امان! پر ڌيان ڪير ٿو ڏي؟

ظفر ڪاظمي

ڀليا آهن ڀوڪ؛
        سنڌو ته لڌي آهي پر سنڌي ڳوليو؟

سچ ته هي آهي ته سنڌي قوم پرستي کان نا آشنائي، ئي سبب آهي اڄ جي سببن جو! اڄ سنڌ جي قوم نوانوي ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي آهي! هر ذات جون ايسوسيئيشنس ٺهي چڪيون آهن ۽ هر ڪا ايسوسيئيشن سنڌ جي سياست کان ناآشنا ۽ پنهنجي پنهنجي من مستيءَ ۾ مست آهي، حالانڪه سواءِ سيدن، مغلن، دُرانين، صديقين، قريشين ۽ انهن مٺ ڀر ذاتين جي جيڪي بنيادي طرح اصل نسل غير سنڌي چئي سگھجن ٿيون، باقي هن ڌرتيءَ جون ڌڻي ٽه سماٽ قومون آهن.

انهن سماٽن ئي هن ڌرتيءَ کي پنهنجي امڙ سنڌوءَ کي ڇورو ڪيو آهي، جيڪا تاريخي حقيقت آهي. سنڌ، اڄوڪي سنڌ جي نقشي ”کاري بسڪيٽ“ جي شڪل جيتري ته نه هئي! اڄوڪي سنڌ جي عمر ڏيڍ سؤ سال به ڪانهي.

ڪنهن به خطي جي جاگرافي، ڌرتيءَ جي بيهڪ سان ئي شڪل وٺندي آهي، سنڌ جي قديم جوڙجڪ ئي سنڌ جي قوم جي تاريخ آهي. اڄ به جيڪر هن قوم جي ذاتين کي، اصل نسلن کي ٿو ڏسجي ته سنڌ ۽ پنجاب بلڪه صوبه سرحد و بلوچستان مطلب سڄي پاڪستان جي آدم شماريءَ مان اسي فيصد باشندا سڀ سماٽ قوم جا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ ڦهليل آهن، سمان، سماٽ، سومرا، راجپوت.

گھٽ صاحبن کي خبر هوندي ته انگريز سرڪار اڄوڪي ننڌڻڪي صوبي سنڌ جي نه جيالاجي سروي ڪري سگھيا، نه آرڪيالاجي سروي پوري ڪري سگھيا، ڇاڪاڻ سنڌ ۾ هنن کي ايڏي وڏي جاکوڙ ڪرڻ جو وقت ئي نه ملي سگھيو.

امان! پر ڌيان ڪير ٿو ڏي؟

جيڪا آرين کان اڳ زبادا نديءَ جي کاٻي کان وٺي اڄوڪي بلوچستان جي مغربي حدن تائين هئي، ڪابل ۽ ڪشمير به سنڌ جا حصا هئا. ائين چئجي ته حيدرآباد دکن، بمبئي ڪاٺياواڙ مارواڙ سڄو راجسٿان دهليءَ کان مٿي تائين سنڌ هئي، انهيءَ جو ثبوت آثارِ قديمه جا ثبوت آهن.

