گانڌيءَ جو اهنسا وارو نظريو

عبدالواحد آريسر

اڄ جي دنيا ۾ جھڙيءَ طرح ماڪسزم مشهور ۽ مقبول ٿي وئي آهي، ايتري مقبوليت ۽ شهرت سان ته شايد نه، پر دنيا جي گھڻي حصي جي انسانن کي گانڌي ازم، پنهنجي گھيري ۾ وٺي چڪو آهي. اڄ روس ۾ مارڪسي نقطي نظر تي لکجندڙ ڪتابن ۽ بوڪ ليٽن ۾ گانڌي ازم جو ذڪر، وڏي اهتمام سان ٿي رهيو آهي. اڄ زمبابوي جو رابرٽ موگابي چوي ٿو ته، ”دنيا ۾ آءُ هڪڙي ئي شخصيت کان متاثر ٿيو آهيان، سا آهي مهاتما گانڌيءَ جي لافاني شخصيت.“ هن وقت ليبيا جو اڌ چريو پيارو ليڊر، ڪرنل قذافي به پنهنجي تقريرن ۾ بار بار گانڌيءَ کي حوالي طور استعمال ڪندو آهي؛ ۽ قاهرا ريڊيو ته رات ڏينهن ”غاندي“ (گانڌيءَ) جي رٽ لايو ويٺو هوندو آهي. گانڌيءَ کان ڪميونسٽ به متاثر آهن ته غير ڪميونسٽ به. هٿيار بند جدوجھد ۾ ايمان رکندڙ به گانڌي ازم جا قائل آهن، تر پرامن جدوجھد جا داعي، غفار خان ۽ جي ايم سيد به گانڌيءَ جا عقيدتمند آهن. گانڌيءَ کان اديب به متاثر آهن ته سياسي دانشور به. ڪجھه وقت اڳ، ڪجھه ڇڙواڳ ڪميونسٽ گانڌيءَ کي گھٽ وڌ ڳالهائيندا هئا، سي به هن مهلڪ ائٽمي دؤر ۾ گانڌيءَ جي فهم ۽ فراست، انسانيت ۽ امن پسند پاليسيءَ کي ساراهي رهيا آهن. گانڌيءَ 1943ع ۾ چيو هو ته، ”سمورا مهلڪ هٿيار ڇڏي، دشمن جو مقابلو ذهني ۽ روحاني قوت سان ڪريو.“ گانڌيءَ جي اها ڳالهه ٻُڌي، انگريز وائسراءِ بيهوش ٿيندي ٿيندي بچيو هو. پر اڄ پورو يورپ ۽ آمريڪا مهلڪ هٿيارن جي بار هيٺان دٻجي ويو آهي ۽ مغربي انسان ائين سمجھڻ تي مجبور آهي ته ”آءُ اڄ هڪ اهڙي پهاڙ تي ويٺو آهيان، جيڪو آتش فشان آهي ۽ ڪنهن به وقت ڦاٽي سگھي ٿو ــــــــــــ“ ۽ پوءِ جڏهن اهو آتش فشان ڦاٽو ته دنيا جو نه حُسن باقي رهندو، نه ثقافت ۽ آرٽ؛ نه موسيقي باقي رهندي ۽ نه سُريلا آواز؛ نه ڳوريون ڊگھيون آڱريون رهنديون ۽ نه ڪونج جھڙيون ڳچيون. اهڙي وقت، دنيا ۾ هر انسان گانڌي ازم ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي، ته جيئن دنيا جي سونهن، سوڀيا، حُسن، آرٽ، گيت، موسيقيءَ، شاعريءَ ۽ ثقافت کي بچائي سگھجي. ڳورين ڊگھين آڱرين کي ڊائل تي گھمندو ڏسي سگھجي. ڪنوارين جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون رکي سگھجن ۽ معصوم ٻار جي چهري تي مُرڪ جي روشني برقرار رکي سگھجي ــــــــــ ۽ اڄ جو انسان، جيڪو بقول تاجل بيوس: ”صرف پيٽ تي ڪملو پڙهي ٿو“، سو پيٽ تي ڪلمي پڙهڻ لاءِ زنده رهڻ يا پيٽ کي باقي رکڻ لاءِ به گانڌيءَ ازم ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي.

