ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ۽ اسان جون ذميداريون!

موڪليندڙ: حسينا، ڪراچي
e12r12@yahoo.com

                    پنهل ساريو

 اقوام متحده طرفان ڪجھه ڏينهن پهرين سڄي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، هن ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته مادري ٻولي جو هر سطح تي جائزو وٺي قومون پنهنجي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ نه صرف لائحه عمل جوڙي ان تي عمل ڪن، پر پنهنجي ٻولي جي ترقي، واڌاري ۽ مستقبل لاءِ جاکوڙ کي اڃان به وڌيڪ تيز ڪن.

انجيل مقدس جي مطالعي مان پروڙ پئي ٿي ته رڳو ماني ماڻهو جي زنده رهڻ لاءِ ڪافي ناهي، مطلب ته رزق رڳو اهو نه آهي جيڪو پيٽ کي ڀري، ڇاڪاڻ ته پيٽ جو جهنم ته ڪنهن به شي سان ڀرجي سگهي ٿو. رزق ذهني به هجي ٿو ته ثقافتي به هوندو آهي. گڏوگڏ رزق روحاني پڻ آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته انسان ۽ حيوان ۾ جيڪو سڀ کان وڏو فرق آهي، جيڪو ٻنهي کي الڳ ڪري آڻي بيهاري ٿو، اصل ۾ زبان جو استعمال آهي. اسان جي هي پياري ۽ من کي موهيندڙ دنيا انهي ڪري وڌيڪ رنگارنگي ۽ دلچسپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو هتي جيترا خطا آهن، جيترا علائقا آهن، انهن کان به وڌيڪ هتي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، زبان انسان جي حقيقي سڃاڻپ جي اها پهرين سر آهي جنهن تي قوم جي پيڙهه جي تعمير ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن به قوم، گروهه يا لساني ٽولي جي تشخص مان اها سر هٽائي وڃي ته سڄو اسٽرڪچر اچي پٽ پوندو. قوم دشمن ۽ استحصالي قوتون هن وقت انهيءَ بنيادي سر هٽائڻ لاءِ انهي پاليسي تي عمل پيرا آهن ته هو ڪنهن به مظلوم ۽ محڪوم قوم جي قومي سڃاڻپ کي ملياميٽ ڪرڻ لاءِ ان قوم جي زبان کي ختم ڪري ڇڏين. انهي ڪري ڦرلٽ کي جاري رکڻ لاءِ زبان تي راتاها هن دورجي سڃاڻپ بڻيل آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن انگريزي زبان جي گلوبلائيزيشن ۽ اردو جي عالمگيريت وارن انتهائي خوبصورت ۽ وڻندڙ اصطلاحن پٺيان جيڪا معنيٰ آهي، اها هي آهي ته هاڻي طاقتور ۽ رياستي پٺڀرائي وارين زبانن جي اجاره داري جاري رکي ننڍين قومن جي زبانن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا اندر زبانون خاتمي طرف گامزن آهن. اڄ ڇهه کان ست هزار تائين زبانون انسانيت جون ترجمان بڻيل آهن. پر انهن مان تمام گهڻيون آخري هڏڪي کي پهتل نظر اچن ٿيون.

بنيادي طرح زبان ختم ڪيئن ٿئي ٿي؟ انهي سوال جو انتهائي سادو جواب هي آهي ته جڏهن ان کي ڳالهائڻ وارا يا ته پاڻ مري وڃن يا ان جو استعمال ڇڏي ٻين زبانن کي اوليت ۽ اهميت جي بنياد تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏين يا انهن ترقي ڪيل زبانن جي فائدي کان متاثر ٿي انهن جا بي جا اصطلاح ڪتب آڻي پنهنجي ٻولي جي شڪل بگاڙي ڇڏين.

ڪنهن زبان جو موت ڪا معمولي ڳالهه ناهي، پر اها هڪ ثقافت، دنيا جي باري ۾ هڪ راءِ، مقامي علم ۽ ڪنهن قوم يا قوميت يا گروهه جو موت آهي.