آخري، موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان جيڪي شيون لڌيون آهن، انهيءَ قسم جا ڪئين ثبوت انهيءَ پاسي جي قديم آثارن مان ملي چڪا آهن. جن خطن کي شاهه لطيف ڳايو آهي! افسوس جھڙي ڳالهه سڄي پاڪستاني قوم لاءِ اِها آهي ته پاڪستان بل خصوص سنڌ اڄ تائين آثارِ قديمه يا جيالاجسٽ پيدا ئي ڪونه ڪيا آهن ۽ جي ٿورا ڊگرين جي ڊگھن پُڇن وارا هٿ ٺوڪيا آهن ته اُهي شوڪيس ۾ ٿري پيس وارا. پيٽ خاطر اسان جي علمن جي ابن جيڪا هيستائين تحقيق ڪئي، سا به صرف ڪٻٽن ۾ سڙيل ڳريل ڪتابن جي، ڪو به ڪاڪي ڀيرومل ۽ مولائي شيدائي جي عملي تحقيق کان ٻاهر نه نڪري سگھيو، سلام وري به رائچند هريجن کي جنهن تاريخِ ريگستان لکي ڪئين گس پيچرا پڌرا ڪيا. غضب اِهو ٿيو ته هنر!، جن جي حوالي سان سنڌ دنيا ۾ سڃاتي ٿي وئي، انهن هنرن کي به ٻاهرين جي نالن سان نوازي وڌيڪ مونجھارو پيدا ڪيو ويو. موهن جي دڙي مان ڇُريون، ڪانٽا، چمچا، ڏويون، ڦڻيون، آئينا سڌريل سڀيتا جا سوين ننگ انگ مليا، ڪاشيءَ جا ٿانوَ به مليا، پر تحقيق وارن لکيو ته ڪاشي ڪاشان مان آئي. چنگيز خان چين مان اِهو هنر ايران ۾ آندو، ڪاشان شهر جي ڪري انهيءَ هنر کي ڪاشي سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح ڪٻٽن جي ڪتابن جي ڪٻاڙين لکيو ته ريشم چين کان هتي آيو ۽ دنيا ۾ ڦهليو، تاريخ جي چڱن لکيو ته سنڌ جا ماڻهو سڪندرِ اعظم جي ڄمڻ کان به اڳ ريشم ڪرڻ جو وڏو واپار ڪرڻ وارا ماڻهو سڏيا ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ دوارڪا کان وٺي سڄو لاڙ ملڪ ريشم جي اُپت ڪندو هو. عقل جي انڌن چورن لٽيرن ڦورن وحشين کي مانُ ڏنو. چي آريالوڪ سڌريل هئا، ماتم ڪرڻ جو مقام آهي. جيڪي ماڻهو پراوَن ملڪن تي هُلان ڪن، انسانن جون بستيون تباهه ڪن، انهن کي سڌريل چئجي! اهڙن عاقلن کي ڪهڙن لفظن سان نوازجي. شابس انهن انسانن کي ڏجي جن ڌرتيءَ جو مان رکي،ا نسانن جي شاندار ماضيءَ جي نروار ڪري عظمت بخشي ۽ سنڌوءَ جو شانُ ۽ مانُ وڌايو.

قديم تاريخِ سنڌوءَ کي ”امرتا“ سڏي مانُ ڏنو، انهيءَ امرتا سنڌو جي شان ۾ ”ويدَن“ ٻاويهه ڀاڱن ۾ قصيده لکيا آهن، سنڌوءَ کي زندگيءَ جي علامت سمجھيو ۽ رب جي رحمت جو انعام سڏيو.

اڄ اها سنڌو مذهبي سياست جي ورهاڱي جي ڪري اڌ ٿي چڪي آهي، باقي سياسي صوبن جي نذر ٿي چڪي آهي، هڪ گھر ۽ قوم جا سماٽ سي هزارين قومن ۾ وکرجي چڪا آهن ۽ هيڏي وڏي هاڃي کان پوءِ به جھمر هڻي رهيا آهن. شاهه سچل سامي ته وسري وڃن پر اياز جي لکيل سنڌين جي سورن جي صدا ”ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙا مارو اڪيلڙا“ تي هنڀوڇيون هڻي واڇون وڌائي ڊسڪو ڪري تاڙيون وڄائي پنهنجي ساڃاهه جا ثبوت ڏئي رهيا آهن.

امان! پر ڌيان ڪير ٿو ڏئي!

”سنڌيالاجي“ جي سلور جوبلي جي موقعي تي ٿيل سيمينار لاءِ هڪ مقالو لکيو هيم، جيڪو اُتي پورو پڙهڻ لاءِ وقت نه هو، اتي صرف ايترو چوڻو پيو ته ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ڪجي! ڇاڪاڻ ته ”سنڌيالاجي“ تاريخ جي حوالي سان قديم تاريخ ۽ تمدن جو آئينو ڪِرڻو آهي، خاص ڪري ريسرچ جي حوالي سان پر سنڌيالاجي ”سورس مٽيريل آن سنڌ“ ڇاپي چڪي هئي، تنهن جي ڪري ضروري سمجھيم ته جيڪي ڪجھه انهيءَ حوالي سان مان ڄٽ بنان ڊگھي پُڇ جي پياري سنڌ جي حوالي سان پنهنجي جاکوڙ سان سنڌ جي لکيل، سنڌ تي لکيل ۽ سنڌ جي ڪٻٽن ۾ اڏوهي کاڌل ڪتابن ۽ نادار پاڻ پاڏائڻ وارن محققن لکيو آهي انهن کي وڏيڪ ڪجھه نسخا خوراڪ ڏيان، پر ڪنهن کي اها ڳالهه نه وڻي.