ڪلھه ٻن پهرن جو مون کي پنهنجي پياري دوست رفيق پنهور، گانڌيءَ جي تصوير وارو لاڪيٽ ڏنو. انهيءَ لاڪيٽ پائڻ شرط منهنجو ذهن گانڌي ازم ڏانهن انسان جي ڊوڙ ۽ دلچسپيءَ ڏانهن وڌي ويو. اهو لاڪيٽ پائڻ کانپوءِ مون ائين سمجھيو ته اڄ منهنجي گلي ۾ امن جو اهڙو لافاني گيت آهي، جنهن جي لئه هماليا کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي؛ ۽ اُن امن جي گيت کي ڪڏهن به فنا نه آهي. اهو ڪڏهن مسيح جي روپ ۾، ڪڏهن ابوذر غفاريءَ جي صورت ۾، ڪڏهن ٽالسٽاءِ جي شڪل ۾ ۽ ڪڏهن باقاعدي گانڌي ازم جي صورت ۾ وڄندو پئي رهيو آهي ــــــــــــــ ۽ اڄ اهو دنيا جو سڀ کان پسنديده، مقبول ۽ مشهور امن جو گيت آهي. اهو وقت بنھه جلدي اچي رهيو آهي، جڏهن ڪارخاني ۽ کڏيءَ ۾، کيت ۽ کري ۾، سمنڊن ۽ دريائن ۾، فضئن ۽ خلائن ۾ صرف انهيءَ گيت جي گونجار هوندي، جنهن جي مست ڪندڙ ڌُن تي نوجوان مرد ۽ عورتون، خوبصورت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مست ٿي، انسانيت جي شاندار مستقبل لاءِ رقص ڪندا، پوري انسانيت رقص ڪندي، تاج جا مُنارا رقص ڪندا، ستارا رقص ڪندا، ۽ چنڊ ڌرتيءَ جي ڌوڙ چُمڻ لاءِ لهي ايندو ته، ” اي ڌرتي! مون ۾ جبرئيل ته آهي، پر تون اها خوش نصيب آهين، جنهن کي گانڌي مليو آهي!“

هاڻي سوال هي آهي ته، ” گانڌي ازم ڇا آهي؟“

گانڌي ازم، ڪنهن ڏکئي، پيچيدي ۽ مُنجھيل مسئلي جو نالو ناهي، پر اُهو هڪ سادو سودو، ايشيائي عوام جي مزاج جھڙو صاف فلسفو آهي. گانڌيءَ جي فلسفي کي هتي ڪجھه حصن ۾ ورهائي بيان ڪجي ٿو:

آزاديءَ متعلق سندس نظريو، جنهن کي عام طرح ”عدم تشدد“ يا ”اهنسا“ سڏيو ويندو آهي، ان کي جديد سياسي دنيا ۾ عملي جامو پارائيندڙ مهاتما گانڌي آهي. جيتوڻيڪ گانڌيءَ جو چوڻ آهي ته هن اهو نظريو، حضرت عيسى عه جي پهاڙي وعظ ۽ حضرت محمد صلعم جي مڪي واريءَ جدوجھد مان حاصل ڪيو آهي.

