لڀ عزت جو خيال. مغلن جي ظلمن هن کي ذرو به نه هٽايو، اٽلندو برهه جي باهه ڀڙڪو کاڌو. دنيا ومافيها جي سمجهه نه رهيس. سرائڪي ۾ ڪو شاعر چوي ٿو ته ”مت عقل دي منجھه گئي، آيا عشق امام“ جھنگلن برن بيابانن ۾ پرين جي ڳولا لاءِ پيو جھاڳندو هو. هڪ طرف جواني ديواني، ٻئي طرف عشق آلانڀا ڪيا، سو شاهه برهه جي باهه ۾ پچي لال ٿي ويو. هاڻي هو مجازي عشق کان هٽي حقيقي عشق ۾ غرق ٿي ويو ۽ پرينءَ کي پسڻ جا پيو جتن ڪندو هو. ڪڏهن قمر کي ڪڏهن ڪانگل کي قاصد ڪري قريبن ڏي موڪليندو هو. جواني جي پيٽرول تي جيڪي عشق جي باهه جا اُلا ڪريا! تن وڏو ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيو، جو ساري سنڌ روشن ٿي ۽ سنڌي ادب جو بهترين باب بڻجي پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ٿيو. لطيف جي ڪري اسان جي پياري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي خوف نڪو خطرو. جوڳين سان جوڳ پچائيندي، گيڙو رتا ڪپڙا پائي، هنگلاج وو، جوڳي فقير بڻجي پوري سنڌ ۾ چپي چپي تي پرينءَ جي ڳولا ڪندي سنڌ جا مشهور قصا ڪهاڻيون ذهن نشين ڪري پنهنجي بيتن ۾ ڏنا اٿس، شاهه جون ست سورميون، سهڻي، سسئي، ليلان، مارئي، سورٺ، مومل، نوري ۽ انهن جي ڪردارن تي روشني وجھي، عورت کي اعلى مقام ڏيئي سنڌ جا رسم و رواج، طبعي حالات ۽ مورڙي ميربحر جا ماڳ پسي، پرينءَ کي پسڻ جي لاءِ تن کي تسيا ڏيئي تڪليفون سهي آخر چوي ٿو ته:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال
مَ ملان هوت، ٽن سالن بعد وري ڪوٽڙي ۾ آيو (موجوده مزار وري هنڌ) هڪ ويران ۽ ڀٽ تي آستانو ٺاهي ويهي عبادت رياضت ڪرڻ لڳو. هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين
هوت کي، اتي ئي معرف ماڻيائين، هر شيءِ ۾ رب جو نور نظر پئي آيس، هڪ هنڌ فرمائي و ته:
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙئين ڪڻس
ڳڙکيون، هي نظارو ڪعبته الله شريف جو چٽي اٿس. ڪعبته الله شريف جي چوڌاري جايون آهن، طواف ڪرڻ لاءِ ٽي منزلون ٺيهل آهن. چوڌاري 94 باب آهن، جنهن به دروازي کان اندر گھڙندا سامهون ڪعبته الله شريف ڏسڻ ۾ ايندو. سُر ڪلياڻ ۾ سالڪ کي سمجھائي ٿو ته: ”الله کي هڪ ڪري مڃين ٿو ته سندس محبوب سان پنهنجي محبت رک. ڪلمون پڙهي اقرار ڪري وري ٻين جي اڳيان ڇو سر جھڪائين ٿو؟“ چوي ٿو ته:
ڪيو مطالع مون، هو جو ورق
وصال جو، انسان کي سمجھائي ٿو ته دوزخ جي باهه کان بچڻ لاءِ هيئن ڪر:
وحده لا شريڪ له چئي چوندو
آءُ، يعني الله هڪ آهي. فرض واجب، سنت، نفل سڀ پورا ڪر، دل سان توبهه ڪري اڳتي گناهن کان پاسو ڪر پوءِ تنهنجا ٻيڙا ئي پار آهن ۽ بهشت جو حقدار آهين. ٻين سُرن ۾ به برن ڪمن کان بچڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، نوري کي نئڙت ڪرڻ، مومل ۽ ليلان کي پنهنجين غلطين جو احساس ڏياري ٿو، سهڻي کي واعدي وفائي، مارئي کي پنهنجي مڱيندي ۽ مارُن جي سڪ، سورٺ ۽ سسئي کي پنهنجن سهاڳن سان سچي رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. سسئي کي سيکاري ٿو ته: هل هنيئن سين هوت ڏي، پيرين ڪرم پنڌ. ليلان کي چوي ٿو ته:
هُنئينءَ گھڻو هوشيار، ڪل به
هيئي ڪانڌ جي، مارئي جي وطن سان محبت جو انوکو مثال ڏنو اٿس ته ادا عمر جي آئون هتي مري وڃان ته به منهنجو لاش ملير ۾ موڪلجو، جي ائين ڪيوَ ته به ڄڻ ته آءُ جيئري مارُن سان ملي آهيان. ”ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“ (شاهه) |
|
|