1442ع ۾ ڪولمبس جڏهن امريڪا ۾ قدم رکيا ۽ نئين دنيا دريافت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي تڏهن امريڪا جي رڳو ساحلي پٽي ۾ ٽي سو کان مٿي زبانون ڳالهايون پئي ويون، پر اڄ سڄي آمريڪا ۾ 175 ٻوليون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ زنده آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته انهن 175 ٻولين مان اڪثريت اهڙين ٻولين جي ملندي جيڪي ميوزم ۾ رکڻ کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿيون رکن. 1974ع ۾ نيڊ ميڊريل جي موت سان ”مينڪس“ زبان جو موت اچي ويو، ڇاڪاڻ ته هيءَ زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾ هي هڪ ئي ماڻهو بچيو هو. آسٽريليا جي اصلوڪن ماڻهن جي قديم ٻولين مان هر سال هڪ يا ان کان وڌيڪ ٻوليون فنا ٿي وڃن ٿيون. آخرڪار ڪنهن به ٻولي جو فنا ٿيڻ ڌرتي تان سندس وجود جو خاتمو اچڻ ايترو اهم معاملو ڇو آهي؟ شايد انهي ڪري ته ان ٻولي پٺيان هزار سالن جي تاريخ ٻولي سان سڃاپجندڙ ماڻهن لاءِ توڙي انساني رنگارنگي جي لاءِ به هي نه ڀرجندڙ نقصان آهي. عالمي انساني حقن موجب هر انسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي ۽ اهو حق زبان جي ئي توسط سان انسان استعمال ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هڪ گروهه ٻئي گروهه جي زبان استعمال ڪري ۽ پنهنجي زبان ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ختم ٿو ڪري ته ان جي معنيٰ اهو گروهه پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي ٿو. جڏهن ڪا به زبان ختم ٿي وڃي ٿي ته انساني تصور انساني قدر، نظريا ۽ علم جا تمام گهڻا رخ عدم جي واٽ وٺن ٿا.

جيڪڏهن گروهه، قبيلا ۽ قومون پنهنجي ٻولي سان پيار ڪن ٿا، ان جي ترقي ۽ ارتقا تي ڌيان ڏين ٿا ته پوءِ اهي قومون نه رڳو پنهنجي اجتماعي عمر ۾ واڌارو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون.

7 مارچ 1935ع وقت لارڊ وليم برطانوي پارليامينٽ مان هڪ ٺهراءُ پاس ڪرايو ته انگريزي ادب ۽ سائنس کي متعارف ڪرائڻ لاءِ فارسي کي ختم ڪي وڃي. جڏهن فارسي ٻولي کي ختم ڪري انگريزي ٻولي رائج ڪرڻ وارو بل اسيمبلي پاس ٿي ڪري ته اها اصل ۾ لساني سامراجيت طرف قدم رکي ٿي، جڏهن ته فارسي ٻولي مغل دور جي سرڪاري ٻولي هئي. اسيمبلي جي بل جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته انگريزي ادب ۽ سائنس جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن کي انگريزي ريتن رسمن، اٿڻي ويهڻي، اولهه جي ثقافت کان نه رڳو واقف ڪرائجي پر اها هنن مٿان مڙهي سگهجي، ان کي عام ڪري سگهجي.

1947ع واري ورهاڱي کان پوءِ جڏهن پياري پاڪستان ۾ پنجن صوبن ۾ ڳانڍاپي جي نالي ۾ اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليو ته ان وقت به اها ٻولي ڌرتي تي موجود ڪنهن به قوم جي ٻولي نه هئي. ان فيصلي تي سڀ کان شديد اعتراض جيڪو ٿيو، اهو اوڀر پاڪستان طرفان ڪيو ويو ته اهي سڄي ملڪ ۾ اڪثريت ۾ آهن. انهي ڪري بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. ان نتيجي ۾ ٽن ٻولين کي هڪ ئي وقت رائج ڪرڻ جو فارمولا جو ڏنو ويو. جيڪا ٻولي جنهن صوبي جي آهي ان کي علاقائي ٻولي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اردو قومي ٻولي ۽ انگريزي کي سرڪاري زبان قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جا جيڪي دستاويز جڙيا اهي سڀ انگريزي ۾ هئا. انگريزي کي ميڊيم آف انسٽرڪشن طور لاڳو ڪيو ويو. اهڙي روش بنگال ۾ ٻولي لاءِ هلندڙ جدوجهد جي آبياري ڪئي. نيٺ ”گنج شهيدان“ جهڙا واقعا بنگالين کي گهڻ قومي ملڪ کان الڳ ڪرڻ جو سبب بڻيا. لکين بنگالي شاگردن جا جلوس، جلسا ۽ احتجاج سبب ئي 1971ع ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو.