عدم تشدد جو مطلب هيءُ آهي ته توهان هٿياربند طاقت کي پنهنجي اخلاقي ۽ سياسي حڪمت عمليءَ سان شڪست ڏيو. عام طرح سمجھيو ويندو آهي ته گانڌي ازم بدليءَ جو ٻيو نالو آهي، پر حقيقت ائين نه آهي. مهاتما جو چوڻ آهي ته، ”مون کي جيڪڏهن بزدليءَ ۽ تشدد پسنديءَ مان چونڊ جو حق ڏنو وڃي ته آءٌ پڪ سان تشدد پسند ڪندس.“ سندس خيال ۾ اهنسا، بهادريءَ ۽ روحاني طاقت جو اُهو لازوال خزانو آهي، جنهن سان بي هٿيار عوام زبردست هٿيارن کي شڪست ڏئي سگھي ٿو. هن تپسيا جي مختلف طريقن سان اها طاقت حاصل ڪئي، جنهن خوف ۽ بزدلي جو ذرو به سندس جسم ۾ نه ڇڏيو هو؛ ۽ اها ئي اخلاقي قوت هئي، جنهن سندس مُک تي ابدي مُرڪ ڇانئي ڇڏي؛ ۽ هيءُ ساڌو صفت، اڌ اُگھاڙو انسان، هٽلر کي شڪست ڏيندڙ برطانوي سامراج کي هندستان مان ڪاميابيءَ سان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ صرف ٻه مذهبي ماڻهو اهڙا آهن، جن کي عوام جي بي پناهه اخلاقي قوت ۽ حمايت حاصل ٿي سگھي؛ جن مان هڪڙو خميني ۽ ٻيو گانڌي آهي. پر ٻنهي جي اخلاقي قوت ۾ اهو فرق آهي ته ڪاميابيءَ کان پوءِ خميني، ننڍڙي عدالت جي فيصلن ۾ مداخلت ڪندو رهي ٿو، ۽ گانڌي، آزاديءَ کان پوءِ پاڻ کي اقتدار کان هڪدم الڳ ڪري ڇڏيو ۽ ڪڏهن به سرڪاري ڪاروبار ۾ مداخلت نه ڪيائين، سواءِ فرقيوارانه فسادن جي موقعي تي ’مرن برت‘ (مرڻ گھڙيءِ تائين روزو) رکڻ جي.

دنيا ۾ ٽي اهڙا ليڊر ٿي گذريا آهن، جن جي استقبال، انساني تاريخ کي نوان رنگ، ڍنگ ۽ جلوا ڏيکاريا. پهريون صدر سوئيڪارنو، جڏهن سامراجين جي قيد مان آزاد ٿي آيو، اُن وقت پندرهن لک ماڻهن سندس شاندار آجيان ڪئي هئي. ٻيو شيخ مجيب الرحمان، جڏهن پاڪستاني جيل مان آزاد ٿي ڊاڪا پهتو ته ويهن لکن انسانن سندس آجيان ڪئي، ۽ ٽيون خميني، جڏهن جلاوطني ختم ڪري ايران واپس موٽيو ته لکين ماڻهن سندس آجيان ڪئي هئي. پر مهاتما گانڌي، انهن ٽنهي ماڻهن کان عوام ۾ وڌيڪ مقبول هو. پر هن ڪڏهن به استقبال جو اهڙو مظاهرو نه ڪرايو ۽ نه وري هو نمائش جو شوقين ئي هو. دنيا، گھڻي ۾ گھڻو ناصر، لوممبا ۽ گانڌيءَ جي موت تي رُني آهي. پر گانڌيءَ جي موت تي دنيا جي ماتم ثابت ڪري ڏيکاريو ته هيءُ ساڌو صف سياسي رهنما ڪيترو مقبول هو. هُو هميشه ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو ۽ قميص نه پائيندو هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن چاليهه ڪروڙ هندستانين کي پورو لَٽو ملندو، اُن وقت آءُ قميص پائيندس. گانڌيءَ جي ڪم جو هميشه مرڪز ٻهراڙيون رهنديون هيون. هن کي هندستان جي ڳوٺن سان عشق هو. سندس چوڻ هو ته وڏين صنعتن جو شهرن ۾ ميڙ، هندستاني عوام جي ايڪتا ۽ ڀائيچاري لاءِ نقصانڪار آهي. ان ڪري هُو صنعتن کي هلڪين مشينن ۽ گھرو هنرن تائين رکڻ جو حامي هو. سندس جمهوريت جو تصور به عجيب هو. هن هندستان جي موجوده جمهوري سرشتي جي جاءِ تي ’پئنچات سسٽم‘ جو مڃتائو هو.

