|
ٻئي ڪنڌيون
مهراڻ جون |
|
سرويچ سجاولي |
واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون
چمن،
سَوَ سَوَ منجھس پوکون پچن؛ واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو
جِتي جا
محبتي
، سورهيه
سگھارا
صحبتي،
سڀ مرد
مايون
محنتي
۽
قول تن
جا
قيمتي.
ويهي
رُڳو واکاڻجن؛
ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جِت
جيڏڙيون
جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار
ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا
پَسجن
جُو به
جُو
، سرهاڻيون
پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي
دُو به
دُو ؛
تان ڄڻڪ
حورون
هُو به
هُو.
سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون
مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
سُرما
وجھي
، ڏيئي
ڦڻيون
، پاڻِي
ڀرڻ
لاٰءِ
پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي
لَٿون
ڪن وينڊڙا
، سر
تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا
پاڻيءَ
گھڙا
، ڪن
ڪڇ تي
ڪن ٻيلهڙا.
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ
جون،
جنت الفردوس
آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن
چرن،
يا ساز
ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روھ تان برفُون ڀرن،
يَا گيت
پيو ڪو
ڳائجي
، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر
پئي ٽڪرائجي
، يَا
ڪنوار
پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليوُن مَهراڻ
جون،
جنت الفردوس
آهن
، ٻئي
ڪنڌيون
مهراڻ
جون.
خوش ٿِي کٿيرِيون جي کِلن، تان مَاڻڪن جَا مڻ
مِلن،
جي ٽول
پائِي
ٿِيوُن
ٽِلن
، تان
ساڙ ۾
ڊيلَون جَلن،
هو ديس تان گھوريُون گھُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هو ديس
جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن،
شل جيئنديون ٻئيِ جُڳ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ
جون،
جنت الفردوس
آهن ،
ٻئي ڪنڌيون
مهراڻ
جون.
ڳڀرو
اَچن ڳاٽن
سان جت
، ڏوٿي
اُڀن ڏاٽن
سان
جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت،
۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن
سِي اجرڪون
، ٽوپين
تي موتِي
۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن،
ٿا سرءَ
جون لاهين
سِڪُون.
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين
اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جن
جا جنگي
۽ جوان
پُٽ ،
ڳاڙها
جيهاَ
حُلواڻ
پُٽ،
رانديون ڪُڏن
رت ساڻ
پُٽ ،
سرويچ
پُٽ
سرواڻ پُٽ،
هڪ هڪ سندا هيڏا سيني سَپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهُون ڇَپر،
هڪ هڪ سنديءَ مستيءَ ۾ ڏس، تُون مَستيُون
مهراڻ جون،
جنت الفردوس
آهن
، ٻئي
ڪنڌيون
مهراڻ
جون.
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|