1979ع کان 1988ع تائين مختلف وقتن ۾ جنرل ضياءَ جي فسطائي دور ۾ نه رڳو دهشتگرد تنظيمون جوڙي لساني فسادن جا بنياد رکيا ويا پر اردو ٻولي کي اسڪولن ۾ لازمي پڙهائڻ ۽ مذهبي تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ سان قائداعظم واري سيڪيولر اسٽيٽ جو بنهه خاتمو اچي ويو. مذهبي جنون ۽ انتهاپسندي جا پير پختا ٿيا، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين عذاب هتي جو عوام بم ڌماڪن، ريل گاڏين جي سڙڻ، اونڌو ٿيڻ ۽ بي پناهه ماڻهن جي مرڻ سان سهي رهيا آهن. جڏهن ماڻهن کي مدي خارج نصاب پڙهايو ويندو ۽ مذهبي جنون اڀاريو ويندو ته جهالت گهر ڪري ويهندي ۽ جهالت ئي دهشت ۽ وحشت جو بنياد هوندي آهي.

پاڪستان هڪ گهڻ لساني ملڪ آهي، هتي هر صوبو ڌار وجود رکي ٿو. هتي آبادي جي اڪثريت هر صوبي ۾ ڌار ٻولي ڳالهائي ٿي. ملڪ جي آدمشماري ۾ ٻوليون ڪيترن ئي درجي بندين سان ڳڻيون وڃن ٿيون. مثلاَ مادري زبان ڳالهائڻ، ٻولهائڻ جي زبان، تعليم ۽ تدرس جي ٻولي سڀ کان وڌيڪ اهميت مادري زبان جي هجي ٿي. مادري زبان ماڻهن جي لساني، نسلي ۽ تهذيبي طور جدا سڃاڻپ جو وسيلو آهي. 1951ع، 1961ع، 1972ع ۽ 1981ع وارين آدمشمارين دوران لساني ڳڻپ وارين پاليسين ۽ اصول سازي تحت لساني متڀيد رکيو ويو. ان جو اصل سبب هي هو ته اهڙي عمل سان خاص ٻولين کي شمارياتي رڪارڊن جي حد تائين ئي سمجهي، پر آهستي آهستي اڪيلائي ۾ آڻي بيهارجي. مادري ٻولين وسيلي آبادي جي ڳاڻاٽي سان لاڳاپيل سرڪاري سطح تي جوڙيل پاليسي جي سياسي واقعن ۽ انهن مرحلن کي جيڪڏهن اڳيان رکي خاڪه ڪشي ڪنداسين ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو. مثال طور اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۽ بنگلاديش جي ظهور ۾ اچڻ کان پوءِ آدمشماري مان مادري ٻولي جو خانو ختم ڪيو ويو. 1951ع، 1961ع ۾ سرائڪي ٻولي کي جيڪا اصل ۾ خود هڪ وڏي اڪثريتي ڳالهائجندڙ ٻولي آهي، ان کي سنڌي جو لهجو قرار ڏنو ويو پر پوءِ 1981ع واري مردمشماري دوران پنجاب حڪومت هڪ سرڪيولر ڪڍي ان کي پنجابي ٻولي جو لهجو قرار ڏنو ويو، اها اصل ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙن سان وڏي زيادتي آهي. مادري ٻولي جي بنياد تي ڳڻپ کي ايتري بيدرديءَ سان آخرڪار ڇالاءِ نظرانداز ڪيو ويو؟ 1980ع ۾ انگريزن جڏهن هندستان ۾ پهرين آدمشماري وارو عمل ڪيو ته هنن ان جو بنياد مادري ٻولي تي رکيو پر اسان ڏسون ٿا ته 1972ع ۾ آدمشماري دوران مادري ٻولي وارو خانو ميساريو ويو. 1981ع ۾ مادري ٻولين بجاءِ گهر ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون درج ڪيون ويون. اها حڪومتي پاليسي آهي جنهن سان هنن جي خواهش آهي ته ماڻهو ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجون مادري ٻوليون وساري انگريزي اردو يا ڪنهن ٻئي جي پويان لڳي پون ته جيئن علم، تهذيب ۽ ثقافت ئي ميسارجي وڃي ۽ عالمگيريت جي نالي ۾ قومون پنهنجي زبان تهذيب، ثقافت کان اوپريون ٿي وڃن. اقوام متحده ۽ ٻين اهڙن عالمي فورمن تي قومن بجاءِ لساني گروهه نمائندا بڻجي ڌرتي جا وارث ٿي ويهن. لساني ۽ ثقافتي زيادتيون ۽ ارهه زورايون انهي ڪري ٿي رهيون آهن جو سنڌين ۽ بلوچن جي وسيلن تي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ راڄ ڪري رهيا آهن ۽ هو انهي ڦرلٽ کي مستقل ڪرڻ لاءِ مادري ٻولين لاءِ سازشي گهٽ گهڙي رهيا آهن.