انهيءَ سلسلي ۾ هن هندستاني ڳوٺن جو سروي ڪرايو هو. اُهو سروي، هڪ ڪتاب ”مهاتما ۽ ڳوٺ“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هندستاني ڳوٺن جو تعداد ۽ سندس جمهوري سرشتي جو تتُ ڏنل آهي. مون کي افسوس آهي جو قيد جي حالت ۾ مون کي اُهو ڪتاب دستياب ٿي نه سگھيو، ٻيءَ صورت ۾ آءُ سندس ”ڳوٺاڻي جمهوريت“ تي لکي سگھان ها. البت ايترو ياد اٿم ته هندستاني ڳوٺن جو تعداد ساڍا ست لک ڏيکاريل آهي ۽ حڪومت جو سرشتو، انهن ڳوٺاڻين پئنچاتن کان شروع ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

گانڌيءَ کان اڳ ”نان ڪوآپريشن، يا عدم تعاون ۽ سول نافرماني، صرف نظرياتي ڳالهيون هيون، جيڪي ڪتابن ۾ موجود هيون؛ ۽ پنهنجي ڪن ڪتابن ۾ ٽالسٽاءِ اهڙا اشارا ڏنا آهن. پر اُنهن ڳالهين کي ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ نقش ڪري، عملي ميدان ۾ انتهائي همت سان آزمائڻ جو سهرو گانڌيءَ جي سر تي سونهي ٿو.

گانڌيءَ هڪ مؤثر هٿيار، جابر قوتن خلاف بک هڙتال جو ايجاد ڪيو، جنهن کي اڄ جي دنيا جا سمورا قومپرست ۽ ڪميونسٽ ليڊر، آزاد توڙي قيدي، انتهائي دليريءَ سان آزمائي رهيا آهن. انهيءَ هٿيار کي قيدين، اسرائيل، ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جھڙن انتهائي آمر ملڪن ۾ استعمال ڪري گانڌي ازم جي ڪاميابيءَ تي تاريخ جي سچائيءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي؛ ايتريقدر جو پاڪستان جا منهاج برنا ۽ رسول بخش پليجي جھڙا، گانڌيءَ جا ڪٽر دشمن به ان کي استعمال ڪري رهيا آهن.

گانڌي ازم هر قسم جي سرحدي جنگ توڙي اندروني جنگ جو سخت دشمن ۽ امن جو پيغامبر آهي. گانڌي پهريون ماڻهو هو، جنهن لارڊ ويول کي چيو هو ته، ”سمورا مهلڪ هٿيار سمنڊن جي حوالي ڪري ڇڏيو.“ هن دنيا کي رت پياڪ بگھڙ جي نه، پر امن جي پکيئڙي جي ضرورت آهي، جيڪو دنيا جي فضائن ۾ مِٺيون ٻوليون ۽ لاتيون لنوندو وتي؛ پر ڪنهن به ڪُنڊ ۾، ڪو به قهري ڪانُ ۽ ڪا به اڻ گس گولي نه هجي، جيڪا محبوب جي وارن جھڙن سندس پرڙن کي زخمي ڪري ڇڏي، ۽ انهن مان ڪوملتا جي بدران رت جا اُٻڙڪا نڪرن ۽ فضا رتوڇاڻ ٿي وڃي.

حقيقت ۾ گانڌيءَ جنهن وقت امن ۽ شانتيءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، ان وقت هن هڪ چالاڪ ۽ مدبر سياستدان جي حيثيت ۾ نه، پر انسان جي هڪ شفيق پيءُ جي حيثيت ۾ ڪئي هئي؛ ڇو ته هڪ پيءُ کي ئي حقيقي خبر هوندي آهي ته سندس سامهون جڏهن پُٽس جي سيني مان رت ٺينڊيون ڪري وهندو آهي، اُن وقت ان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي. اُن پيءُ کي ئي پورو احساس هوندو آهي، جنهن جي ورهين جي ارمانن ۽ آسن کانپوءِ پرڻايل ڌيءُ جي سينڌ مان سُهاڳ جو سنڌور نڪري، ان جي جاءِ تي مٽيءَ ٻُۡڪ پوندا آهن، ۽ جڏهن سندس هٿن کي زور سان فرش تي هنيو ويندو آهي ۽ ان جي ڪَريان ۾ پيل سهاڳ جي نشاني چوڙيون ٽُٽي پونديون آهن ۽ ويچاريءَ جو مستقبل هميشه لاءِ اونداهو ٿي ويندو آهي. ان پوڙهي ماڻهوءَ يک ئي احساس ٿيندو آهي، جنهن جي پُٽن، پوٽن ۽ انسانيت جي ٻارڙن جي پشم جھڙن ڳلن تان مُرڪ جون ريکائون ڳوڙهن جي قطارن ۾ بدلجي، سندن مقدر بنجي وينديون آهن. اهڙي وقت، انسان ذات جي ٻارڙن جي درد کي صرف گانڌيءَ جھڙي انسان جي پاڪ ۽ پوتر دل ئي سمجھي سگھي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گانڌيءَ وٽ هٿيار جي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ دنيا جي سڀ کان وڏي لعنت آهي. هن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو به ان ڪري قبول ڪيو هو، جو آزاديءَ ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ فرقي پرستيءَ جي بندوقن جا مُنهن نه صرف انگريزن خلاف کُلي پون ها، پر اُهي بندوقون، خود ڀارت ورش جي عظيم سڀيتا جي شاندار تصوير ۾ اهڙي باهه لڳائي ڇڏين ها، جيڪا نه صرف اجنتا ۽ ايلورا کي ساڙي ها، پر قرآن ۽ گيتا، رامائڻ ۽ مهاڀارت، شڪنتلا ۽ ميگھه دوت، ويدن ۽ ترجمان القرآن کي به ساڙي ڇڏي ها. اها باهه عائشه جي برقعي ۽ سيتا جي ساڙهيءَ کي به جلائي رک ڪري ڇڏي ها.

