|
آءُ تنهنجو ڏوهي
آهيان اي وطن! |
|
نياز همايوني |
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون سچيءَ دل سان نه تنهنجي واسطي سوچيو ڪڏهن،
جيڪڏهن سوچيو ته پنهنجي لاءِ ئي سوچيو سدا،
۽ ائين ئي پنهنجي ڪارڻ آھ مون لوچيو سدا،
پر نه ڀُلجي ڀي ڪٿي تو لاءِٰ مون لوچيو
ڪڏهن.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪئي دعوا ته تو تي، جان ڀي قربان آھ،
جانِ ڇا هي، مال ڀي اَملاڪ ڀي صدقي ڪندس،
حُب تنهنجي لئي چيم : هيءَ دين ۽ ايمان آھ،
تو مٿان ڌرتي ته ڇا، اَفلاڪ ڀي صدقي ڪندس.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو عشق آھ مون کي تنهنجي آزاديءَ سان،
تنهنجي خوشحاليءَ جا مان خواب لهندو ٿي رهيس،
جنهن به ظالم ويرُ پاتو ، تنهنجي آباديءَ سان،
تنهن جو سِر کڻندس، قسم اُن لاءِ کڻندو ٿي رهيس.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو هي ڪنڌ جھُڪڻو ناھ ڪنهن جابر اڳيان،
۽ نڪي سودو ڪندس پنهنجي اُصولن جو ڪڏهن،
سر تي آئي ته به نه ٿيندس سانت ڪنهن آمِر اڳيان،
ڇا به ٿي ، اِنسان ڪوڙو ٿي نه قولن جو ڪڏهن.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ ٿو دل کولي ڪريان اظهار تو سان اي وطن،
منهنجي تو سان ڪا مُحبت، ڪا سچائي ڪانه هئي،
مون ڪيا جي قول ۽ اقرار تو سان اي وطن،
تن جي اصليت ۾ ڪا ، لائي سجائي ڪانه هئي.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
وقت جئن بدليو، هوائن جا به رُخ بدليا تيئن،
مان به سانڊي وانگ ڪيئي رنگ بدلائڻ لڳس،
ڪوڙ تي ڀاڙي ڇڏيم، ڪَو سچ کان کائڻ لڳس،
وقت جي جئن وَهڪ هئي، ويچار ٿي اُٿليا تيئن.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
منهنجي خود غرضي مون کي گھِلي وڌو اوڙاھ ۾،
خواهشن کي بُت بڻائي آءُ پوڄيندو رهيس،
مُشڪلون آسان اِتان ٿينديون، هي سوچيندو رهيس،
پنهنجو ٻوٽو ٻارجي ، ڀل ٻيا پون آڙآھ ۾.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪيو قربان پنهنجو پاڻ، ڪوڙي شان تان،
آئڙي دل سان نه آزادي اُها ڇڏڻي پيم،
پر غلامي راس آئي، جنهن سان لِڇ ڳنڍڻي پيم،
ريس پنهنجو پاڻ تي آئي ٿي اِهڙي مانَ تان.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون جھُڪايو ڪنڌ پنهنجو هير جي جابر اڳيان،
۽ اصولن تي وڃي سودو ڪري سرهو ٿيس،
هي ڪڌو ڪم هو تڏهن ڀي ڪين مان ارهو ٿيس،
سانٿ ٿي وئي منهنجي عزت وقت جي آمر اڳيان.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ به ناهيان ماٺ ساڳي هام هڻندو ٿو رهان،
هي رُٺل ماحول دُلبي ساڻ سرچائڻ جي لاءِ،
اي وطن مان تنهنجو آهيان، تو تي مرندو ٿو رهان،
هيءَ به هڪڙي کيڏ آهي شرم پرچائڻ جي لاءِ.
آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|