ڳالهه رڳو لساني سامراجيت واري حڪومتي سطح واري ڪردار جي ڪونهي، درحقيقت جيڪا اندر کي ڪوري زخمن تي لوڻ هارڻ واري ڳالهه اها آهي ته اسين پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مادري ٻولي جا دشمن بڻجي بيهي ٿا رهون. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري هن انتهائي تيز رفتار دور سج جي روشني واري رفتار کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي دور ۾ اسان وٽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌي ميڊيا تڪڙا ترقي جا ڏاڪا پار ڪري رهي آهي. خاص طور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان ٽي وي چينل ۽ ايف ايم ڇائجي ويا آهن. موبائل فون، ايف ايم جو وسيع ذريعو بڻجي سامهون آئي آهي. هي ٻئي اهڙا وسيلا آهن جن سان ترقي ۽ ڦهلاءُ انتهائي اهم نموني ڪري سگهجي ٿو. هي بنيادي طرح ارتقائي عمل جو ڪارڻ بڻجي مادري ٻولي کي عالمي حيثيت ڏيارڻ ۾ مدد وٺي سگهن ٿا. انٽرنيٽ پڻ اهڙو ئي اهم نوعيت جو وسيلو آهي. انٽرنيٽ کي وسيلو بڻائيندي سنڌي ٻولي وڏي پيماني تي ترقي ۽ واڌاري ڏانهن گامزن آهي. پر ان جو مستبقل انتهائي شاندار نظر اچي رهيو آهي. اسان جون سنڌي اخبارون ڪاوش، عبرت ۽ عوامي آواز Unicode تي اچي عالمي معيار ماڻي چڪيون آهن. سوين سنڌي ويب سائيٽون گوگل ۾ سرچ ڪري سگهجن ٿيون. سنڌي ٻولي جنهن لاءِ 2003ع ۾ سنڌ نيشنل ڪائونسل جي عالمي انساني حق ۽ سنڌيت ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل صوفي تحريڪ جي سرواڻ سائين احمد مخدوم انتهائي ڏک ۽ تڪليف وچاين اسٽيج تي روئڻهارڪي انداز ۾ نيڻن مان نير وهائيندي چيو هو ته سنڌي ٻولي باقي 75 سال جيئري هوندي، پر انٽرنيٽ تي ابتدائي موٽ ملڻ ۽ ان کان پوءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي نئين نسل سان وابسطه نوجوانن جي جذبي، تڙپ ۽ اتساهه مان مونکي ايئن لڳي رهيو آهي ته اسان جي ٻولي هاڻي هزار سالن تائين پنهنجو مقام ماڻي سگهي ٿي، ان لاءِ وسيع جگري سان وڏي پئماني تي محنت، عقل، فهم ۽ ڄاڻ کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوان ڌرتي ۽ ٻولي سان ڪميٽيڊ آهن ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو آهي ته گڏوگڏ فن کان به مڪمل واقف آهن.