اُن کانسواءِ گانڌي ازم نالو آهي، غلاميءَ ۽ آقائيت جي مڪمل خاتمي جو؛ ذات، رنگ، نسل ۽ پيشي جي لحاظ کان انساني ننڍ وڏائيءَ ۽ حقارت جي ديوارن ڪيرائڻ جو. انهيءَ ڪم لاءِ هن (گانڌيءَ) اُتم جاتيءَ جو هندو هوندي، هڪ ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي؛ جتي هُو هر آٽوگراف وٺندڙ عقيدتمند کان ڏهه رپيا وٺندو هو، ته جيئن انهن پئسن مان ان بستيءَ جي اونداهين گھٽين کي نه رڳو بجليءَ سان پر علم، سوچ ۽ سونهن سان مُنور ڪري سگھي.

گانڌيجيءَ کي خبر هئي ته انسان جسم ۾ هر قوت جو هڪ مخصوص خزانو آهي، جيڪو حد کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ سان ضايع ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هن عمر جي هڪ خاص حد کان پوءِ پاڻ تي جنسي فعل جي مڪمل بندش وجھي ڇڏي هئي. هُو نه صرف انهيءَ قوت جي زيان جو مخالف هو، پر ان سان گڏ سندس عقيدو هو ته گھڻي ڳالهائڻ سان انساني دماغي قوتون به زيان ٿين ٿيون. ان ڪري هو هفتي ۾ هڪ ڏينهن ”ڳالهائڻ جو روزو“ رکندو هو. ان ڏينهن هو ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هو. پوءِ کڻي ملاقاتين ۾ جواهر لال نهرو ۽ ابوالڪلام ڇو نه هجن. جن ٻنهي جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته، ”نهروءَ کان آءٌ سياست سکندو آهيان ۽ ابوالڪلام، ايشيا جو سڀ کان وڏو تاريخدان آهي، جنهن کان آءٌ تاريخ پڙهندو آهيان.“ اهڙن ماڻهن سان به هو نه ڳالهائيندو هو. ان جي باوجود روزي واري ڏينهن به ملاقاتين ۽ زيارت ڪندڙن جو ميلو لڳو پيو هوندو هو، جيڪي مختلف سوال پڇندا هئا. گانڌيءَ انهيءَ معاملي ۾ به هندستان جي غريبيءَ کي سامهون رکي، سوالن جا جواب سليٽ تي لکي ڏيندو هو، جيئن هندستان جھڙي غريب ۽ غلام ملڪ جو ڪاغذ ضايع نه ٿئي.