اڃا مس اهو سور لٿو ته ڀوڪن اچي سنڌين کي سوڙهو ڪيو ۽ ڪئين ڪتاب رسالا مضمون لکي، باقي رهيو سَهيو نور نچوڙڻ شروع ڪري ڏنو، سنڌين ۽ سنڌو جي سار ته سائين لهي، شاهه سچل سامي ته سورن ۽ سڏڪن ۾ آهن، اياز ”۽“ امر ”سراج“ جيڪر حڪيم لقمان هجن ها يا هن جي اوبر کاڌل هجين ها، ته شايد نور نچوڙيل تحريرن کي غيرت ۽ ايمان عقل جون گوريون ۽ انجيڪشن ايجاد ڪن ها ۽ استعمال ڪري ڪلراٺيءَ مٽيءُ جي ماڻهن کي جاوَدان ڪن ها، پر اهو به مالڪ کي منظور نه ٿو نظر اچي.

نياز همايوني جي ”ملڪي، شمشير جي ”لاٽ“، حميد سنڌي جي ”روح رهاڻ“ رديءَ ۾ ڪٻاڙي وڪڻي رهيا آهن.

امان! پر ڌيان ڪير ٿوڏي؟

افسوس آهي ته جن کي هن ڌرتيءَ جنم ڏنو، تشخيص ڏنو، دين ڏنو، ٻولي ڏني، پناهه ڏني اُهي ئي برڪت ڀريءَ سنڌ کي ڏنڀ ڏئي پنهنجن محترم بزرگن کي رسوا ڪري رهيا آهن. باب الاسلام ۾ دين جا دڪان کلي چڪا آهن، جيترا دڪان آهن انهن کان وڌيڪ سنڌ جي سماٽن جون ايسوسئيشنس روز بروز جنم وٺي رهيو آهن، اڪيڊميون کلي رهيون آهن ۽ هر ڪو هڪ ٻئي ته مار ۽ وار ڪري رهيو آهي. ساڳيو حال سياسي رهبرن جو آهي جيڪو ٿو گھران رُسي سو معتبر ٿيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پڏائي سستي شهرت ۽ شر کي شان ڏئي رهيو آهي. هاڻ نالا کُٽي پيا اٿن باقي ڪرڙ، ٻٻر، ٽوهه، ڪانڊيرو ايسوسيئيشن جو انتظار هئڻ کپي. هٿ ٺوڪيون جيڪي به اهڙيون رجسٽرڊ تنظيمون نه هجن، صحافي ۽ دانشور، علمائن اديبن کي اهڙين تنظيمن کان پري رهڻ گھرجي. ڏسجي ٿو ته سياسي رهنما جيڪي سياسي بليڪ ميل جو رڪارڊ هر حڪومت ۾ استعمال ڪري پنهنجا ذاتي مقصد حاصل ڪري هِرکي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهيا آهن، اهي ئي انهن لٻاڙين جا ساٿاري آهن ۽ هر ڪا حڪومت هنن جي نمائنده ڏسجي ٿي.

امان! پر ڌيان ڪير ٿو ڏي؟

ڌرتيءَ جي ڌنوانن کي اها به خبر ڪانهي ته ڪو سنڌوءَ جي سهڻي سدوري سندر سڀيتا ته ساري عالم کي ڏني پر هن ڌرتيءَ سون ۽ هيرا به ڏيکاري هِرکايو، تڏهن ته سُڌريل سڪڻا بکيا آدم خور، چنگيزي گورنا، واٽيڪنگس هن ڌرتيءَ تي ڌُوتا ٿي ڌَن جي لوڀ ۾ ٽن هزار سالن کان لٽڻ شروع ڪيو ۽ اِها لُٽ ڦر استحصال اڃا تائين جاري رکيو اچن.

عجب علم وارا آهن عالم اڄوڪي عالم جا!


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net