سنڌي ٻولي خلاف هڪ طرف کان لساني سامراجيت جو گهيرو آهي ته ٻئي طرف کان اسان جي بدبختي آهي ته اسان جا پنهنجا ئي ادارا ان طرف ڌيان نه ٿا ڏين جن کي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ بجاءِ سنڌي ٻولي کي سائنسي ٻولي بڻائي عالمي معيار ڏيارڻ لاءِ ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن. جيئن مثال طور ميوزڪ پروگرام جا وي جيز يا آرجيز هجن، يا ڊرامن ۽ ڊائلاگ، اتي هروڀرو يا ته ڌاريا لفظ ملايا ٿا وڃن يا تلفظ جو ڪو خيال نه ٿو رکيو وڃي. مثال طور اسان جي ٽي وي چينل جي فرمائشي پروگرامن جي ميزباني ڪندڙن جي زبان تي جهڙوڪر انگريزي جا اجايا لفظ چنبڙيل هجن ٿا. ”سانگ“، ڊيڊيڪيٽ، انجواءِ، ويلڪم، بريڪ وغيره. جڏهن ته اهڙن اجاين لفظن جي جاءِ تي سنڌي جا انتهائي خوبصورت ۽ سهڻا سلڇڻا لفظ موجود آهن. مثال گيت، غزل جي فرمائش، ڪنهن کي ارپڻ يا ڀليڪار وغيره. وري مٿان ٻيو قهر ٻولي مٿان اهو نازل ڪيو ويندو آهي ته ميزباني ڪندڙ اڪثر عورتون غير سنڌي مادري ٻولي سان واسطو رکندڙ هونديون ۽ اهي اردو کي اڏاري آڻي سنڌي جي زينت بڻائينديون، وري فرمائش ڪرڻ وارا ويچارا عورت سان ڳالهائڻ جي شوق ۾ جانو جرمن واري اردو ڳالهائي خلق کلائن ٿا. جڏهن چينل سنڌي آهي، فرمائش سنڌي ڪلام جي ڪرڻي آهي ته ڳالهه ٻولهه به سنڌي ۾ ٿيڻ گهرجي.

اڄڪلهه جي ممي پپا واري ڪلچر ۾ اسين ”بابا“، ”جيجل“، ”امڙ“، امان، ادي، جيجي جهڙا مٺڙا ٻول وساري ويهون ٿا. ٻي بدنصيبي اها آهي ته اسان جا اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا، پر پنهنجي مادري ٻولي بابت کين ڪا سڌ ئي ڪانهي. انهي کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عذاب جي گهڙي ڪنهن قوم تي اچي جو اسان جا لکيا پڙهيا ڇوڪرا سنڌي ۾ خط لکي نه سگهن!! موبائل تان ايس ايم ايس ڪري نه سگهن، يا مضمون لکي سگهڻ جي ڄاڻ کان بي خبر هجن. انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪڏهن اسين اولاد کي سنڌي ٻولي نه ٿا پڙهايون ته ان جو مطلب اسان پنهنجي ٻولي کي پاڻ کٽائڻ پويان لڳي ويا آهيون. سنڌ ڌرتي خوشنصيب آهي جتي ٻولي جي مٺاڻ منفرد آهي. هتي سنڌي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا، ڪتاب ڇپجن ٿا. اسان وٽ سنڌي ٻولي بابت ادارو به آهي جيڪو ميڊيا جي يلغار سبب بي اختيار محسوس ٿو ٿئي.

انٽرنيٽ ڊجيٽل چينل ۽ يوني ڪوڊ به هي انقلابي قدم ضرور آهن. اهڙا قدم قومن جي تقديرن کي تبديل ڪندا آهن. اسان کي انهن وسيلن کي درست انداز ۾ پراثر طريقن تحت ٻولي ثقافت، تهذيب ۽ تعليم جي واڌ ويجهه جو ذريعو بڻائڻو پوندو. اِهو هر ان ماڻهو جو قومي فرض آهي، جنهن سنڌ جيجل جي ڪک مان جنم ورتو آهي. هر اهڙي ماڻهو جو اهو قومي فرض آهي.

قوم زنده ٿي رهي،
      جي رهي زندهه زبان.

مادري ٻولين جي هن عالمي ڏينهن تي ”سنڌيت“ سڄي دنيا جي سنڌي ٻولي سان وابسطه ماڻهن کي هڪ ڀيرو وري وينتي ٿي ڪري ته اچو ته سنڌي ٻولي کي لساني سامراجيت جي جبر ۽ پنهنجن نادانين سبب آيل عذاب کان بچايون. ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ۽ جاکوڙ جاري رکون، اها ئي هڪ اهڙي واٽ آهي جنهن سان زبان جي ترقي ممڪن آهي ۽ قوم صدين تائين زندهه رکي سگهجي ٿي. اڄ اهو هر سنڌي تي قومي فرض آهي ته هر ڏکي ۽ ظلم جي گهڙي کي منهن ڏيندي پنهنجي ٻولي کي ترقي وٺرائجي اهو ئي هر سنڌي جو هاڻي نصب العين هجڻ گهرجي.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net