انهن ڳالهين هوند به هو آمر هجڻ جي بجاءِ وڏو جمهوريت پسند هو. جيڪي ماڻهو هن هندستان جي قيادت جي لاءِ پيدا ڪيا ۽ اُڀاريا، سي پنهنجيءَ جاءِ تي علم، عمل، سياست، تاريخ ۽ ثقافت جا هماليا هئا. راجندر پرساد، راج گوپال آچاريا، آچاريا ڪرپالاڻي، جواهر لال نهرو، سردار ولڀ ڀائي پٽيل، ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر ذاڪر حسين، فخرالدين علي احمد ۽ ٻيا هزارين مدبر ۽ مفڪر، جن جھڙا ڪو به ليڊر پيدا نه ڪري سگھيو آهي ـــــــ جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي ته اڄ هندستان جي جمهوريت کي لوڏو به نه آهي.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته گانڌيءَ جھڙي ساڌو صفت انسان، امن ۽ انسانيت جي پرچار لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ بدران سياست جي پُرخار واديءَ ۾ ڇو قدم رکيو؛ جنهن جي نتيجي ۾ هن کي زندگيءَ جا بهترين ڏينهن ۽ راتيون جيل جي اونداهين ڪوٺين جو حوالي ڪرڻيون پيون، جتي هن کان اُهو قلم به ڦُريو ويندو هو، جنهن جي نِب مان امن ۽ انسانيت جي لافاني گيت کانسواءِ ٻيو ڪجھه نڪري ئي نٿي سگھيو؛ ۽ جنهن جي زندگيءَ جو مقصد ئي هو ديشي شين جي واهپي کي فروغ ڏيڻ! ته ان لاءِ هڪ ڳالهه سمجھڻ ضروري آهي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن؛ هڪڙا مصلح ۽ ٻيا انقلابي. مصلح پنهنجي وقت جا بهترين انسان، بهترين قربان ٿيندڙ ۽ بهترين شهادت پائيندڙ ته ٿي سگھيا ٿي، پر انهن انساني سماج ۾ ڪا وڏي ۽ همه گير تبديلي پيدا نه ڪئي؛ ۽ هنن جيڪي چند پوئلڳ پيدا ڪيا، سي انساني سوسائٽي کان ڀڄي، مايا جي موهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، وڃي پهاڙن ۾ بسيرو ڪرڻ لڳا. حالانڪ هن بدنصيب دنيا کي اهڙن جوڳين جي ضرورت نه هئي، جيڪي انسانن کان ڀڄي وڃي جھنگلن ۾ بن واس وٺن؛ پر هن دنيا کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي، جيڪي مايا جي مهاساگر ۾ رهندي به ڪائنات ۾ ڪوئي سڌارو آڻين؛ انسانيت جي چهري تان صدين جي دک جي پيڙا جي دَز کي صاف ڪن ۽ ٻارڙن جي ڳلن تان پنهنجي اکين جي پلڪن سان ڳوڙها صاف ڪن؛ ڪنيائن جي سِينڌ کي زندگيءَ، اميد، آرزوءَ ۽ اُمنگ جي سُرهاڻ سان واسي ڇڏين؛ ڪِريلن کي اُٿارين، سُتلن کي جاڳائين، سرڪشن جي ڪنڌن کي جھُڪائين ۽ مظلومن کي سنئين ڳاٽ هلڻ جو سبق سيکارين؛ بک، بيماري، ڏک ڏولائي، دوکي ۽ دولاب جي خلاف مسلسل جدوجھد ڪن. اهڙن ماڻهن کي انساني تاريخ ۾ ”انقلابي“ سڏيو ويوندو آهي؛ ۽ گانڌيءَ ”انقلاب جو رستو“ اختيار ڪيو، ڇو ته هن ڏٺو ته ويجھڙائيءَ ۾ رشي ٽالسٽاءِ، اصلاح جي ذريعي ڪا ڪاميابي ته حاصل نه ڪري سگھيو، پر سندس موت به بيوسيءَ واري حالت ۾ ٿيو. هيءُ غلط آهي ته انقلاب صرف بندوق جي ناليءَ سان ايندو آهي. ها انقلاب بندوق جي ناليءَ سان به ايندو آهي، پر اُهو فوجي انقلاب هوندو آهي. اهو انقلاب جنرل سوهارتو جو انقلاب هوندو آهي؛ اهو انقلاب جنرل ضياءُ الرحمان جو انقلاب هوندو آهي؛ اهو انقلاب جنرل نيون جو انقلاب هوندو آهي؛ اهو انقلاب جعفر نميريءَ جو انقلاب هوندو آهي؛ اهو انقلاب جنرل ضياءُ الحق جو انقلاب هوندو آهي، اهو انقلاب ايدي امين جو انقلاب هوندو آهي؛ اهو انقلاب شومبي جو انقلاب هوندو آهي؛ ۽ اهو انقلاب جنرل ڊوگروال جو هوندو آهي. اهڙن انقلابن کي انقلاب چوڻ ائين آهي، جيئن طوائف کي سيتا سڏيو وڃي. باقي، ها ڪٿي صحيح انقلاب لاءِ بندوق استعمال ضرور ٿيندي آهي، پر اصلي انقلاب جي چرخي جي تند ۽ بهترين قلم مان جنم وٺندو آهي. ان ڪري ئي گانڌيءَ انقلابي رستو اختيار ڪيو.

هڪ ٻئي سوال تي لکڻ کان پوءِ گانڌيءَ جو ذڪر ختم ڪندس. اهو سوال هيءُ آهي ته پوري ايشيا جي آزاديءَ لاءِ گانڌيءَ عدم تشدد جو رستو ڇو اختيار ڪيو؛ ۽ ان رستي کي هن عقيدي جي حد تائين ڇو قبول ڪيو؟ ان باري ۾ جيتري قدر مون سمجھيو آهي، اهو هي ته تلوار ۽ بندوق (هٿيار) هند واسي، سڪندر يونانيءَ کان وٺي لارڊ ڪلائيو تائين مقابلو ڪندا آيا. هُو يونانين سان وڙهيا ۽ شڪست کاڌائون؛ هُو ايرانين سان وڙهيا، هارايائون؛ هُو عربن سان وڙهيا، رت ۾ ليٿڙجي ويا؛ هو غزنوين سان مُنهن مقابل ٿيا ته سوڀ وڃائي ويٺا؛ هو غورين، خلجين، لوڌين، مغلن ۽ انگريزن سان تلوار بازيءَ، ٻين لفظن ۾ هٿيار بند جدوجھد ذريعي لڙيا، پر ڪڏهن به ديرپا سوڀ حاصل ڪري نه سگھيا، ڀلا، برصغير جي زمين جو ڪهڙو حصو آهي، جتي هن خطي جي واسين جو رت نه وهيو هجي، ان جي باوجود هندستان پنهنجي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ نه ڪڍي سگھيو ــــــــــ ۽ اهو ڳٽ، هن ساڌو صفت سياسي رهنما، اهنسا (عدم تشدد) جي ذريعي پٽي، ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو.

اسان جا اڄ جا ڪي دوست چوندا آهن ته هندستان جي آزاديءَ ۾ اهنسا جي ڪردار کان وڌيڪ دهشت پسندن ۽ پستول بازن جو ڪردار رهيو آهي. جيتوڻيڪ آءُ رواداريءَ ۾ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين مڃيندو رهيو آهيان، ته ڀڳت سنگھه، دت ۽ سباش بابوءَ جي ئي ڪوششن سان هندستان آزاد ٿيو. پر هي ورق لکندي، آءٌ هندستان جي آزاديءَ ۾ بندوق جي ڪردار کي مڪمل رد ٿو ڪريان؛ ڇو ته هندستان جي طويل تاريخ مون کي ٻڌائي ٿي ته ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا، پر غوريءَ جي حملي وقت مهاراجا پرٿوي راج چوهاڻ وٽ ته هاٿين سان تيار بيشمار لشڪر هو، پوءِ به هو هندستان کي بچائي نه سگھيو. غزنويءَ جي حملي وقت سڄي هندستان جي هٿياربند سينا گڏجي به هندستان کي غلاميءَ کان بچائي نه سگھي. اڄ ڪتاب لکيا ويا آهن ”چٽگانگ جا گوريلا“، آءُ انهن حريت پسند انسانن جي جدوجھد ۽ جذبي کي سلام ٿو ڪريان، پر هندستان ۾ لارڊ ڪلائيو جي پيش قدميءَ کي سراج الدوله جي جواني، همت، شجاعت ۽ لشڪر روڪي نه سگھيو، ته هندستان کي ڳاڻ ڳڻيا گوريلا ڪيئن ٿي آزاد ڪرائي سگھيا. ميسور جو شينهن پنهنجيءَ پوريءَ گجگوڙ سان لارڊ ويلزليءَ کي روڪي نه سگھيو.

ممڪن آهي ته اهي جنگيون، دوبدو لڙايون هيون، ان ڪري هندستانين شڪست کاڌي. پر هندستان جي ازاديءَ واري جنگ ۾ گوريلا جنگ وڙهي وئي هئي. ان سلسلي ۾ معلوم هجي ته يورپ جي باري ۾ ته نه، پر ايشيا جي باري ۾ گوريلا جنگ جي تاريخ تمام طويل آهي. مغلن کي ڪڍڻ لاءِ جتي دوبدو لڙايون وڙهيون ويون، اُتي گوريلا جنگيون وڙهيون ويون. راڻي پرتاب سنگھه ۽ شيوا جيءَ جون گوريلا جنگيون، برصغير ۾ حب الوطنيءَ جون بيمثال جنگيون هيون ۽ هٿيارن جي کوٽ به نه هئي، پر ان جي باوجود هندستان هڪ ڊگھي عرصي کان گانڌيءَ جو متنظر هو.

گانڌيءَ کان اڳ صرف ڪجھه هندستاني عورتن جا نالا ميدانِ جنگ ۾ نظر اچن ٿا، پر مهاتما جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ عورتن جي صرف نالن لسٽ تيار ڪئي وڃي ته ان جا ڪيئي جلد تيار ٿي ويندا. گانڌيءَ کان اڳ هندستاني عورت جو ڪمال رڳو انهيءَ ڳالهه ۾ هو ته هوءَ مڙس جي لاش سان گڏ سڙي وڃي، پر گانڌيءَ هندستاني عورت کي ديش جي آزاديءَ خاطر، پوتيءَ کي جھنڊي بنائڻ ۽ رضاڪارانه گرفتار ٿيڻ جو سبق ڏنو. سڄي عوام جي دلين مان ڊپ ڪڍڻ لاءِ رضاڪارانه گرفتاريون پيش ڪرڻ به گانڌي ازم جو هڪ حصو آهي، جنهن کي اڄ پوريءَ دنيا ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.

اڄ مون کي افسوس رڳو هيءُ آهي ته امن جو هيءُ پرستار، جنوري 1948ع ۾ هڪ سنگدل جي گوليءَ جو نشانو بنجي ويو، نه رڳو پاڻ ساري عمر تسڊڊ جي خلاف پرچار ڪندو رهيو، ۽ نيٺ تشدد جو شڪار ٿي ويو، پر سندس ٻه پوئلڳ مارٽر لوٿر ڪنگ جونيئر ۽ ڪمال جنبلات به گولين جو شڪار ٿيا ـــــــــــ ۽ سڀ کان وڏو افسوس هيءُ آهي ته جيڪو شخص (يعني مهاتما گانڌي) عطاءُ الله شاهه بخاريءَ سان محبت ڪرڻ جي باوجود ان ڪري ناراض هوندو هو، جو شاهه صاحب وٽ تشدد جو نشان ڪهاڙو هوندو هو؛ اڄ انهيءَ گانڌي جي ديش ۾ ائٽمي ڌماڪا ٿي رهيا آهن! جڏهن پهريون ڀيرو مون ٻڌو ته هندستان جوهري ڌماڪو ڪيو آهي، ته آءُ ڏڪي ويس ۽ سمجھيم ته اهو ڌماڪو راجستان جي رڻ پٽ ۾ نه، پر راج گھاٽ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سماڌيءَ تي ڪيو ويو آهي؛ جنهن هن لافاني انسان جي پوري تعليم، پوري جاکوڙ، پوري جفاڪشيءَ ۽ تپسيا کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هندستان ائٽمي طاقت آهي ۽ گانڌيءَ جي چرخيءَ جي جاءِ ٽينڪ جيٽ جھاز ورتي آهي. اُن وقت نه معلوم مهاتما جي آتما مان ڪهڙيون آهون نڪريون هونديون! هُو جيڪڏهن اڄ زنده ٿي، هندستان جي حالت ڏسي ها ته يقينن آپگهات ڪري ها. گانڌي امن ۽ انسانيت جو ٻيو نالو آهي.

(عبدالواحد آريسر جي جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ تان کنيل)


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net